ڪوتا جِي ڪَلا

ڪوتا جِي ڪَلا ارسطو جي جڳھ مشهور ڪتاب پوئٽڪس جو ترجمو آهي، پوئٽڪس معنيٰ ” شاعري جو فن “. چيو وڃي ٿو تہ ارسطو جو هي جڳ مشهور ڪتاب دنيا ۾ مجموعي طور سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، هن ڪتاب جو موضوع تنقيد آهي، تنقيد بہ اُها جيڪا شاعري سان لاڳاپيل هجي، هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ الائي ڇو اهو احساس ٿي ٿو تہ هن ڪتاب جي واقعي سنڌي ادب کي انتهائي درجي جي گهرج هئي جيڪا گهرج اسان جي هن نوجوان پياري ڀاءُ شاعر احمد شاڪر پوري ڪئي آهي …!

احمد شاڪر سان ادبي لڳاءُ گهڻن ڏينهن کان دل ۾ موجود هو، سندس شاعري کي پڙهڻ کان پوءِ ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ من مادو هو. ڀلو ٿي انهن سڀني مهربانن جو جن ٻيو خيرپور لٽريچر فيسٽول جيم خانہ خيرپور ۾ منقد ڪيو، اتي احمد شاڪر سان ملاقات ٿي ۽ سندس هي انمول ڪتاب مطالعي لاءِ نصيب ٿيو…!

ارسطو جيتوڻيڪ فلسفي جي تعليم سان گهڻو واڳاپيل هو ان لاءِ هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي اهو محسوس ٿي ٿو تہ ارسطو شاعري تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ ڄڻ پنهنجو ڪو فلسفو ٻڌائيندو هجي مثال طور سندس هي لفظ:

شاعري جي اصل جڙ ۽ ان جي ارتقا:

شاعري جي تخليق اصل ۾ ٻن سببن جي ڪري ٿيندي آهي. اهي ٻئي سبب انساني فطرت سان سلهاڙيل آهن. نقل ڪرڻ جي جبلت انسان ۾ ازل کان موجود آهي. هُو ٻي مخلوق کان ان لاءِ مختلف آهي تہ هُو سڄي مخلوق مان سڀ کان گهڻو نقل ڪندڙ آهي ۽ هُو پنهنجو ابتدائي سبق نقل ذريعي ئي سکندو آهي.

(صفحو نمبر 26) 

انساني جبلتن جو ذڪر ڪرڻ ۽ انهي سان گڏوگڏ وري سندس نقل ڪرڻ واري فطري عمل تي روشني وجهڻ يقينن اهو سڀ ڪجھ هڪ فلسفي دماغ ئي ڪري سگهي ٿو. بر حال ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ ڪاميڊي جو آغاز، وير ڪٿا، ٽريجڊيءَ جي تعريف، پلاٽ جو ڳانڍاپو، شاعراڻي صداقت ۽ تاريخي صداقت، سادو ۽ پيچيدو پلاٽ، تنسيخ، انڪشاف ۽ مصيبت، خوف و ترس، انڪشاف جا مختلف قسم، خيال ٻولي ۽ بيان، ٻولي، بيان ۽ چوڻ جو ڏانءُ ۽ آخر ۾ تنقيدي اعتراض ۽ ان جو جواب بہ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو…!

احمد شاڪر جيتوڻيڪ بنيادي طور شاعر آهي ۽ سندس شاعري پڙهندڙن جي دل وٽان هوندي آهي. سندس لکيل غزل هجن يا وري نظم، سڀ جا سڀ شاهڪار هوندا آهن، سندس مٿان ڏات ايتري قدر مهربان آهي جو هن ٿوري ئي عرصي ۾ ٻن ناياب ڪتابن جا ترجما ڪيا آهن. هن ڪتاب کان علاوه سندس ترجمو ڪيل هڪ ٻيو ڪتاب ” دنيا جون عظيم فلسفي عورتون“ نالي ڪتاب بہ مارڪيٽ ۾ موجود آهي…!

ترجمي جو ڪم پنهنجي حصي ۾ کڻڻ يقينن هڪ وڏي درياھ دلي جو مظاهرو آهي، سنڌي ادب ۾ شاعر هجڻ سان گڏوگڏ مرتجم ٿيڻ بہ هڪ وڏي اعزاز جهڙي ڳالھ آهي. احمد شاڪر لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو تہ هُو مستقبل ۾ سنڌي ادب جو هڪ چمڪندڙ ستارو ثابت ٿيندو سندس ڏات گهڻن ئي اونداھ ذهنن ۾ روشني پهچائڻ جو سبب بڻجندو…!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي