Posts

Showing posts from September, 2021

ڇا ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ اسان جو ڏوھ آهي

Image
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ هي اُها واحد سياسي جماعت آهي جنهن جا اڳواڻ هر دفعي اليڪشن مهل پنهنجي مجموعي ڪارڪردگي ٻُڌائڻ جي بجاءَ اها ڳالھ ورائي ورائي ڪندا آهن ته:”اسان ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن“. حالانڪ جيڪڏهن حقيقتن جي بنياد تي ڏٺو وڃي ته جن ماڻهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ نوڪريون مليون آهن يا جن کي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي پنهنجي جائز مطالبات جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي ياترا به هي ئي حڪومت ڪرائي ٿي. سنڌ جي تعليم جي تازي صورتحال کان ته هر ڪوئي باشعور ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو واقف آهي. تنهن جي باوجود بقول پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي جن ماڻهن کي هي ميرٽ تي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي ائين بي يار و مددگار ڇو ٿا ڇڏي ڏين. گذريل هفتي اُستادن جي ڀرتين لاءِ سکر آيَ بِي اَي وسيلي جيڪا ٽيسٽ ورتي وئي. اُن سنڌ جي تعليمي نظام متعلق کوڙ سارن نون سوالن کي جنم ڏنو آهي. ميرٽ کي بنياد بڻائي سموري سنڌ جي نوجوانن جي لياقتن ۽ قابليتن جو ڏيوالو ڪڍڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کيرون لهي. هن ٽيسٽ کانپوءِ جيڪي انگ اکر سامهون آيا آهن. اُهي نه ئي ڪنهن مع

ڪتاب:”ميراث ميرواھ“ جو تنقيدي جائزو

Image
ٺري ميرواھ تعلقي جو شمار، ضلعي خيرپور ميرس جي اهم تعلقن ۾ ٿئي ٿو. هن تعلقي جا ماڻهوءَ فنون لطيفه کان وٺي زندگي جي هر هڪ شعبي ۾ هميشه اڳڀرا رهيا آهن. علم ۽ ادب جي حوالي سان به هتان جي ماڻهن ۾ ساڃاھ ٻين علائقن جي ماڻهن کان سرس آهي. تازو ئي اُستاد عبدالخالق شر صاحب جو ڪتاب”ميراث ميرواھ“ ڇپجي ڪري پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب تاريخي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي ڇو ته هن ڪتاب ۾ سرسري طور ميرواھ تعلقي جي تاريخ تي روشني وڌي وئي آهي. ڪنهن به علائقي توڙي ماڻهوءَ جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد/تاريخ کي واقعي به واقعي قلمبند ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. تاريخ هڪ اهڙو ته نازڪ موضوع آهي جيڪو لکندڙ کي هڪ نقطي جي ڦير گير سان لفظ ”محرم“ مان ”مجرم“ بڻائي ڇڏيندو آهي. جيئن ته اُستاد عبدالخالق شر صاحب پنهنجي زندگي جو گهڻو عرصو تعليم کاتي سان وابستگي ۾ گذرايو آهي. تنهن ڪري هر هڪ شعبي جي ماڻهن سان سندس سُٺا تعلقات رهيا آهن. پاڻ نه صرف هڪ سُٺا اُستاد ٿي رهيا آهن بلڪ سندس شخصيت ۾ انتظامي حوالي سان به کوڙ ساريون خوبيون موجود آهن. مون هي ڪتاب ڪجھ ڏينهن پهريان لغاري بڪ اسٽور تان خريد ڪيو آهي. مون کي جيئن ئي هن ڪتاب جي اشاعت جي خبر پ