Posts

Showing posts from April, 2019
Image
پيـارا نجـف علـي ! هي اُنهن ڏينهن جي ڳالھ آهي. جڏهن اڃا مون کي سنڌ  بابت توڙي مجموعي طور دنيا جي ڪم ڪارن بابت شعور نه هئو ۽ نه ئي اِها خبر هوندي هئي ته موسيقي جي دنيا ڇا ٿيندي آهي. بس ٻالڪپڻ جا شروعاتي ڏينهن هئا. موسيقي سان منهنجي گهڻي چاھ هوندي هئي. واندڪائي ۾ ويٺي موسيقي سان دل وندرائيندو هيس ۽ محبوب سان پي تصور ۾ ملاقاتون ڪندو هيس. هن تصورن ۾ محبوب کي ڪي ڏوراپا به ڏيندو هيس ته وري سندس سونهن جي تعريف به ڪري وٺندو هيس. منهنجا تصور خالي تصور ئي هوندا هئا. ليڪن جڏهن وري توهان جي ڳايل گانن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو ته اُنهي مهل سڄو تصوراتي دنيا ئي تبديل ٿيڻ لڳو. توهان جي ڪلامن کي ٻڌئڻ کان پوءِ آءُ تصوراتي جهان ۾ رهڻ جي بجاءِ گاني جي هر هڪ بند توڙي مصري تي فڪر ڪرڻ لڳندو هيس. توهان طرفان ڳايل شاعري جو هڪ هڪ لفظ مون کي سوچن جي ساگر ۾ وٺي ويندا هئا. تن ڏينهن ۾ ڪيسٽن جو جهان هو. مون جئين تئين ڪري توهان جا ٻه ٽي ڪيسٽ خريد ڪيا هئا. جن کي فرصت مهل ٻڌي وٺندو هيس ۽ هر دفعي ٻڌڻ کان پوءِ ڪي ئي ساعتون سوچن ۾ غم ٿي ويندو هيس. وري اڳتي هلندي. اوهان جا گانا سنڌي چينل ڪشش تي ٻڌڻ ل

شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ احتجاجن جي موسم

Image
دنيا جا تعليمي ادارا هر روز نت نوان تجربا ڪري نوان نظريا ۽ خيال پيش ڪن ٿا۽ ترقي جا ڏاڪا چڙهن ٿا. انهن جي بنسبت اسان جون درسگاهون هر روز جديد ٿيڻ بجاءِ قديم ٿينديون وڃن ٿيون.  هر سال هزارين شاگرد هتان پاس ٿي ڪري روزگار جي تلاش ۾لڳي وڃن ٿا. جڏهن ته هر سال مارڪيٽ جي وڌندڙ ڊمانڊ جي نتيجي ۾ داخلائن جي تعداد ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. ان ڪري اهو لازم آهي تہ نون ايندڙ شاگردن لاءِ محدود وسيلن جو دائرو وسيع ڪري. جڏهن شين کي انهي معيار تي پرکجي ٿو ته پوءِ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور تمام گهڻي پٺتي پيل نظر ايندي. سنڌ جي عظيم شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب ٿيل درسگاه هن وقت عجيب قسم جي مونجهارن ۽ تضادن جو ور چڙهيل نظر اچي ٿي.  ڊگهي عرصي کان وٺي ڪري ڊپارٽمنٽ آف فارميسي جي شاگردن جي رجسٽيرشن جي مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ هر روز احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن. جن جو ڪو بہ ازالو نہ ٿو ٿئي. جڏهن ته ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن نه هئڻ سبب اتان پاس ٿيندڙ شاگردن جي ڊگرين جي ڪا قانوني حثيت ئي نه آهي. جنهن سبب هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. فارميسي ڊپارٽمنٽ کي شاھ عبدالطيف ڀٽا

ڪتاب ” ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ “ جو تنقيدي جائزو

Image
تعليمي شعبي سان لاڳاپيل هجڻ سبب ڪجھ ڏينهن پهريان سائين پونجراج ڪيسراڻي جو لکيل ڪتاب ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ منهنجي مطالعي مان گذريو. سائين جيتوڻيڪ پاڻ تعليمي شعبي سان پورا ٻائيتاليھ سال جڙيل رهيو. انهي حوالي سان تعليم جهڙي اهم موضوع تي سائين هي ڪتاب لکي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ نئي رخ جو اضافو ڪيو آهي جيڪا ڳالھ يقينن قابل داد آهي. هاڻ هن ڪتاب جي ڇپڻ کان پوءِ هن سماج ۾ موجود استادن کي ڪيترو فائدو ملي سگهندو اِن بابت پاڻ فل حال ڪو رايو نه ٿا ڏئي سگهون. هن ڪتاب کي مڪمل طرح سان پڙهڻ کان پوءِ مون کي جيڪي اوڻائيون هن ڪتاب منجھ نظر آيون انهن تي هتي روشني وجهنداسين. آءُ هن مضمون ۾ هڪ نقاد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ تعلميدان جي حيثيت ۾ پنهنجو خيال توهان آڏو رکندس. هي ڪتاب جئين ته تعليم جي شعبي جي مناسبت سان لکيل آهي. هڪ استاد هجڻ جي ناتي اسان تي اهو فرض ٿو ٿي ته اسان تعليم سان واڳيل هر هڪ مضمون ۽ عنوان توڙي خيال کي پنهنجي ٻولي يعني سنڌي ۾ بيان ڪرڻ جي عادت پاڻ ۾ وجهون ته جئين پڙهندڙ/ سکندڙ انهي مان پوري طرح لاڀ حاصل ڪري سگهن. ڪتاب جي مصنف اِن روايت جي برخلافي ڪندي هن ڪتاب ۾ سولي سنڌي بجاءِ ولايتي ٻولي

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

Image
ڪالھ ڪجھ دوست گڏيا. ڏاڍي دلچسپ ڪچهري ٿي. علم، ادب، فلسفو، تاريخ، مذهب مطلب ته جنهن کي جتان آيو اُن اُتان کان ڪچهري کي پي موڙ ڏنو.  وڏيون ڳالهيون ٿيون.  ڪن جي ساراھ ڪئي سين ته وري ڪن ڪامورن، سياستدانن، اديبن ۽ دانشورن جي گلا پڻ ڪئي سين. فطرت کان ويندي قدرت تائين انيڪ موضوئن سان هٿ چراند ڪئي سين. ڪچهري کي اوج تي پهچندي ڏسي هڪڙي دوست سوال ڪيو ته: ” آءُ جڏهن به ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندو آهيان ته مون کي اوٻاسيون اينديون آهن“ اڃا سوال ختم ئي ڪو نه ٿيو هو  ته ٻي سوال ڪيو: ” يار آءُ ڪنهن به ڪتاب کي مڪمل پڙهي ناهيان سگهندو. پوءِ ڀلي ڇو نه ناول هجي، ڪهاڻين جو هجي يا وري شعر و شاعري جو هجي. سگهو ئي بوريت محسوس ٿيندي آهي !  ڇا ڪجي؟ آءُ خاموش ٿي ويس. هڪ ئي وقت سڀني سوالن جا مفيد ۽ ڪارائتا جواب ڏيڻ يقينن مون لاءِ ڏکيو عمل هو. مون کين پنهنجي تجربي جي آڌار تي چيو: ” ڪتاب کي پڙهڻ جو هڪ ڪارڳر طريقو هي پڻ آهي ته جنهن مهل اوهان ڪو ڪتاب پڙهو ۽ اوهان کي انهي مان بوريت محسوس ٿيڻ لڳي يا وري اوهان اُن کي مڪمل پڙهڻ کان بيزار ٿي پئو ته هڪڙو ڪم ڪريو اُنهي مهل:  هڪڙو ننڍڙو

خاڪ تي ماڪ

Image
خاڪ تي ماڪ…! پياري ڀاءُ ثاقب بلوچ جون محبتون، جنهن احسان آڪاش طرفان مرتب ڪيل ڪهاڻين جي مجموعي  ” احساس نگر “ جي هڪڙي ڪاپي، نهايت ئي قابل احترام، منهنجي مُحسن سائين محمود مغل صاحب تائين پهچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي…! دعا آهي ته الله پاڪ، سائين محمود مغل صاحب کي هميشه آباد رکي ۽ سندس طرفان ملندڙ محبتن جو سلسلو ڪڏهن به بند نه ٿي…!

رهجي وياسين

Image
شهر ۾ وفائون تلاش ڪندي نيٺ شام ٿي وئي ۽ اڪيلا رستن تان گذرندي، پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي، الاءِ ته ڪٿان کان ڪٿي اچي پهتاسين. هڪ نظر پوئتي ڪري ڏٺوسين ته اندر مان هڪ آواز بلند ٿيو ۽ اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيو ته رهجي وياسين ! ها مڃان ٿو ته توسان گڏ گهمڻ، توسان گڏ هلڻ، توسان گڏ کلڻ توڙي توسان گڏ رلڻ کان رهجي وياسين ! ليڪن ڪجي ته آخر ڇا ڪجي ؟ هن موچاري دل تي جو ڪنهن جو وس هلي نه ٿو. ڪو گس ملي نه ٿو. هي هيڏو شهر ۽ آءُ اڪيلو.  ڇا ڪريان؟ هڪڙي اميد دل ۾ هئي ته من ڪو تون ملي پوي. توسان دل جون ڳالهيون اوري وٺبيون. تو کي پنهنجو هم راز سمجهي مڙئي ڪجھ ڳالهيون توسان ڪري وٺبيون. پر ڪٿي؟ آءُ ايترو خوشنصيب ڪٿي آهيان؟ هي هيڏو سارو شهر ته اڪيلائين جو مرڪز آهي.  هتي ته محبتون انتهائي مهانگيون ۽ نفرتون بنھ مفت ملنديون آهن. ڪيفيتون ڀلي کڻي ڪيترو به مجبور ڪري وٺن ليڪن هتي ڪنهن کي به ڪنهن جي پرواھ ڪين نه آهي. آءُ جيڪو ڪجھ سوچي ڪري هتي آيو هيس ۽ هاڻ هتي رهي ڪري جيڪو ڄاتو اٿم ته انهي کان پوءِ ائين ئي محسوس ٿو ڪريان ته توهان به ڪٿي نه رهجي وڃون. ڪنهن اڻ پوري آس ۾ نه لهي جهلجي پئو. اِن لاء

لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

Image
لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو ! قسط ٽيون رات قلندر جي نگري ۾ ڪي گهڙيون گهاري ڪري اسان باقي سفر کي مڪمل ڪرڻ خاطر روانا ٿياسين. ڄامشوري ۾ بس بريڪ ڏني جتي سڄي سنگت چانھ، ماني کاڌي. اسان به مڙئي ڪي ساعتون سڪون ورتو ۽ سڀني ماڻهن کي سندن چر پر ڪندي محسوس ڪيوسين.  هتان واندو ٿيڻ کان پوءِ ڪلاڪ کن بس اڳتي هلي ۽ پوءِ بيھي رهي. هڪ پيٽرول پمپ هو شايد ڪراچي ۽ ڄامشوري جي وچ واري علائقي ۾. پوري قافلي کي هتي هن سُنسان پٽ ۾ رات گهارڻي هئي. اسان به سنگت سان گڏ پَٽ تي رلي وڇائي ڪري سمهي رهياسين. صبح ٿيندي ئي هتان قافلي کي لاهوت لاءِ روانو ٿيڻو آهي. نيٺ خيرن سان صبح ٿي. لاهوت لامڪان ڏانهن قافلي جو اڄ حقيقي سفر روان هو. ڪراچي کان حب ندي کان ٿيندي سڌو لاهوت وڃڻو هو.  قلندر جي نگري کان ٿيندي هاڻ اسان ڄامشوري کي لتاڙي ڪري ڪراچي جي رستن وسيلي لاهوت وڃي رهيا هئاسين. ڪجھ گهڙين کان پوءِ حُب ندي جي ڪناري وٽ بس بريڪ هنئي ۽ سڀئي لاهوتي بس کان هيٺ لٿا.  هتي چانورن جا پورا ٻه ديڳ لاٿا ويا ۽ لاهوتين کائي ڪري ڊئو ڪيو. رات بيابان ۾ رهڻ سبب ڪو به دوست ونجهي نه سگهيو هو. اِن لاءِ ه

لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

Image
لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو ! قسط ٻيو رات دير سان پهچڻ ۽ دير سمهڻ سبب جيتوڻيڪ ننڊ پوري نه ٿي هئي ۽ اهو ممڪن به ڪونه هو ته لاڳيتو سفر ڪرڻ کان پوءِ مڪمل ننڊ اچي سگهي. بر حال مڙئي ڪجھ گهڙيون آرام ڪيوسين. اسان جو قيام سيوڻ شريف جي ويجهو هڪ جابلو علائقي ۾ هو.  صبح ٿيندي ئي هتان سموري سنگت کي مولا علي جو باغ، بگا شير ۽ آهوت ڏسڻو هو.  آءُ پنهنجي ماروٽ عبدالوحيد سان گڏ آهوت جي ٽڪري تي چڙهڻ لڳس. هن ٽڪري تي جوان، باهمت ۽ ٿورا ٿڪا سنهڙا ڇوڪرا جلدي ۾ چڙهي پي ويا.  باقي ڪجھ ڪُراڙا ۽ عمر رسيده ماڻهن کي چڙهڻ ۾ ٿوري ٿڪي تڪليف ڏسڻي پي پئي. چڙهي ته هر ڪو پي ويو. مُڙي ڪوئي ڪونه پيو. آخرڪار جبل جو پنڌ آهي. ٿڪ ته ٿيندي نه.  آيا به سڀ انهن رازن ۽ نظارن کي ڏسڻ هئا. هاڻ جي بنا ڪجھ ڏسڻ وائسڻ جي موٽي وڃن ها ته پوءِ لاهوتي ڪيئن چورائن ها.  آءُ پنهنجي چاچا مولوي عبدالخليل، سئوٽ احمد ۽ ماروٽ عبدالوحيد کي ساڻ ڪري ان جبل تي چڙهڻ لڳس. منهنجو چاچو ڪنهن قدر ٿڪجي پيو ۽ وچ وچ ۾ دم ڪري ساھي پٽي پيو. کن پل لاءِ ويهي پيو رهي. ليڪن آءُ اڳ ۾ ئي ڏٻرو مڙس سو ايڪڙ جي ڪاٺي و

توهان ڇا ٿا سمجهو

Image
هڪڙو عام رواجي سوال. جيڪو توهان اسان کان ڪچهرين ۾ ڪافي دفعا مختلف جڳهن تي پڇيو  ويندو آهي. هاڻ اسين ڇا ٿا سمجهو.  ان جي وضاحت گهربل هوندي آهي. مون کان هڪڙي صحافي دوست هڪ ڏينهن ڪچهري دوران هڪڙو دلچسپ سوال پڇيو ۽ آخر ۾ اِهو ئي جملو چيائين ته ” توهان ڇا ٿا سمجهو ؟ مون کي پهريان ته ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ دل ئي دل ۾ اِهو خيال آيو ته جيڪر چئي ڇڏياس ته آءُ ڪجھ به نه ٿو سمجهان. مون کي ڪنهن به معاملي جي خبر ڪونه آهي ۽ آءُ صفا مورڳو موڳو ماڻهو آهيان.  ڇو ته آءُ سنڌ جو رهاڪو آهيان. سٻاجهڙو سادو بنھ فقير ماڻهون. مون کي ڪهڙي خبر ته آءُ ڇا ٿو سمجهان. وري ٻي پل دل ۾ خيال آيو ته کيس جواب ڏئي ڇڏيان. متان سڀاڻي واقعي کيس اهو اطمنان نه ٿي پوي ته آءُ واقعي ڪجھ به نه ٿو سمجهان. اِن لاءِ کيس ڪجھ سمجهائڻو پوندو ته جئين کيس اِها پڪ ٿي ته آءُ واقعي سڀ ڪجھ سمجهان ٿو. موڳو ناهيان. هاڻ توهان ڇا ٿا سمجهو ته مون کيس ڪهڙو جواب ڏنو هوندو. منهنجي جواب ۾ منهنجي ڪيتري سمجهاڻي اُن کي سمجھ ۾ آئي هوندي.  منهنجي سڀ ڪجھ سمجهڻ يا نه سمجهڻ سان  اُن تي ڪهڙو اثر پيو هوندو. جي اوهان به اِن معاملي با

ڏوراپو

Image
جڏهن هوائون شاهدي ڏين ته تون آهين. جڏهن هي چنڊ ۽ تارا منهنجي هجڻ جو نياپو توکي ڏين. تڏهن پنهنجي دل جي دري مان هڪڙو دفعو ليئو ضرور پائي ڏسجان ته آءُ توکي ڪائنات جي هر هڪ نظاري ۾ نظر ايندس. منهنجي هجڻ جو احساس تنهنجي اندر ۾ جاڳي پوندو. آءُ توکان پري نه هوندس. بس هڪ دفعو دل سان ساري ته ڏس ۽ پوءِ ڀلي صدين تائين وساري ڇڏجان. آءُ توکي ڪائي ميار ڪونه ڏيندس.  ڪوئي ڏوراپو ڪونه ڏيندس…!

پنڻ فيشن آهي يا مجبوري ؟

Image
پاڻ انهي ڳالھ کان قطعي طور انڪار نه ٿا ڪريون ته پاڻ وٽ روزگار جا وسيلا بنھ گهٽ آهن ۽ هڪ عام ماڻهو کي زندگي جي معاملاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو. ليڪن هِن وقت جهڙي ريت شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ فقيرن جو تعداد جيتري مقدار ۾ وڌڻ شروع ٿيو آهي سو قابل فڪر پهلو آهي. توهان کي شهر جي هر چوراھ توڙي چوڪ تي گداگر ملندا. مسجد، مندر توڙي تعليمي ادارن ۾ به فقير بنا ڪنهن رک رکان جي هليا اچن ٿا.  ٻهراڙين ۾ ته هر ٽين يا چوٿين ڏينهن تي ڪو نه ڪو ماڻهو اچي ڪري لائوڊ اسپڪير آن ڪري اُن ۾ پنهنجي مجبوري جو داستان بيان ڪرَڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڳوٺ وارن کي مدد جي اپيل پڻ ڪري ٿو. هاڻ سوچڻ جهڙي ڳالھ اِها آهي ته پنهنجي معاشري جا اُهي ماڻهو جيڪي روزگار جي ٻين وسيلن جي اڻاٺ سبب محنت ڪرڻ جي بجاءِ گداگري کي اوليت ڏيڻ کي ڇو مناسب سمجهن ٿا. ڇا سڀئي فقير مجبوري تحت ٻين جي آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور آهن يا وري ڪو ٻيو سبب آهي ؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو اُهي اِهو سوچي ڪري گداگري يا جنهن کي پنڻ چئجي اُن کي اوليت اِن ڪري ڏين ٿا ته اُن ۾ محنت گهٽ ۽ ڪمائي مڙئي ڪجھ سوائي ٿي وڃي ٿي. اصل بنيادي سبب ڪهڙو آه

ڪتاب ” تنين کي تعليم جِي “ تي هڪ نظر

Image
هن ڌرتي جي سموري آبادي مان مجموعي طور چار يا پنج فيصد اِهڙا ماڻهو هوندا جن کي علم حاصل ڪرڻ جو اونهو هوندو. جن کي تعليم جي اِهميت ۽ افاديت جي خبر هوندي ۽ اُهي ئي ماڻهو در اصل هن ڪائنات جا وارث آهن. اِهڙن ئي پيارن منجهان اسان جو هڪڙو پيارو ڀائرن جهڙو دوست سرمد کوسو پڻ آهي. جنهن جي نئي آيل ڪتاب ” تنين کي تعليم جي“ پڙهي ڪري ائين محسوس ٿيو ته ڄڻڪ سرمد جي من ۾ تعليم جو اونهو ڪنهن وقت کان ٻريل ڏانڊي جيان دُکي رهيو آهي. مون تعليم جي موضوع تي پهريان هڪڙو ڪتاب پڙهيو هو . جنهن جو نالو هو ” ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ“. ڀاءُ سرمد کوسو به ساڳي ئي تعليمي موضوع تي لکي ٿو. جيڪو موضوع منهنجو بنيادي طرح سان اولين موضوع هجڻ کان علاوه پسنديده موضوع پڻ آهي. ڪنهن به فرد، ڪتاب يا ماڳ توڙي مڪان تي بنا ڪنهن تحقيق جي ڪو رايو قائم ڪرڻ يقينن اُنهي سان نا انصافي ڪرڻ برابر آهي. ڀاءُ سرمد کوسو جيتوڻيڪ هڪ با ڪردار ۽ متحرڪ نوجوان هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليکڪ پڻ آهي. اِنهي ڪري تعليم کاتي کي ويجهو کان ڏسڻ، انهي اندر موجود هاڪاري ۽ ناڪاري ريتن رسمن توڙي انهن جي اثر هيٺ رهندڙ اسان جي سماجي صورتحال جي اوس

يوسف جميل لغاري

Image
هڪ ڪهاڻيڪار جو تعارف ڪاوش جي ٿورن سان هت پيش ڪجي ٿو.

اُستادن تي اُڀِيُون ٿيندڙ آڱريون

Image
تعليم کاتي جي تباھ ڪارين تي هر روز ڪافي ماڻهو لکن ٿا، ڳالهائن ٿا ته وري ڪجھ دوست پنهنجي علم جي آڌار تي سُھڻيون تجويزون پڻ پيش ڪن ٿا. هاڻ تعليم کاتي کي ڪهڙن بنيادن تي پرکيو وڃي ۽ تعليم ڇو نه ٿي سُڌري اچو ته ان تي جامع گفتگو ڪريون. اسان کي بي ايڊ آنرس جي چوٿين سيمسٽر ۾ هڪڙو سبجيڪٽ پڙهايو ويو هو. اسڪول، ڪميونٽي ائيڊ ٽيچر مطلب ته تعليم کاتي جي سڄي سرشتي کي هلائڻ وارا مکيه ٽي عنصر اسڪول، معاشرو ۽ اُستاد آهن. اچو ته هنن تي وڌيڪ روشني وجهون. اسڪول: تعليم جي هن سرشتي ۾ اسڪول جو قيام مکيه ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسڪول کان بنا تعليم جو حصول ممڪن ئي ڪونهي ڇو ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل کي جاري رکڻ لاءِ هڪ ماحول گهربل هوندو آهي. جيڪو يقينن اسڪول جي قيام کان پوءِ ئي ممڪن ٿيندو آهي. هاڻ اِها ذميداري تعليم کاتي حڪومت سنڌ جي مٿان عائد ٿئي ٿي ته هو ڪيتري قدر معياري اسڪول قائم ڪن ٿا. انهن کي گهربل سهولتون ڪيتري قدر مهيا ڪن ٿا. انهن اسڪولن جي ڪيتري قدر پر گهور لهن ٿا. ڇو ته پاڻ وٽ سنڌ جي عمومن ڳوٺن ۾ اسڪولن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. اسڪولن جي بهتري لاءِ ملندڙ فنڊ

اُداس شام جهڙي زندگي

Image
آسمان تي ڳاڙها بادل نمودار ٿي چُڪا آهن. شام جا پاڇا پنهنجي گرفت کي روشني تي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. آءُ پنهنجي ڪمري جي ڏاکڻي طرف رکيل ڪُرسي تي ويٺو آهيان. ذهن هڪ عجيب قسم جي مونجهاري ۾ ورتل آهي. ڪتاب پڙهان ٿو وري پڙهي ڪري رکان ٿو ۽ ٻيهر وري ڪجھ ٻيا شعر و شاعري توڙي ناولن جا ڪتاب کڻي ڪري دل پشوري خاطر پڙهڻ چاهيان ٿو.  ليڪن هِي ڇا !  ڪو به ڪتاب منهنجي اندر جي مونجھ کي جهڪو نه ٿو ڪري. ڪو به بدلاءُ نظر نه ٿو اچي. ڪا به تبديلي برپا نه ٿئي. سڄو من صحرا لڳو پيو آهي. آخرڪار پڙهڻ جي عمل کي بند ڪندي. هڪ سفيد پنو کڻان ٿو انهي تي پنهنجي من اندر برپا ٿيل مونجھ جو قصو لکڻ شروع ڪيان ٿو. هڪ لفافو جيڪو مون گهڻو وقت اڳي محفوظ ڪري رکيو هو. مون کي امڪان هو ته هڪ ڏينهن آءُ نراسائي واري ڪيفيت سان سرشار ضرور ٿيندس.  اِن لاءِ اڳواٺ ئي مون سڀئي بندوبست ڪري ڇڏيا هئا. ڪا شام ايتري ڳنڀير ٿيندي مون کي اِها اُميد نه هئي. ڪاغذ جيڪو سفيد آهي. ڏسڻ ۾ صفا کير جهڙو اڇو. ليڪن ڇا سندس اِها ٻاهرين سفيدي سندس تڪليفن ۽ پيڙاھن کي لڪائي سگهندي. جيڪي تڪليفون هن سفيد ڪاغذ مشينن جي منهن ۾ اچي ڪري برداش

بابا سائين - املھ شخصيت

Image
علم، ادب کان وٺي پيغمبري پيشي تائين جو سفر ! ڪجھ ماڻهو پنهنجي شخصيت جي نظر ايندڙ پهلو ۾ فرد واحد جي بجاءِ هڪ مڪمل ادارا ثابت ٿيندا آهن. اِھڙا هزارين انمول ڪردار اسان جي سونهاري سنڌ ۾ موجود آهن.  جن جي پوري زندگي جي ڪٿا ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيندي آهي. سندن ڪوششون ۽ محنتون قابل تعريف هونديون آهن. سندن فڪري لاڙو انفراديت جي بجاءِ اجتماعي مفادن ڏانهن هوندو آهي. منهنجو بابا سائين جميل احمد لغاري پڻ انهن ماڻهن منجهان آهي. جن پنهنجي سموري زندگي ٻين جي ڀلي لاءِ وقف ڪئي آهي. سندس ڪيل ڪوششن جو جائزو وٺبو ته هڪ ٿلهو متارو ڪتاب تيار ٿي ويندو. اِن لاءِ هتي پاڻ مختصرن سندس علمي ۽ ادبي پهلوئن تي نظر وجهنداسين ۽ اُنهن تي ڳالهائينداسين. بابا سائين جو جنم اڄ کان ٻاونجاھ سال پهريان محمد اسحاق لغاري جي گهر ۾ ٿيو. پنهنجي ڀائرن ۾ ڳڻپ جي حساب سان بابا سائين منهنجي ڏاڏي جو پنجون پٽ آهي. ڏاڏا سائين کي ڪُل ڇھ پٽ آهن.  جن منجهان الحمدالله چار استاد جهڙي عظيم پيشي سان لاڳاپيل آهن ۽ اُنهن منجهان وري سڀني کان وڏو ايريگيشن کاتي ۾ ڪئنال ۽ سندس آخري پٽ ڊاڪٽر آهي. باقي چار بابا سميت ا