لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو !

قسط ٽيون

رات قلندر جي نگري ۾ ڪي گهڙيون گهاري ڪري اسان باقي سفر کي مڪمل ڪرڻ خاطر روانا ٿياسين.

ڄامشوري ۾ بس بريڪ ڏني جتي سڄي سنگت چانھ، ماني کاڌي. اسان به مڙئي ڪي ساعتون سڪون ورتو ۽ سڀني ماڻهن کي سندن چر پر ڪندي محسوس ڪيوسين. 

هتان واندو ٿيڻ کان پوءِ ڪلاڪ کن بس اڳتي هلي ۽ پوءِ بيھي رهي. هڪ پيٽرول پمپ هو شايد ڪراچي ۽ ڄامشوري جي وچ واري علائقي ۾. پوري قافلي کي هتي هن سُنسان پٽ ۾ رات گهارڻي هئي.

اسان به سنگت سان گڏ پَٽ تي رلي وڇائي ڪري سمهي رهياسين. صبح ٿيندي ئي هتان قافلي کي لاهوت لاءِ روانو ٿيڻو آهي. نيٺ خيرن سان صبح ٿي.

لاهوت لامڪان ڏانهن قافلي جو اڄ حقيقي سفر روان هو. ڪراچي کان حب ندي کان ٿيندي سڌو لاهوت وڃڻو هو. 

قلندر جي نگري کان ٿيندي هاڻ اسان ڄامشوري کي لتاڙي ڪري ڪراچي جي رستن وسيلي لاهوت وڃي رهيا هئاسين. ڪجھ گهڙين کان پوءِ حُب ندي جي ڪناري وٽ بس بريڪ هنئي ۽ سڀئي لاهوتي بس کان هيٺ لٿا. 

هتي چانورن جا پورا ٻه ديڳ لاٿا ويا ۽ لاهوتين کائي ڪري ڊئو ڪيو. رات بيابان ۾ رهڻ سبب ڪو به دوست ونجهي نه سگهيو هو.

اِن لاءِ هن ندي تي سڀئي فريش ٿيا ۽ ڪجھ لاهوتين پنهنجا ڪپڙا وغيره به ڌوتا. ان کان علاوه هتان هڪ اهم ڳالھ اِها پڻ آهي ته هن ندي جو پاڻي چڱو خاصو ٿڌو هجي ٿو جنهن سبب سڀني لاهوتين جا سفراڻا ٿڪ لهي ٿا وڃن. 

هتان ٿيندي اسان اچي ڪري
 سسئي پنھون جي علائقي ۾ پهتاسين. 

سڀني دوستن سان گڏ مون به اهو اسرار ڏيکاريو ته مائي سسئي جي قبر ڏسان. ڇو ته سندس ڪشٽ ۽ ڪشالا تاريخ جي بابن ۾ سنهرن لفظن سان درج ٿيل ملن ٿا. هتان اسان کي ٽريڪڙن تي چڙهڻو پيو. جنهن پوري اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اسان کي مائي سسئي جي قبر مبارڪ تي پهچايو. 

هن مختصر ترين سفر ۾ اسان جا منهن مهانڊا سڃاڻڻ کان گهڻو پري هلي ويا هئا. ڇو ته جبلن جي انهن هيٺ مٿاهين رستن تي رڳو ڌوڙ ۽ دز هئي جيڪا وڏي سڪون سان ٽريڪڙن منجھ سوار ٿيلن جي منهن ۾ پئجي رهي هئي. 

سسئي جي مزار تي پهچڻ شرط سڀني کان پهريان هر ڪنهن ڳڻتي هئي پنهنجي منهن صاف ڪرڻ جي. سو سڀني منهن ڌوئڻ ۾ لڳي ويا.

هي هيڏا وڏا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل. جن جو نه کٽندڙ سلسلو ڏسي ڪري اسان جو بلڊ پريشر گهڙي گهٽ پيو ٿئي ته وري گهڙي وڌي پيو. مائي سسئي کي لکين آفرين جنهن هيڏا وڏا جبل جهاڳيا ۽ پنهنجي پنھون کي ڳولڻ لاءِ سڀني مصيبتن ۽ آفتن کي قبول ڪيائين. 

سسئي جي مزرار تي پهچندي. مون کيس دل ئي دل ۾ چيو : ” اي عاشقن ۾ اولين خاتون. تنهنجي جرت ۽ همٿ کي آءُ تھ دل سان سلام پيش ڪريان ٿو“. 

سسئي جي قبر مٿان ٺهيل درگاھ مهانڊي ڪمري جي چوگرد ڀٽائي جا اِهي سڀئي بيت لکيل هئا جيڪي ڀٽائي سسئي جي انهي پنڌ تي لکيا هئا.

آءُ ڪجھ ساعتون درگاھ منجھ لکيل ڀٽائي جي بيتن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويس جيڪي سسئي جي عشق تي لکيل هئا.

اسان جهڙوڪ سسئي جي مزار تائين ٽريڪڙي جو سهارو ورتو. ڪجھ لاهوتي وري پنڌ نڪري پيا. پنڌ جيتوڻيڪ ايترو ڪونه هو ليڪن وري به جبلن جو پنڌ آهي ماڻهو کي ٿڪائي ٿو وجهي. 

اسان ته سسئي جي مزار تي دعاڳو ٿي ڪري واپس وري ساڳي جاءِ تي سگهوئي وقت تي پهچي وياسين. ليڪن جيڪي دوست پنڌ ويا هئا سي الاءِ ڪٿي گم سم لڳا پيا هئا. سڀني بس جي سوار لاهوتين کي انهن تي ڪنهن قدر ڪاوڙ هئي ته آخرڪار اهي پيري پنڌ ڇو ويا.

نيٺ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ اُهي ساٿي به پهچي ويا. انهن جي پهچڻ کان پوءِ هي قافلو لاهوت ڏانهن روانو ٿيو.

تقريبن ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان لاهوت کي ويجهو پهتاسين. لاهوت جي هنن رستن ۾ ڪجھ ور توڙي وڪڙ اِهڙا به آهن جن کي ڪراس ڪندي پوري بس کي خطري کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. 

هڪڙي ته اِهڙي به چاڙهي آهي جتان پوري بس جا ساٿي هيٺ لهي بيهندا آهن. 

بس خالي ٿي ڪري انهي چاڙهي کي اُڪريندي آهي. انهي کان پوءِ وري سڀ لاهوتي بس تي سوار ٿيندا آهن. انهن لاهن چاڙهن دوران لاهوتين جا نعرا ٻڌڻ وٽان هوندا آهن. هڪڙا نعرا هڻي ڪري اڃا مس بس ڪندا آهن ته وري ڪو ٻيو ڪٿان شروع ٿي ويندو آهي. 

اِن ريت بس ۾ سوار ماڻهن ۾ جوش. جذبو. همٿ ۽ ولولو پيدا ٿيندو آهي ۽ هُو خوف کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ ڪونه ڏيندا آهن.

انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ اسان خيرن سان اچي ڪري لاهوت لامڪان جي نگري وٽ پهتاسين. محبت فقير جي درگاھ جي اولھاندي پاسي جبل جي هيٺائين آهي. انهي طرف اسان جا سنگتي پنهنجا هنڌ بستر کڻي هلڻ لڳا. 

آءُ منهنجو چاچو. منهنجو سئوٽ ۽ منهنجو ماروٽ سڀ گڏ گڏ ٿي ڪري هلڻ لڳاسين. 

واھ !
ڇا ته نظارا آهن. هر طرف ماڻهن جا لڳل ٽينٽ، ڪٿي مايون ماني پيون ٿيون پچائن ته ڪٿي وري ڪو چانورن جو ديڳ پيو تيار ڪري. ڪٿي ڪو ستو پيو آهي.

مطلب ته طرحين طرحين جا ماڻهو. طرحين طرحين طرحين جا نظارا. بس ويٺو ڏسجي سڀني کي.
اسان به اچي هڪڙي ڪنڊ ورتي ۽ اُتي خيما کوڙيا.

هر ڪنهن پنهنجا هنڌ بسترا هلڪن پٿرن جي وچم وڇايان. ۽ آرام جو ماحول جوڙيو. ماني لاءِ اهو طئي ڪيو ويو ته جتي اسان کي بس لاٿو انهي جڳھ تي ڪافي سارا هوٽل ۽ دڪان آهن اُتان ماني ۽ ڀاڄي وٺي اچبو. 

حالانڪ عمومن قافلن وارا پنهنجي ماني ٽڪي جو بندوبست پاڻ ڪرڻ ۾ به ماهر هوندا آهن ليڪن هن مهل جيتوڻيڪ سڀئي ٿڪل هئا انهي لاءِ کفت کان بچڻ لاءِ اهو فيصلو ورتو ويو. 

باقي صبح لاءِ اهو طئه ٿيل هو ته سڀاڻي سوير چانورن جو هڪ ديڳ ۽ هڪ ديڳ ڀاڄي جي تيار ڪئي ويندي. منهنجي چاچي پر سال نوراني جي درگاھ تي هڪ باس باسي هئي.

 انهي باس کي پورو ڪرڻ خاطر هڪڙو ٺاهڪو ٻڪر پاڻ سان گڏ آندو هيائين جيڪو هن کي هتي قربان ڪرڻو هو.

سو سڀني سان صلاح مشاورت بعد اهو طئه ٿيو ته سڀاڻي انهي ٻڪر جا لاھ ڪڍبا ۽ کيس ڪبو پيٽ ڀيڙو. هن مهمان ٻڪر جي سار سنڀال ۽ خاطرداري جو ذمو مون پنهنجي حصي ورتو. 

سڄي رات سندس خيال ڪندو رهيس. ڇو ته مون کي سندس بي وس بڻيل حالت تي ڏاڍو ڪياس اچي رهيو هو. 

ليڪن ڇا ڪجي هيو ته ويچارو قرباني جو ٻڪرو سو کيس بس هڪ رات جي وڌيڪ مهولت مليل هئي. سو آءُ کيس رات جو ڪنهن مهمان وانگر ڏسندو رهيس.

مون کي هتي پهچڻ تائين هڪڙي ڳالھ انتهائي تڪليف پهچايو. رستي تي ڪجھ عورتون. ڪجھ ٻارڙا رستن جي پاسن سان بيهي ڪري ٻئي هٿ مٿي ڪندي خدا جي نالي سان خيرات گهري رهيا هئا. 

مون کي سندن انهي حالت تي ڏاڍو رحم آيو. منهنجي اکين ۾ ڳوڙا اچي ويا. 

مون سوچيو ته نيٺ بلوچستان جي ماڻهن تي اِهو وقت به اچي ويو جو اُهي راھ ويندڙن کان خيرات گهرن. 

ڇا بلوچ ايترا بي سهارا بڻجي چڪا آهن؟

هلندڙ


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو