زندگي جو فلسفو

يقينن هي هڪ وڏو سوال آهي. هَن سوال جي اُڀرڻ کان پوءِ مختلف قسم جا جواب ۽ رايا ڏنا ويندا آهن. جن جي زندگي سُک، آرام توڙي آرائش واري گذرندي آهي. انهن کي زندگي ڏاڍي خوبصورت ۽ سهڻي لڳندي آهي. انهن جي ويجهو زندگي هڪ حسين ترين تحفو هجي ٿي.

ان کان علاوه وري جن جي زندگي ڏک، پيڙاھ ۽ درد ۾ بسر ٿيندي آهي. انهن جي ويجهو زندگي ڪنهن بد ترين ويراڳ جهڙي هوندي آهن. اُهي ماڻهو زندگي کي خدا طرفان هڪ سزا سمجهندا آهن ۽ مڙئي پيا زندگي بسر ڪندا آهن.

مطلب ته هر ماڻهو وٽ زندگي جي اهميت ۽ وصف الڳ الڳ آهي. مجموعي طور سڀني وٽ ڪو هڪ طئي ڪيل جواب موجود نه آهي. مون به زندگي بابت هڪ نئو فلسفو پنهنجي ذهن ۾ گهڙيو آهي. 

آءُ زندگي کي هڪ ٻي رُخ کان ڏسندو آهيان.

آءُ سمجهندو آهيان ته اسان جي زندگي هڪ مهادي جو نتيجو هجي ٿي. اِهو مهادو ڪهڙو آهي؟

اِهو مهادو ڪنهن سان ڪيو ويندو آهي؟

اچو ته انهي تي وڌيڪ روشني وجهون ته جيئن توهان کي منهنجو نقطه نظر سمجھ ۾ اچي سگهي.

اسان جي زندگي سڀني کان پهريان اسان جي امڙ ۽ ابي جي وچم ٿيل مهادي جو بنيادي نتيجو هوندو آهي. جيڪو مهادو ” نڪاح“ جي صورت ۾ ٻنهي جي وچم ٿيندو آهي.

جيڪڏهن اِهو نڪاح وارو مهادو ٻن مخالف جنسن جي وچم نه ٿئي ها ته شايد پوءِ اسان توهان جو ڄمڻ ممڪن نه ٿي ها.

اِن مهادي جي نتيجي ۾ پاڻ ڄمون ٿا. هن ڌرتي تي واقع پذير ٿيون ٿا. ليڪن اُن جي باوجود مهادا اسان جو پيڇو ڪونه ٿا ڇڏين. ڄمڻ کان پوءِ به زندگي کي پنهنجي باقي سفر لاءِ انيڪ مهادا ڪرڻا پون ٿا.

ڄمڻ کان پوءِ هڪ انسان کي مذهب سان مهادو ڪرڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ هي مهادو سندس راضپي ۽ رضا کان علاوه سندس کاتي ۾ چاڙهيو وڃي ٿو. هڪ ٻار کي مسلمان جي گهر ۾ ڄمڻ جي صورت ۾ پوري ڄمار اسلام جي سڀني ريتن توڙي رسمن تي هلڻ جو پابند بڻجڻو پوي ٿو.

اهڙي ريت وري هڪ عسائي. هڪ هندو. هڪ يهودي. مطلب ته هر ڪنهن مذهب واري کي پنهنجي مذهب سان هڪ اڻ ڏٺل، اڻ سوچيل، اڻ سمجهيل مهادو ڪرايو ٿو وڃي. جنهن تان ٿورو به هِيڏي هُوڏي ٿيڻ جي صورت ۾ کيس سخط ازيتون ڏنيون وڃن ٿيون.

ان کان علاوه هڪڙو اهم مهادو جوان ٿيڻ مهل پنهنجي جيون ساٿي مطلب ته گهرواري سان اسان کي ڪرڻو پوي ٿو. جنهن کي شادي چيو وڃي ٿو. مطلب ته آءُ گنگهار بندو پوري عمر توسان گڏ سچو ساٿي ٿي ڪري رهندس. پوءِ رهو نه رهو اِهو اسان تي دارو مدار ڪري ٿو.

سماج جو حصو هوندي اسان کي هڪڙو مهادو پنهنجي ارد گرد جي ماحول مطلب ته معاشري سان به ڪرڻو پوي ٿو. اِهو مهادو اسان مٿان جبري طور قانون جي صورت ۾ مڙهيو ويندو آهي. ليڪن وري ڪجھ سست دل اِن مهادي تي عمل ڪندي پاڻ کي سُٺا شهري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اسين پنهنجي پاڻ سان به اندروني طور هڪڙو مهادو ڪندا آهيون. انهي مهادي تحت اسان پنهنجي مستقبل جا سڀئي منصوبا جوڙيندا آهيون. اسين اِهو طئه ڪندا آهيون ته اڳتي هلي اسان کي ڇا ٿيڻو آهي؟

اسان کي ڇا ڪرڻو آهي. ڪيئن ڪرڻو آهي؟

هاڻ اِنهي ڳالھ کي مد نظر رکندي اهو هڪ دفعي وري سوچجي ته اسان ڪهڙن ڪهڙن مهادن کان پوءِ هن زندگي کي حاصل ڪيو آهي؟

انهن مهادن ۾ اسان جي والدين جو
نڪاح وارو مهادو هو.
اسان تي مذهب وارو مهادو هو.
اسان جي شادي وارو مهادو هو.
اسان جو سماج سان هڪ مهادو هو.
۽ آخر ۾ اسان جو پنهنجي پاڻ سان پڻ هڪ مهادو هو.

هاڻ انهن سڀني مهادن منجهان اسان ڪهڙي مهادي سان سٺي نموني نڀاءُ ڪيو آهي. اسان ڪهڙو ميدان سُٺي نموني ملهايو آهي. اسان کي ان تي ويچارڻ گهرجي.

جيڪڏهن اسان هنن سڀني مهادن منجهان ڪنهن به هڪ مهادي تي پورا نه ٿا لهو ته پوءِ پڪ سمجهڻ گهرجي ته اسان زندگي بي مقصد، فضول ۽ بيڪار گذاري رهيا آهيون.

زندگي جي هن فلسفي کي سمجهڻ کان پوءِ اسين گُل ٿا بڻجئون يا ڪَنڊا. اِهو وقت تي ڇڏجي ٿو اُهو پاڻ فيصلو ڪندو.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي