Posts

Showing posts from January, 2019

سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب ( ڪالم ) يوسف جميل لغاري

Image
شل خواب سدائين کِلندا رھن ھڪڙي باشعور ۽ ساڃاھ وند ماڻھو جي ھڪ اھم خاصيت ھيءَ آھي تہ ھو پنھنجي آسپاس جي ماحول، سماجي سياسي صورتحال ۽ ملڪي قومي حالتن تي تنقيدي نظر وجھي ٿو ۽ ڏاھپ ڀري اک سان انھن جو تجزيو ڪري ٿو. تنقيدي نظر انقلاب يا آزادي جي ابتدائي وک ھوندي آھي. ان ڪري ئي سڄي دنيا اندر تنقيدي شعور جي سگھ ۽ اھميت کي مڃيو وڃي ٿو. اسان جو باشعور دوست، ساڃاھ وند ساٿي ۽ قومي قافلي جو ھمسفر يوسف جميل لغاري پڻ اھڙو انسان آھي، جيڪو شين، ماحول ۽ حالتن تي تنقيدي نگاھ رکي ٿو. سندس زير نظر ڪتاب "سانجھي ويل سڏڪندڙ خواب" انھي تنقيدي نگاھ جي ميڙيِ چونڊيِ آھي. رڳو ڄار پاتال منجھان موتي نہ ميڙيندا آھن، اکيون بہ ماڻڪ ميڙينديون آھن. حُسن، شعور، ساڃاھ، سڀيتا ۽ ادراڪ جا ماڻڪ موتي. ھن ڪتاب م پڙھندڙن کي آڇڻ لاءِ ھو اھي وڙ ۽ وٿون کڻي آيو آھي. جيتوڻيڪ ھيءَ ھڪ ننڍو ڪتابڙو آھي، پر ان م عقل، ادراڪ، سچائي، انسان پروري، عوام دوستي ۽ سنڌ پرستي جون اتم، اعلاء وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون آھن. يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان

واڄٽ ڪن وڻجار (مضمون) يوسف جميل لغاري

Image
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”واڄٽ ڪن وڻجار“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن، مضمونن ۽  احساساتي لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن  کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. هن کي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين، معاشرتي بي راه روي، تعليمي، تنقيدي ۽ تعميري لکڻين جو شوق رهيو آهي يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو مجموعو پڻ سنڌ سلامت تي شيئر ڪري چڪا آهيون. پيارا يوسف سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر محمد سليمان وساڻ مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )  سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪريو

خوابن جا پاڇا (ڪهاڻيون) يوسف جميل لغاري

Image
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوابن جا پاڇا“ اوهان اڳيان پيش آهي. اختصاري ڪھاڻين تي مشتمل ھن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي سٺو تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا يوسف سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بز

راشد شر جي ڪتاب تي لکيل مون پاران محقق جو تعارف

Image
محمد راشد جنهن جو ادبي نالو راشد شر آهي، پاڻ تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ کنڊو خان شر ۾ 2 مارچ 1997ع تي پيدا ٿيا، ادب سان سندس لڳاءُ سن 2012ع کان آهي ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ هن وقت مقالا نگار مضمون نويس ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي، سندس ادبي تحريرون، ڪالم ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني عوامي آواز، روزاني ڪاوش، روزاني ڪوشش، روزاني سنڌ ايڪسپريس، روزاني هلال پاڪستان ۾ پبلش ٿينديون رهنديون آهن، ان کان علاوه سندس ڪهاڻيون، نظم ۽ نثري ٽڪرا سنڌ جي مشهور ادبي رسالن جهڙوڪ ماهوار همسري ميگزين حيدرآباد، ماهوار ساڻيهه ميگزين ڪراچي، ڪاوش مڊ ويڪ وغيره ۾ پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن ڪائنات جي هن سڄي ڪارونهوار کي سمجهڻ لاءِ ڳوڙهي علم جي ضرورت پوندي آهي، ان علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي، علم جي وسيلي ئي مختلف شين ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو ۽ کين سمجهي سگهجي ٿو. اسان جو هي سدا ملوڪ سُڄاڻُ دوست راشد شر ڳچ عرصي کان علم ادب سان سلهاڙيل هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي چمڪ سندس فڪري تحريرن وسيلي نمايا ٿيندي رهي ٿي. راشد جي لکڻين ۽ تحريرن ۾ جملن جي روانگي، توڙي ٻولي جو اسلوب پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏي پاڻ ادب جو