Posts

Showing posts from March, 2019

سونهن، خوشبو، عشق (ڪهاڻيون) تي هڪ نظر

Image
سونهن، خوشبو، عشق (ڪهاڻيون) تي هڪ نظر ليکڪ: سليم چنا       مجموعي طور سڀئي ليکڪ، دانشور توڙي اديب حساس طبعيت جا مالڪ هوندا آهن. سندن اندر جي احساس پڻي جي سبب ئي هو لکڻ واري ڪرت سان ڳنڍجي ويندا آهن.  هن معاشري جي اندر برپاءَ ٿيندڙ هر هڪ واقعي کي هو پنهنجي نظر سان ڏسندا آهن سندن مطالعي ۽ مشاهدي جو پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ هوندو آهي.  ڪڏهن محبوب جي تعريف ۾ ڪورا ڪاغذ ڀريندا آهن ته وري ڪڏهن هن ديس جي دردن ۽ درمانن وسيلي پنهنجي جنگ جوٽيندا آهن. اهڙي ريت پنهنجي قلم وسيلي هن سماج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هڪ يگانو، درويش صفت ڪهاڻيڪار سليم چنا پڻ پاڻ کي ياد پئي ٿو. جنهن جو تازو آيل ڪهاڻين جو ڪتاب  ” سُونهن، خوشبو، عشق “  پڌرو ٿي چڪو آهي. سُونهن خوشبو عشق ۾ اُنهن عنوانن تي ڪهاڻيون لکيل آهن جن تي اڄڪلھ جو روشن خيال فرد يا ته سوچي نه ٿو يا وري کيس انهن معاملن تي سوچڻ جيتري فرصت ناهي.  معاشري جو هر هڪ اُهو پهلو جنهن کي عام ماڻهو عام ڳالھ سمجهي ڪري درگذر ڪن ٿا سليم چنا انهن پهلوئن تي پنهنجي قلم وسيلي ڪهاڻيون لکي ڪري انهن کي اُجاگر ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.  سن

هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي

Image
وڇوڙا ڪهڙي در سلامي ناهن ٿيندا پرين. پر ائين ٿورئي ٿيندو آهي ته پاڻ وڇوڙن اڳيان ڳوڏا کوڙي ويهي رهون. پاڻ حالتن اڳيان ايترو جلدي شڪسته ٿي پئون. پنهنجا پيار ۾ ڪيل واعده ۽ وچن ته ڏونگر کي به ڏارڻ جيترو حوصلو رکندڙ هئا. پوءِ ڇو ايترو جلدي سڀئي قول ۽ قرار ميڻ بڻجي ڀُري پيا آهن. هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي ! بنا موسمن جي بارشون به ڪنهن مهل ماڻهو کي ڀائه ڪونه پونديون آهن. ته پوءِ تنهنجو هي بي وقتو مون کان رُسڻ مون کي ڪيئن ويهڻ ڏيندو. تنهنجي هي بي وفائي منهنجي خوابن کي ڪيئن ڪَر مروڙڻ ڏيندي. منهنجي نيڻن ۾ پلجندڙ خزان جي موسم کي ڪيئن تڙي سگهندي. تون هڪ پل سوچ ته صحي پرين. هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي ! آءُ نراسائي کي تڙي سگهان ٿو. تنهائي سان جنگ جهوٽي سگهان ٿو. زماني سان به بغاوت ڪرڻ جي سگھ پاڻ ۾ سمجهان ٿو. تو لاءِ سڀني اصولن ۽ ضابطن کان به منهن موڙي سگهان ٿو. پر پرين تو کي اهو يقين آءُ ڪيئن ڏياريان ته منهنجي دل ۾ ڌڙڪن جي آواز سان تنهنجو نالو نروار ٿيندو آهي. ڪجھ سوچ ته. هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي ! تون جي ائين پنهنجي حساب سان بي رخي اختيار ڪري ٿي ۽ منهنجي خوابن، اُميدن

زندگي جو فلسفو

Image
يقينن هي هڪ وڏو سوال آهي. هَن سوال جي اُڀرڻ کان پوءِ مختلف قسم جا جواب ۽ رايا ڏنا ويندا آهن. جن جي زندگي سُک، آرام توڙي آرائش واري گذرندي آهي. انهن کي زندگي ڏاڍي خوبصورت ۽ سهڻي لڳندي آهي. انهن جي ويجهو زندگي هڪ حسين ترين تحفو هجي ٿي. ان کان علاوه وري جن جي زندگي ڏک، پيڙاھ ۽ درد ۾ بسر ٿيندي آهي. انهن جي ويجهو زندگي ڪنهن بد ترين ويراڳ جهڙي هوندي آهن. اُهي ماڻهو زندگي کي خدا طرفان هڪ سزا سمجهندا آهن ۽ مڙئي پيا زندگي بسر ڪندا آهن. مطلب ته هر ماڻهو وٽ زندگي جي اهميت ۽ وصف الڳ الڳ آهي. مجموعي طور سڀني وٽ ڪو هڪ طئي ڪيل جواب موجود نه آهي. مون به زندگي بابت هڪ نئو فلسفو پنهنجي ذهن ۾ گهڙيو آهي.  آءُ زندگي کي هڪ ٻي رُخ کان ڏسندو آهيان. آءُ سمجهندو آهيان ته اسان جي زندگي هڪ مهادي جو نتيجو هجي ٿي. اِهو مهادو ڪهڙو آهي؟ اِهو مهادو ڪنهن سان ڪيو ويندو آهي؟ اچو ته انهي تي وڌيڪ روشني وجهون ته جيئن توهان کي منهنجو نقطه نظر سمجھ ۾ اچي سگهي. اسان جي زندگي سڀني کان پهريان اسان جي امڙ ۽ ابي جي وچم ٿيل مهادي جو بنيادي نتيجو هوندو آهي. جيڪو مهادو ” نڪاح“ جي صورت ۾ ٻنهي جي وچم ٿيندو

جڏهن هُو کلندي آهي

Image
جڏهن هُو کلندي آهي ته منهنجو مُرجهال من مهڪي پوندو آهي. آءُ گُلن وانگر ٽڙي پوندو آهيان. ستارا مون وٽ سلامي ڀرڻ لاءِ اچي پيش پوندا آهن. ٿڌڙي هير گُهلڻ لڳندي آهي. سڄو سنسار رنگ برگي محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. پکي پکڻ پنهنجي لات توڙي لوري کي گنگائڻ ۾ شروع ٿي ويندا آهن. سمنڊ منجھ ڇوليون معمول کان وڌ تيز ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. دريا جو وهڪرو عام رواجي وهڪري کان تيز تر ٿي ڪري وهڻ لڳندو آهي. ڍنڍ ۽ تلائن ۾ ساھ پوڻ شروع ٿي ويندا آهن. سحرا جي گرم وَاري برف کان وڌيڪ يک ٿڌي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. روڊن تي ٽرئفڪ جام ٿيڻ لڳندي آهي ۽ هُو مسلسل اڃا وڌيڪ کلڻ لڳندي آهي. وڻ، ٽڻ ۽ ٻوٽا، سڀئي سندس درشن لاءِ آتا هوندا آهن. هُو جنهن طرف هڪ نظر ڪري نهاريندي آهي اُن جا ته ڄڻ ڀاڳ کُلي پوندا آهن. هُو عمومن مور وانگر ٽلندي آهي ليڪن ڪڏهن ڪڏهن وري هُو هرڻي وال چال ۽ ڍال به اختيار ڪري وٺندي آهي. سندس چهري مان حُسن جو ڪمال ۽ جمال ڏسڻ وٽان هوندو آهي.  هُو جڏهن ڪنهن پل، ڪنهن گهڙي، کن پل لاءِ اداس ٿيندي آهي ته انهي مهل پوري ڪائنات اداس ٿي پوندي آهي. هُو عام طور تي اداسين کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڪونه ڏيندي آهي ليڪن ڇا ڪ

معاشري جو شعوري ڳانڍاپو

Image
سوشل ميڊيا جي ظهور ٿيڻ کان پوءَ اسان جي معاشري جو هر هڪ فرد هن مهل قلم ڌڻي لڳو پيو آهي، سوشل ميڊيا جو اگر جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ هر فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ جو ڏاءُ رکي ٿو ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ عمومن فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکندا رهندا آهن يا وري سوشل ميڊيا وسيلي ٻين جون تحريرون پڙهندا رهندا آهن. هاڻ جڏهن سوشل ميڊيا وسيلي لکڻ توڙي پڙهڻ جو رهجان اڳ کان وڌيڪ نمايا ٿي ويو آهي پر ان جي باوجود بہ اسان جي معاشري جا اڪثر فرد سنڌ ڌرتي جي ڀلي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڇو نہ ٿا ڪن، هر روز سيڪڊن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان باخبر ٿيندي بہ تحرڪ ڇو نہ ٿا وٺن، اڃا تائين سندس اِها ڪن لاٽار ڪهڙي لاپرواهي واري ظمري ۾ شمار ڪجي، ڇا اڃا شعور جي ڪمي آهي؟ ڇا اڃا تائين اسان جو سماج بالغ پڻي کان پٺتي پيل آهي؟ ڇا اسان ايترا لاغرص ۽ لاپرواھ بڻجي چڪا آهيون جو پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي اهجن، دردن ۽ تڪليفن تي اسان کي ڪو ايذاءَ نہ ٿو اچي. آخر سبب ڇا آهي، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان اڄ تائين سوشل ميڊيا کي مثبت نموني استعمال ڪرڻ جو گُر ئي ناهي سکيو، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان کي سوشل ميڊيا جو صحي استعمال سيکاريو ئي

الاءِ ڇو پرين ؟

Image
تون مون کان نٿي وسرين آءُ عمر جي انهي حد تي پهچي چڪو آهيان جنهن عمر جي حد ۾ ڪنهن جي زلفن جو اسير ٿيڻ يا نه ٿيڻ ڪا به معنيٰ ناهن رکندا. ليڪن اُن جي باوجود به آءُ پنهنجي پاڻ کي تو وٽ قيد ٿيل محسوس ڪندو آهيان. منهنجو سڀئي سوچون توسان منسوب ٿيو وڃن. منهنجو هلڻ، منهنجو گهمڻ توڙي منهنجي هر ڪا گهڙي مون کي تو ڏانهن چڪمڪ جيان ڇڪيندي رهي ٿي. منهنجي ڌرتي هن مهل انيڪ سورن سان سلهاڙيل آهي. آءُ سوچيندو آهيان ته پنهنجي قلم کي جلا بخشيدي آءُ پنهنجي ڌرتي جي بقا توڙي فلاح ۽ بهبود لاءَ لکان. ليڪن پرين تون پاڻ به هن ڌرتي جي ڄائي آهي توکي به هن ديس جي دردن جي چڱي پروڻ آهي.  مون کان پنهنجي ڌرتي لاءِ لاتعلقي بار بار ڇو ٿي ٿئي؟ اهو تنهنجي حُسن جو ڪمال آهي يا وري منهنجي دل لڳي جو فريب. جيڪو مون کي پنهنجي ئي ڌرتي کان غافل ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. حالانڪ تنهنجو حُسن پڻ شاهڪار ۽ تعريف جي قابل آهي. اِهو آءُ به مڃان ٿو. ليڪن پرين منهنجو ديس ته توکان به اعليٰ ۽ اُتم توڙي گهڻو مان لهڻو آهي.  منهنجو ديس صدين جي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍيو رکندي پئي اچي. تون انهي جو جُز آهي ۽ هُو ڪُل آهي. 

احساس نگر

Image
ادب ۾ جڏهن ڪهاڻي جي صنف تي ڪا ڳالھ ڪجي ٿي ته اُنهي مهل يڪدم ذهن تي سنڌ اندر ڪهاڻي جي صنف تي پاڻ ملهائيندڙ کوڙ سارا ليکڪ اُڀري اچن ٿا جن وقت آڌار اسان کي سٺيون ۽ ڪارائتيون ڪهاڻيون ڏنيون جن ۾ معاشري جي هر هڪ پهلو کي اُجاگر ڪيو. هن مهل به سنڌ اندر ڪهاڻيون جهجي تعداد ۾ لکيون وڃن ٿيون. پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٻڌايون وڃن ٿيون. ڪهاڻي هر هڪ فرد جي پسنديده صنف هوندي آهي ڇو ته ڪهاڻي جو تعلق فرد جي ذاتي توڙي معاشرتي زندگي سان سنئو سڌو هوندو آهي. احسان آڪاش هن ٻوسٽ واري ماحول ۾ جهڙي ريت پنهنجي اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد وسيلي ادب جي بي لوث خدمت ڪري رهيو آهي انهي حساب سان کيس جس هجي. ڳچ عرصي کان وٺي ڪري ادب سان سلهاڙيل نون اديبن، ليکڪن، ڪهاڻيڪار ۽ شاعرن کي اڳتي اچڻ ۽ اُسرڻ جا جيتري قدر معياري موقعا فراهم ڪري ٿو پيو اهڙو مثال پوري سنڌ اندر ڪٿي به نه ٿو ملي. تازو آڪاش پبليڪيشن حيدرآباد طرفان نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار احسان آڪاش پاران مرتب ڪيل ” احساس نگر “ جي نالي سان بهترين ۽ دلڪشن ڪهاڻين جو مجموعو پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ٽوٽل ڏھ ڪهاڻيڪار شامل آهن جن ۾ سليم چنا، ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو، اقبال بلوچ، عين سحر

احساس نگر

Image
احساس نگر هن مجموعي بابت حميد سنڌي لکي ٿو:  ” احساس نگر جون هي ڪهاڻيون نه صرف نئين دور جون ڪهاڻيون آهن پر ڪهاڻي جي صنف کي سينگاري بيٺيون آهن. اڄڪلھ ڪهاڻي بيحثيت صنف جي نئو جنم ورتو آهي. جيڪو يقينا اڳتي هلي ڪهاڻي جي صنف کي وڌيڪ اڇو، اجرو ۽ نمايا ڪري بيهاريندو. هي ڪهاڻيون اسان جي سنڌ جي معاشري ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيون ويون آهن. هن ڪتاب جا ليکڪ ڄاتل سڄاتل هوندي به پنهنجي فن ۽ هنر سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿا. هنن ڪهاڻين جو ماحول اسان ۽ اوهان جو ڏٺل واٺل آهي. ان ۾ جيڪي خوبيون ۽ خاميون آهن، اسين هن سماج ۾ رهندڙ انهي سماجي دائري کان ٻاهر نه آهيون. هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ خاص طور تي سليم چنا پنهنجي ساڳي فن ۽ هنر سان ننڍين ڪهاڻين کي جنم ڏئي پڙهندڙن کي جلا بخشي آهي. اهڙي طرح زاهد ابڙو جون ڪهاڻيون به اثرائتيون ۽ چهبندڙ احساس ڏيارن ٿيون. ان سان گڏ عين سحر جي ڪهاڻي ماءُ هڪ سگهاري ۽ تمام گهڻي اثرائتي ڪهاڻي طور اڀري بيٺي آهي ۽ اقبال بلوچ به پنهنجي ڪهاڻين کي ستارن وانگر جرڪايو ۽ بيهاريو آهي. اقبال بلوچ جي سرائيڪي ڪهاڻي هڪ سٺي ۽ اثر رکندڙ ڪهاڻي آهي. طالب ڀنڀرو اڳ کان گهڻو اڳڀرو آهي. نور حسين ڪلهوڙو

قصو وڏي اديب ٿيڻ جو…!

Image
ڪجھ ماڻهو ڪاڳرن جي ٽڪرن ۽ ا خبارن جي هفتيوار پرچن ۾ ڪنهن جي شعر و شاعري توڙي سُخن مجاز کي ڏسي پاڻ بہ شاعر ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ائين ئي شاعر ٿيڻ جو شوق مون کي بہ ڪجھ وقت ٿيو ۽ آءُ بہ شاعر ٿيڻ لاءِ شاعري جي صنفن ۽ نثر جي مڙني صنفن تي طب آزمائي ڪرڻ لاءِ پنهنجي علائقي جي جڳ مشهور شاعر رولاڪ مسافر سان رجوع ڪيو. پهريان تہ مون کي شاعر ٿيڻ لاءِ شاعري لکڻ جا هڪ سئو ٻالتاليھ مول متن ٻڌايائين ۽ وري اُن کان پوءِ لفظن جي جوڙجڪ، انهن جي ڀڄ ڊاھ، انهن کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي رکڻ جو ڏآءُ توڙي انهي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ڳجهو رکڻ جا تلقين پڻ ڪيائين. اڌ ڪلاڪ جي ڪچهري ۾ منهنجي ايتري تہ اصلاح ڪيائين جو مون کي ڪنهن ٻي وڏي اديب ڏي وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس نہ ٿي. مون گهر اچي ڪري قلم ۽ سفيد پنو کنيو، شاعري تي طب آزمائي ڪرڻ لڳس، سوچڻ لڳس تہ ماڻهو رومانوي شاعري کي گهڻو پسند ڪندا آهن سو مون بہ محبوب جي ڳلن، زلفن، لال لبڙن کان وٺي ڪري سندس سينڊل جي آخري نوڪ تي انيڪ شعر و سُخن لکيا. مون وٽ تقريبن درجن کن ڪتابن جيترو مواد گڏ ٿي ويو. اِها ٻڙڪ اتفاقن سان گل پبليڪشن جي چئرمين تنها مسافر کي پئجي وئي. مون کي ڪال ڪر

ڪمال ٿي ڪرين پرين…!

Image
آءُ مُدتن کان تنهنجي اوسئڙي ۾ هنن نيڻن کي راھن تي نڇاور ڪيو ويٺو آهيان، منهنجون سڀئي اميدون، آرزون، تمنائون ۽ آسون توسان منصوب ٿيل آهن…!  منهنجي من جو نگر تنهنجي يادن جي برسات سان شاد توڙي آباد ٿيندو آهي. تون جيڪا منهنجي من جي ملڪا آهين. آءُ مصر جو شهزادو ٿي ڪريان تو ۾ زليخان جو عڪس تلاش ڪندو رهندو آهيان…! ۽ هڪ تون آهين جيڪا منهنجي سڀني چاهتن، اميدن ۽ اُمنگن کي هڪ پاسي رکي ڪري پنهنجي آب ۽ تاب کي برقرار رکندي ٿي اچي، پنهنجي لال لبڙن کي لالي بخشڻ جي فڪر ۾ آهين، پنهنجي واسينگ ڪارن وارن کي سنوارڻ جي فڪر ۾ آهين، پنهنجي ڳلڙن کي پائوڊر جي اڇاڻ جي سپرد ڪرڻ جي فڪر ۾ آهين…! تون سمجهي ٿي تہ آءُ توکي وساري ويٺو آهيان ۽ هتي پنهنجي هڪ الڳ دنيا قائم ڪيو ويٺو ها …! ڪمال ٿي ڪرين پرين تون مون بابت ايترو وڏو گُمان ڪئين ٿي پالي سگهين، آءُ تہ اڄ بہ تنهنجي عڪس کي پنهنجي دل و دماغ ۾ محفوظ ڪري تنهنجو درشن ڪندو رهندو آهيان…! هڪ تہ مڙني سڀئي معاملات توڙي مصروفيتون گڏ بہ ٿي پون تڏهن بہ مون کي تنهنجي سار کان هڪ پل بہ غافل نٿا ڪري سگهن، آءُ ننڍ جي سرگوشين ۾ هجان، سفر جي رولاڪين ۾ هجان يا

ورهيه گذري ويا

Image
زندگي ڄڻڪ هڪ خواب آهي، صرف مون لاءِ نه بلڪل هر ڪنهن لاءِ، توهان لاءِ، توهان جي ويجهن سڀني عزيزن توڙي قريبن لاءِ، دوستن لاءِ، دشمنن لاءَ پکي پکڻ توڙي وڻن ٽڻن لاءِ، وقت گذري ٿو وڃي پوءِ ڪنهن جو ڀلو ته وري ڪنهن جو ڍِلو، مطلب ته ٿورن گهڻن تڪليفن سان سڀني کي منهن ڏڻيو پوندو آهي. ڪجھ ورهيه اڳ قدرت وارو مون ناچيز تي مهربان ٿيو ۽ مون کي آزاد ڪشمير جي مکيه انجنيرنگ يونيورسٽي (ميرپور يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽڪينلاجي، ميرپور آزاد ڪشمير) ۾ سول انجنئير ٿيڻ لاءِ هتان (سنڌ سڳوري مان) هجرت ڪرايائين. آءُ به خير سنگالي سان اُتي وڃي پهتس. ٻه سال پڙهائي جاري رکيم. وڌيڪ ڳاڏو هلي نه سگهيو ۽ تُرت ئي ولايت کي ڇڏي ڪري پنهنجي ڏيھ ڏانهن واپس وريس. ورڻ شرط ئي پنهنجي گهر ۾ ئي مطلب ته ضلعي ۾ ئي پڙهائي جاري رکڻ جو فيصلو ورتم، مٽن مائٽن طرفان انيڪ ٽوڪ، تنظ، غلائون توڙي مهڻا ٻڌڻ لاءِ مليا. هر ڪنهن جو اِهو رايو هو ته مون انجنئرينگ ڇڏي ڪري هڪ اعليٰ غلطي ڪئي آهي جنهن جو ڪو به ازالو يا تڌارڪ آءُ ڪري ڪئين نه سگهندس. توهان هڪ دفعي زندگي ۾ ڪنهن ناڪامي جو شڪار ته ٿيو پوءَ ڏسو ته ماڻهن توهان بابت ڪهڙا ڪهڙا نوا نظري

عورت آزادی مارچ

Image
عورت آزادی مارچ …! نئو ڊرامو افسوس اِهو آهي جو سنڌ اندر عورتن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ صاحب اڄ عورت جي آزادي جون وڏيون ٻٽاڪون هڻندا، وڏا ڪانفرنس ڪندا، وڏا هام هڻندا ته اسان عورتن کي برابري جي بنيادن تي حقن وٺرائي ڏيڻ جا قائل آهيون. اسان عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ تعليم، صحت توڙي ٻين معاملن ۾ هڪ جيترا حقوق وٺرائي ڏيڻ جا حامل آهيون.  مطلب ته جتان ايندن اُتان پيان هوائي فائر ڪندا…! آخرڪار هن ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ عورتون ڪهڙي آزادي جي گُهر ڪُن ٿيون. ڳالھ واضع ٿيڻ کپي ؟ جڏهن عورت هن بگهڙ نما مردن جي معاشري ۾ گهر کان اسڪول توڙي يونيورسٽي تائين وڃڻ مهل پاڻ کي محفوظ نه ٿي سمجهي سگهي ته ڇا هو اِهڙي معاشري ۾ آزادي کان پوءِ سڪون سان رهي سگهندي؟  قطعي نه هي نئو ڊرامو عورتن کي گهمراه ڪرڻ توڙي سندن دل و دماغ ۾ ڇڙواڳي جي نئي لهر پيدا ڪرڻ برابر آهي. عورت کي جيتري قدر آزاد هجڻ گهرجي اُوتري آزادي کيس هن وقت پنهنجي گهرن ۾ مليل آهي. باقي جيڪڏهن يورپ وارين ماين وانگر آزادي جي نالي تي ڇڙواڳي جي اندروني طور اميد اڄڪلھ جي عورت پنهنجي اندر ۾ رکي ٿي ۽

وڏو ماڻهو

Image
وڏو ماڻهو...! وڏو ماڻهو ڪير ؟  تون يا مان ...؟  نه نه...ائين ناهي، يا جيڪو قـــد ۾ وڏو هجي اهو وڏو ماڻهو آهي؟ نه نه ائين به ناهي، مون ڪافي ننڍن ماڻهن کي وڏي قــد ۾ ڏٺو آهي ۽ وڏي ماڻهو جي هجڻ جو تعلق قــد سان قطعي ڪونه آهي.  آخرڪار وڏي ماڻهو هجڻ جو تعلق آهي ته ڇا سان آهي...؟ هن سوال مون کي اندر ئي اندر ۾ ڏاڍو پريشان ڪري رکيو هو، آءُ نوڪري، گهر ٻار، سٺي رهائش ۽ آرائش واري زندگي گهاريندي به وڏو ماڻهو ٿي نه سگهيو هيس. هن اصلاح کي سمجهڻ کان پري هيس جنهن سبب اندر ئي اندر ۾ بي قراري وڌنڌي پئي وئي...! مان هر ان ماڻهو سان ملڻ پي چاهيو جن کي معاشرو وڏو ماڻهو چوندو آهي ڇو ته مون کي انهن سان ملي ڪري وڏو ماڻهو ٿيڻو هو ليڪن ڪڏهن ڪڏهن وري اهو خيال به ذهن ۾ ايندو هو ته هن شهر ۾ نه ڄاڻ الاءِ ته ڪيترا وڏا ماڻهو هوندا، آءُ سڀني سان ڪئين ملي سگهندس. مون کي ڪئين خبر پوندي ته هي ماڻهو وڏو ماڻهو آهي يا ننڍو...؟  پهرين ته ان ڳالهه جو تعين ڪرڻو هُو...! منهنجي نوڪري جيتوڻيڪ سکر جي هڪ وڏي اداري ۾ هئي ليڪن ان جي باوجود مون کي اتي به ڪو وڏو ماڻهو نه مليو، نه ٽڪريو ۽ نه ئي سا

ڳوڙهن ڳاڙهو ويس(شاعري) ڪتاب تي تبصرو

Image
اڳي کان وڌيڪ هن وقت شعر و شاعري وڏي اعليٰ پائي تي ڪئي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوءِ نوان شاعر نت نون رنگن توڙي روپن ۾ نمودار ٿين ٿا. انهن کان علاوه وري ڪي تمام ٿورا شاعر هن وقت سنڌ اندر موجود آهن جن جي شاعري کي وڏي پزيرائي ملي آهي انهن منجهان جعفر جاني جو نالو پڻ نمايا نظر اچي ٿو. سندس هي ڪتاب” ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ سندس شاعري جي مجموعي آهي جنهن ۾ وايون، غزل، نظم ۽ پنجڪڙا شامل آهن. جعفر جاني کي جيتوڻيڪ ڪنهن هڪ صنف جو شاعر نہ ٿو چئي سگهجي، ائين چوڻ ساڻس سان زيادتي شمار ٿيندي ڇو تہ هن سڀني صنفن سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي ۽ انهن کي گهربل معيار ۽ مقدار مطابق سرجيو آهي. انسان مختلفن جي شڪار ٿيڻ مهل مختلف نثر توڙي نظم کي تحريري شڪل ۾ لکي ٿو وٺي. ڪڏهن اِها لکت دل جي ڳالهين جي ترجماني ڪندو آهي تہ وري ڪڏهن اندر جي پيڙاھ جو احوال پڻ هوندو آهي. جعفر جاني پڻ اندروني نراسائي سان نويڪلامي ۾ هم ڪلام ٿيندو هو. سندس هڪڙي وائي آهي تہ : ڏاهپ ڏنا ڏنڀ                           ڏڏ هئڻ جي ڏوھ ۾ آءُ اڏاما ڪيترو کُسي پيا ٿم کنڀ                           ڏاهپ ڏنا ڏنڀ ٻوڙو ڏيھ ٻڌي نہ ٿو