سونهن، خوشبو، عشق (ڪهاڻيون) تي هڪ نظر

سونهن، خوشبو، عشق (ڪهاڻيون) تي هڪ نظر
ليکڪ: سليم چنا

      مجموعي طور سڀئي ليکڪ، دانشور توڙي اديب حساس طبعيت جا مالڪ هوندا آهن. سندن اندر جي احساس پڻي جي سبب ئي هو لکڻ واري ڪرت سان ڳنڍجي ويندا آهن. 

هن معاشري جي اندر برپاءَ ٿيندڙ هر هڪ واقعي کي هو پنهنجي نظر سان ڏسندا آهن سندن مطالعي ۽ مشاهدي جو پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ هوندو آهي. 

ڪڏهن محبوب جي تعريف ۾ ڪورا ڪاغذ ڀريندا آهن ته وري ڪڏهن هن ديس جي دردن ۽ درمانن وسيلي پنهنجي جنگ جوٽيندا آهن. اهڙي ريت پنهنجي قلم وسيلي هن سماج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هڪ يگانو، درويش صفت ڪهاڻيڪار سليم چنا پڻ پاڻ کي ياد پئي ٿو.

جنهن جو تازو آيل ڪهاڻين جو ڪتاب 
” سُونهن، خوشبو، عشق “  پڌرو ٿي چڪو آهي.

سُونهن خوشبو عشق ۾ اُنهن عنوانن تي ڪهاڻيون لکيل آهن جن تي اڄڪلھ جو روشن خيال فرد يا ته سوچي نه ٿو يا وري کيس انهن معاملن تي سوچڻ جيتري فرصت ناهي. 

معاشري جو هر هڪ اُهو پهلو جنهن کي عام ماڻهو عام ڳالھ سمجهي ڪري درگذر ڪن ٿا سليم چنا انهن پهلوئن تي پنهنجي قلم وسيلي ڪهاڻيون لکي ڪري انهن کي اُجاگر ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. 

سندس ڪتاب ۾ هڪ اختصاري ڪهاڻي آهي.
جنهن ۾ ڪجھ ريت گفتگو ڏيکاري آهي:

” اڄڪلھ ڇا پيو ڪرين؟
لکان پيو !
پڙهين ڪونه پيو ؟
تو جهڙن پڙهندڙن وٽان ٻڌان پيو.
پوءِ ڪتاب ڪيئن پيو لکي؟
جيئن تون پڙهي پڙهي ڳالهائين پيو. 
ائين مان ڏسي ڏسي، ٻُڌي ٻڌي ۽ سمجهي سمجهي لکان پيو.
پڙھ ! پڙهڻ ۾ وڏي ڄاڻ اٿئي ! 
تون به لک ! لکڻ ۾ وڏي کاڻ اٿئي ! “

اهڙي ريت هڪ ٻي اختصاري ڪهاڻي 
ڪجھ هن ريت قلم بند ٿيل آهي:

       ” هُن جي مونسان شادي ٿي نه سگهي. پر هُو مون کان وڇڙي ڪونه سگهي. هُن جي ۽ منهنجي ملاقاتن جو سلسلو بند ٿي ويو. پوءِ به مون کان وڇڙي ڪونه هئي. شهر ڇڏي وئي ته به نه وڇڙي.

            ملڪ ڇڏي وئي ته به وڇوڙو محسوس نه ٿيو. اڄ 45 سالن کان پوءِ اسان جي ڪلاس فيلو ۽ ھُن جي پياري سهيلي فون ڪري ٻڌايو تنهنجي ” هُو“ پرڏيھ ۾ گذاري وئي اٿئي ۽ اڄ مون ڊائري ۾ لکيو آ… هُو وڇڙي وئي آهي. “

اهڙي ريت سندس اختصاري توڙي تويل ڪهاڻين ۾ اهڙو فڪري لهجو ۽ انداز بيان پيش ڪيل آهي جو پڙهندڙ پاڻهي ڄاڻ سوچڻ تي مجبور ٿي ٿو.

 سندس هر هڪ ڪهاڻي ۾ معاشرتي ريتن رسمن توڙي سماجي ڪارجن تي ڪهاڻيون وڏي بي باڪي سان لکيل آهن. 

ڪهاڻين جي هن مجموعي 
بابت حميد سنڌي لکي ٿو:

 ” سليم چنا جي ڪهاڻين ۾ به ڪيترن هنڌن تي هن جون ڪهاڻيون هن غير متوازن سماج ۾ نه ٺهڪندڙ، بغاوت ڪندڙ، محبت ۽ وفا ڪندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون ڏاڍي جذباتي طرح سان پڙهندڙن کي لوڏيو وجهن. هي دور ڪهاڻين جو اهڙو دور آهي، جنهن ۾ فڪري طرح سان اسان جا ڪهاڻيڪار اڀرندا نظر اچن ٿا. 

                پنهنجي فڪر تي قائم رهي نيون ۽ دلپيز ڪهاڻيون هن خزاني ۾ جمع ڪرائيندا اچن ٿا. ۽ انهن ڪهاڻيڪارن جو دامن پالو ٿيڻ نه ڏنو آهي. انهن مان هميشه مون سليم چنا کي هڪ دور جي ڪهاڻين جو نئون باب لکندي ڏٺو آهي، جيڪو گهڻي وقت کان مسلسل ڪهاڻيون لکي اڻ ٿڪ محنت، همٿ ۽ محبت سان تخليق جا انبار ڏيندو رهيو آهي. 

     سندس اهو سمورو پورهيو تعريف جو محتاج نه آهي. ڇاڪاڻ ته شروع کان وٺي هي ماڻهو جاکوڙي ۽ کاهوڙي رهيو آهي. هر وقت سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي ٿو. سندس پڙهندڙن هن سان پيار ڪن ٿا ۽ کيس سنڌ جي هڪ عاشق جي نظر سان ڏسن ٿا. 

  ڇو ته سليم چنا جي رڳن ۾ سنڌ جي روحاني فڪر جا انبار ڊوڙيندا رهن ٿا. مون هن وهيءَ ۾ به هن کي پنهنجو سچو ساٿي، قرب وارو، اڳتي وڌندڙ، اهڃاڻ مثل سمجهي پاڻ کان ڌار نه ڪيو آهي. شال هي اهڙا ڪتاب تخليق ڪندو اچي ڇاڪاڻ ته تخليق جو هنر هن کي ماءُ جي ٿڃ سان گڏ مليو آهي. 

             دعا آهي ته سندس لکڻين ۾ جوت جلندي رهي ۽ اُن مان سونهن، خوشبو، عشق پنهنجو سفر جاري رکندي، سندس لکڻين کي منفرد ۽ سنڌ جي سُونهن بڻائي. آمين “

حميد سنڌي جهڙي برک ڪهاڻيڪار جو رايو هن ڪتاب بابت پڙهي ڪري ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي بخوبي سمجهي سگهجي ٿو. 

اِن کان علاوه گل محمد عمراڻي
سونهن، خوشبو، عشق 
بابت پنهنجا ويچار ڪجھ هن ريت ونڊي ٿو:

” سنڌي ادب جي گونان گون صنفن تي طبع آزمائي ڪندڙ برجستو تخلقڪار سليم چنا جون هي نمائده ڪهاڻيون تحرير جو هڪ خوش نما امتزاج آهن. سليم کي سلوڻي ۽ تُز ٻولي، لهجي ۽ خاص طور تي وچولي سنڌي محاوري تي سٺي دسترس حاصل آهي. 

       هن جا ڪردار گهڻو ڪري شهري بابو ۽ عام هيٺين ۽ مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا. اهي پيڙا، مايوسي. بيگانگي ۽ نراسائي ڀوڳين ٿا. جيڪا هن حساس ڪهاڻيڪار پنهنجي زندگي ۾ پسي ۽ محسوس ڪئي آهي. سليم چنا هڪ حساس دل ۽ غير معمولي ذهين قلمڪار آهي ۽ هن جو گهرو مشاهدو صوفياڻو ۽ مزاج شاهاڻو آهي. ڇاڪاڻ ته شاهي ۽ تحمل مزاج وارا درگذر ۽ سهپ رکندڙ پُرش هوندا آهن. 

     سندس ڪهاڻي ” مٽي جا شيطان“ ۾ انسانن جهڙا پر عملن ۾ وحشي خوني حيوانن کان گهڻو اڳتي وڌي خودڪش حملا آور بمبار ۽ دهشتگرد آخر هن ڌرتي تي مٽي مان بڻيل شيطان ڇو ٿي ويا آهن…؟ 

      ٻي ڪهاڻي ” سچي دوستي“ به تاثراتي نوع ۾ لکيل آهي. زندگي ڪيئن نه ٿي بدلجي؟ هڪ عام رواجي ڪلرڪ جي آتم ڪٿا آهي. ڪافي دلچسپ مختصر ڪهاڻي آهي. ” سونهن ۽ سرهاڻ ۾ قيد ٿيل صحافي“ هڪ روايتي جديد وڏيرڪي سماج جو شهري سماجياتي ڊرامو آهي. 

     جنهن ۾ خود ساختہ ۽ هٿ ٺوڪين ليڊرن اين جيوز طرز جي ڪرادري واري من موهڻي وڏيريءَ، وڏيري سندس مظلوم ڪاري ٿيل نوڪرياڻي جي ڌي جو انوکو قصو نيم جنسياتي ۽ نفسياتي رُخن سان هڪ ماهر قصاگو جي قلم مان نڪري قرطاس ابيضن تي اچي ٿو. پر هاڻ انٽرنيٽ جي سنسار ۾ اهڙيون سنسي خيز لڳن ٿيون.

                           سليم چنا کي جس آهي ته هو ڪامياب رهيو آهي. سندس هي ڪهاڻيون به يادگار وٿون آهن ۽ پراڻي ڪهاڻين جي مشق جو زنده جاويد تسلسل آهن. ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيت آهي ۽ سليم چنا وٽ بيانيہ ۽ منظر ڪشي به شاندار آهي.“

سونهن، خوشبو، عشق بابت سائين حميد سنڌي ۽ گل محمد عمراڻي صاحب جا رايا پڙهي ڪري اهو معلوم ٿي ٿو ته سليم چنا ادب جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي. جنهن جي روشني پنهنجي آب ۽ تاب سان اُڃايل دلين کي سيرياب ڪندي رهي ٿي. 

هي ڪتاب سليم چنا اشاعت گهر قاسم آباد پاران ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ اهم ڳالھ اِها ته هن ڪتاب جي قيمت ” ڪجھ به نه ! “ آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو