Posts

Showing posts from March, 2020

لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

Image
توهان ننڍي هوندي کان نوراني نور هر بلا دور جو تذڪرو يا نعرو ته ضرور ٻڌو هوندو. جيڪڏهن نه ٻڌو آهي ته ڀلا پنهنجي زندگي ۾ ڪجھ ڪي لاهوتي ماڻهو ضرور ڏٺا هوندا يا انهن سان اوهان ضرور مليا هوندا. هاڻ اِهو نوراني نور، لاهوت ۽ لاهوتي وارا اصطلاح ڪٿان شروع ٿيو. ڪنهن لاءِ استعمال ٿيو. اصل حقيقت ڇا آهي انهي بابت پاڻ هتي تفصيلي گفتگو ڪنداسين. لاهوت جي لغوي معني آهي: ” اُها جڳھ جتي فنافي الله وارن جو آستانو هجي“. مطلب اهڙي جڳھ/اهڙو سفر جنهن ۾ اوليائن جي احترام سان گڏوگڏ مرشد جي رهبري سان خدا جي خشنودي حاصل ڪرڻ جو ارادو به شامل هجي. هن سفر تي وڃڻ مهل سڀني لاهوتين کي تلقين ڪئي ويندي آهي ته هُو موسم جي حساب سان ضروري هنڌ بسترا توڙي ڪپڙا پاڻ سان گڏ کڻي هلن. ڇو ته هي ياترا مڪمل هڪ هفتي تي مشتمل آهي. ڪٿي ڪنهن دڳ پنڌ ۾ رات پوڻ تي اُتي ئي رهڻو پوي ٿو اِنهي لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو ضروري سامان هجي نه ته کيس تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو.  ڪجھ لاهوتي ته پاڻ سان گڏ هڪ ننڍڙو پاڻي جو ڪولر، گلاس، آرسي، ڦڻي توڙي پنڊي ۽ پليٽ به کڻن ٿا. ته جئين کين سنورڻ ۽ سنبرڻ توڙي کائڻ پئيڻ جي معاملي ۾ ڪائي ڌڪت محسو

سانوڻ، جنهن جا نظم اڃا تائين ڪُنوارا آهن

Image
اسان جي سٿ ۾ ڪجھ اِهڙا نوجوان به هوندا آهن جن سان اسان جو دلي لڳاءُ هوندو آهي. انهي لڳاءُ جا کوڙ سارا سبب هوندا آهن. اِهو دلي لڳاءُ نه صرف عزت، احترام ۽ سهڻي ورتاءُ سبب جڙندو آهي بلڪ ڪڏهن ڪڏهن اِنهي لڳاءُ جو مکيه سبب سامهون واري شخص جو ڪم به هوندو آهي. ضروري ناهي ته سندس اُهو ڪم يا ڪرت ڪنهن مخصوص شهبي سان سلهاڙيل هجي پر تڏهن به اِهو بي حد ضروري آهي ته توهان اُن شخص سان ڪهڙي نسبت سبب جُڙيل آهيو.  دنيا جهان جي ڪم ڪارن عيوض مجموعي طور تي هر قسم جي ماڻهن سان ملڻ جلڻ ٿيندو آهي ۽ ڪن سان مختصر ته وري ڪن سان تويل ڪچهريون به ٿينديون رهنديون آهن. تڏهن به مون کي ماڻهو ياد گهٽ رهندا آهن. گهڻن يارن جا ته نالا ئي ماڳهين مون کان وسري ويندا آهن. آئون ماڻهن جي ميڙ مان جيڪڏهن ڪن کي ياد رکڻ چاهيندو به آهيان ته اُنهن مان اُهي ئي ماڻهو سرفهرست آهن جيڪي تخليقڪار آهن. مطلب ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ادب سان سلهاڙيل آهن. ادب لکن ٿا يا وري ادب پڙهن ٿا.  ادبي ماڻهن سان ميل جول ڪرڻ توڙي انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۾ مون کي دلي سڪون ملندو آهي. ڇو ته هِي اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي عام رواجي موضوعن کان هٽي

هن المناڪ صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي

Image
هلندڙ وقت ۾ جهڙي ريت عالمي دنيا جي سڀني ترقي پذير ملڪن جي ارتقا کي اڳيان بند اچي ويو آهي ۽ جديد دنيا جا تصور ڏيندڙ سڀئي سُڌريل ملڪ به هن وقت عالمي وبا سبب پريشان حال آهن. تنهن هوندي به  اِهو نه ٿو چئي سگهجي ته اڳتي هلي ڪري هن ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جو مستقبل ڪهڙو ۽ ڪئين هوندو. ڇو ته هن وائرس آمريڪا کان وٺي ڪري دنيا جي مجموعي طور تقريبن ٻن سون ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ اڃا هن جي پکيڙ جاري آهي. جيستائين هي وائرس مڪمل طور تي ختم نه ٿي ٿئي تيستائين هن ڌرتي کي خطرو لاحق آهي ئي آهي. ميڊيڪل سائنس جا ماهر هن وبا جي ويڪيسن ايجاد ڪرڻ مصرف عمل آهن ۽ ٻئي طرف هي وبا پنهنجو دائرو وسيع ڪندو ٿو وڃي هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته هن کي ڪڏهن ۽ ڪٿي تي مات ملي. تنهن هوندي به ڪجھ اهڙيون ڳالهيون آهن جن تي پاڻ کي الڳ سان سوچڻو آهي ۽ اُنهن تي ٿورو غور ويچار ڪرڻو آهي. هن صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي: پاڪستان اندر سڀني کان پهريان هن وائرس جو ظهور سنڌ کان ٿيو آهي. ايران کان آيل زائرين جڏهن ڪراچي ائيرپورٽ تي پهتا ته اُنهن منجهان آيل ڪجھ زائرين ۾ هن وبا جون علامتون ظاهر ٿيون. حڪومت سنڌ انهي معاملي ۾ تحرڪ وٺڻ

سلَيمانِي چانھِ

Image
ڪجھ ڏينهن پهريان آئون پنهنجي ننڍپڻ جي دوست ڏانهن سندس اوطاق تي ملڻ ويس. تفريحي توڙي گهمڻ ڦرڻ جا سڀ ماڳ بند آهن. سوچيم ته مڙئي وقت کي به ٺيلو ڏئي اچان ۽ تازو توانو به ٿي اچان! جئين ئي سندس اوطاق تي پهتس ته ماڳهين ملڻ کان ئي عاري ٿي بيٺو. نه هٿ ملايائين ۽ نه ئي ڀاڪر ۾ ڀريائين. پري کان هٿ مٿي ڪري کيڪاري، ويهڻ لاءَ چيائين: مون کيس چيو: ”يار ائين به ٿيندو آهي ڇا؟  مهمان جو ڪجھ ته قدر ڪري ماڻهو“. کلي وراڻائين: ”هاڻ تون اِهو ٻڌاءُ ته چانھ کير واري پيندئي يا سلَيمانِي؟“. مون به ٽهڪ ڏيندو چيو: ”وڏو ڪو لاھ آهين يار، اجايو ٿو مون مسڪين تي ٽُوڪون ڪرين“. مُرڪي چيائين: ” ٽُوڪ ناهي. اڄڪلھ سليماني چانھ جا چرچا عام آهن. پريشان نه ٿي. مان توکي سليماني چانھ ڪونه ٿو پياريان“.

جي خوش ته جهان خوش. اچو ته احتياط ڪريون

Image
هن وقت اسان جي آس پاس جو جيڪو ماحول آهي اُنهي کان ته اسين سڀئي واقف آهيون. اسان جي بقا صرف جو صرف احتياط ۾ ئي آهي. صحت توڙي صفائي سميت ٿوري به لاپرواهي اسان کي وڏي پريشاني ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. اسان توهان کي هن ڏکئي وقت ۾ گهڻي کان گهڻو محتاط رهڻ کپندو. وڏا چوندا هيا ته جيءَ خوش ته جهان خوش. واقعي ائين ئي آهي ماڻهو تدرست ۽ چاڱ چڱو ڀلو آهي ته سندس لاءَ سڀئي حُسناڪيون آهن ۽ جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن سبب جي ڪري ناچاڪي کي منهن ڏئي ٿو ته سندس من اندران ئي اندران مونجهو ٿي پوندو آهي. ڪورونا وائرس جنهن هن وقت دنيا جي هڪ سئو ستانوي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن سبب گهڻا ئي ترقي يافته ملڪ به هن وائرس سبب پنهنجو کوڙ سارو نقصان ڪرائي ويٺا آهن. سائنس اڃا تائين ايتري ترقي ڪونه ڪئي آهي جو هنگامي بنيادن تي برپا ٿيندڙ ڪنهن وبا يا مرض جو ترت علاج ڳولهي سگهي. هن وبا جي لاحق ٿيڻ کان پوءِ جن ملڪن جهڙوڪ چين. هن وبا سان جنگ فتح ڪئي آهي سو احتياط وسيلي ئي ڪيو آهي. بيماريون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪ وائرل ۽ ٻيو بيڪٽريل. وائرل بيماريون يعنيٰ جيڪي وائرس جي صورت ۾ هڪ کان ٻي ۾ منتقل ٿين. جهڙوڪ پوليو،

لاڪ ڊائون واري صورتحال کي ڪئين منهن ڏجي

Image
ڪالھ کان وٺي سموري سنڌ جا سڀئي ننڍا توڙي وڏا شهر بند آهن ۽ اُنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن ته جئين لاڪ ڊائون واري صورتحال برقرار رهي سگهي ۽ سموري سنڌ جا رهواسي هن وبا جي شڪار ٿيڻ کان محفوظ رهن.  ڪنهن ضروري ڪم ڪار سانگان شهر ڏانهن وڃڻ جو هڪ طريقڪار پڻ ٻڌايو ويو آهي ۽ حُڪومت سنڌ طرفان ماڻهن کي حڪومت سان اخلاقي طور سهڪار ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي. جئين ته هن وقت دنيا جي مجموعي طور گهڻن ئي ملڪن ۾ ساڳي ئي طريقي سان هَن وبا کي منهن ڏيڻ لاءَ طريقڪار اپنايا پيا وڃن ۽ اِهو پڻ چيو ويو آهي ته هن مرض کان صرف احتياط وسيلي ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. لاڪ ڊائون جي صورتحال کان پوءِ ماڻهو سمورو وقت پنهنجي گهر ۾ ئي گذاري ٿو ۽ کيس پنهنجي آس پاس توڙي هِيڏانهن هُوڏانهن اجايو وڃڻ جي به ڪا خاص ضرورت نه هجڻ گهرجي. اِهڙي ماحول ۾ وقت گذارڻ جا ڪهڙا موثر طريقا ٿي سگهن ٿا. اچو ته اُنهن تي ٿورو غور فڪر ڪريون. . صحت ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ: جئين ته اسان توهان سڀني کي خبر آهي ته ”جيءَ خوش ته جهان خوش“. جيڪڏهن ماڻهو چاڱ چڱو ڀلو آهي ته کيس سڀ ڪجھ سُٺو، سهڻو ۽ خوبصورت لڳندو آهي ۽ جي

ڪرونا کان بچاءُ جو تدبير ڪئين هجڻ گهرجن

Image
گذريل مهيني کان وٺي ڪري جهڙي ريت هن خطرناڪ وائرس مجموعي طور عالمي دنيا جي کوڙ سارن ملڪن ۾ هڪ خوف ۽ حراس وارو ماحول برپا ڪيو آهي تڏهن به هي بيماري ايتري خطرناڪ ڪونه آهي جيتري قدر اسان کي ٻڌايو ۽ ڊيڄاريو وڃي ٿو. عام ماڻهو يا گهٽ پڙهيو لکيو ماڻهو حڪومت طرفان ٻُڌايل تدبيرن ۽ حڪمت عملين تي جهڙوڪ اعتماد ڪري وٺي ٿو تڏهن به اسان کي اِها ڳالھ ڀلي ڀت ڄاڻڻ گهرجي ته حُڪومت پاڪستان يا وري صوبائي حُڪومتون، جهڙوڪ سنڌ حڪومت هن وبا جي حوالي سان اَڃا ايترا تُرتَ ۽ تڪڙا قدم ڪونه کنيا آهن. جيڪي کين کڻڻ کپن. هن وبا جي لپيٽ ۾ جنهن وقت چين آيل هيو تڏهن هر هڪ اهل علم يا دانشور توڙي پاڻ کي مفڪر مڃيندڙ ماڻهن چين تي ٺٺوليون ڪيون هيون. اهڙن ئي ماڻهن جو عقل ٺڪاڻي تي تڏهن آيو جڏهن هن وبا پنهنجو مُنهن ٻين ملڪن ڏانهن ڪيو ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ هن وائرس گهڻن ئي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، هاڻ سڀني جا هٿ مٿي آهن. سوشل ميڊيا تي هن وائرس کان بچاءُ ۽ هن وائرس جي علامتن متعلق ڪافي معلومات هڪ ٻي سان ونڊ ٿئي پئي. تڏهن به آئون سمجهان ٿو ته اڃا هڪ اهڙي تدبير آهي جنهن کي اوهان سان سَلڻ ۾ آئون بهتري سمجهان ٿو. جئين

هي آهي اسان جو پنهنجو احمد شاڪر

Image
آئون ڪي گهڙيون انهي ويچار ۾ هيس ته ڳالهه کي ڪٿان کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي اجازت طلب ڪجي، انهي سوچ ويچار ۾ ڪجهه ساعتون مون وڃائي ڇڏيون، جنهن جو مون کي بي حد افسوس آهي. مون سان ائين گهٽ ٿيندو آهي ته آئون ڪو ڪنهن ڪتاب کي بار بار ورائي پڙهان، هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ ساڳي ئي ڪتاب کي وري پڙهڻ لاءِ دل تمام تر گهٽ چوندي آهي. انهي جي باوجود به ڪجهه اهڙا ڪتاب منهنجي مطالعي ۾ آيا آهن. جن کي مون ورائي ورائي ڪري پڙهيو آهي. اهڙن ئي ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب ” هڪ نظر هيڏانهن ب ه“ آهي. هي ڪتاب نوجوان ليکڪ ۽ شاعر احمد شاڪر جي مضمونن جو ڪتاب آهي، هن ڪتاب کان پهريان ليکڪ جا ٻه ترجما ڪيل ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتا آهن ۽ هي سندس ٽيون ڪتاب آهي. احمد شاڪر ادب سان جهڙي نموني نڀائي رهيو آهي انهي عيوض کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن ڪتاب ۾ موجود سڀني مضمونن جي مطالعي کان پوءِ آئون انهي راءِ تي پهتو آهيان ته آئون احمد شاڪر کي جديد دور ۾ نوجوان طبقي ۾، جينيئس تخليقڪار جو لقب ڏيان. هو حقيقت ۾ واقعي به جينيئس ليکڪ آهي. منهنجي ساڻس جڏهن به ملاقات ٿي آهي، تڏهن مون کيس هڪ سنجيده نوجوان طور ڄاتو ۽ سڃاتو آهي. احمد شاڪر جو هي ڪ