ڪرونا کان بچاءُ جو تدبير ڪئين هجڻ گهرجن



گذريل مهيني کان وٺي ڪري جهڙي ريت هن خطرناڪ وائرس مجموعي طور عالمي دنيا جي کوڙ سارن ملڪن ۾ هڪ خوف ۽ حراس وارو ماحول برپا ڪيو آهي تڏهن به هي بيماري ايتري خطرناڪ ڪونه آهي جيتري قدر اسان کي ٻڌايو ۽ ڊيڄاريو وڃي ٿو. عام ماڻهو يا گهٽ پڙهيو لکيو ماڻهو حڪومت طرفان ٻُڌايل تدبيرن ۽ حڪمت عملين تي جهڙوڪ اعتماد ڪري وٺي ٿو تڏهن به اسان کي اِها ڳالھ ڀلي ڀت ڄاڻڻ گهرجي ته حُڪومت پاڪستان يا وري صوبائي حُڪومتون، جهڙوڪ سنڌ حڪومت هن وبا جي حوالي سان اَڃا ايترا تُرتَ ۽ تڪڙا قدم ڪونه کنيا آهن. جيڪي کين کڻڻ کپن. هن وبا جي لپيٽ ۾ جنهن وقت چين آيل هيو تڏهن هر هڪ اهل علم يا دانشور توڙي پاڻ کي مفڪر مڃيندڙ ماڻهن چين تي ٺٺوليون ڪيون هيون. اهڙن ئي ماڻهن جو عقل ٺڪاڻي تي تڏهن آيو جڏهن هن وبا پنهنجو مُنهن ٻين ملڪن ڏانهن ڪيو ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ هن وائرس گهڻن ئي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، هاڻ سڀني جا هٿ مٿي آهن.

سوشل ميڊيا تي هن وائرس کان بچاءُ ۽ هن وائرس جي علامتن متعلق ڪافي معلومات هڪ ٻي سان ونڊ ٿئي پئي. تڏهن به آئون سمجهان ٿو ته اڃا هڪ اهڙي تدبير آهي جنهن کي اوهان سان سَلڻ ۾ آئون بهتري سمجهان ٿو. جئين ته هي وبا هڪ وائرس آهي. اَن لاءِ هن جي دوا تڪڙي نموني دريافت نه ٿي سگهندي ۽ هن کان بچاءُ جو جيڪو اعليٰ ۽ سولو طريقو آهي سو آهي پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل ايال کي صاف سٿرو رکڻ ڇو ته جيڪڏهن هي بيماري بيڪٽيريل هجي ها ته تڏهن سندس اعلاج به سولو ٿي پوي ها ۽ کيس ختم به ڪري سگهجي ها. دنيا اندر جيڪي به بيماريون وائرس جي شڪل ۾ پيدا ٿينديون آهن انهن کي يا ته وئڪسين وسيلي ڪنٽرول ۾ رکيو ويندو آهي يا ته وري انهي کان احتياط طور ئي پاڻ کي محفوظ رکي سگهبو آهي. جئين ته پوليو به پاڻ وٽ وائرس جي صورت ۾ موجود آهي. ان لاءَ انهي کان بچاءُ لاءَ ويڪسين ته موجود آهي پر ان جي لاحق ٿيڻ کان پوءِ انهي جا ڪا به مقرر دوا ڪونه آهي.

حڪومت سنڌ، تعليمي ادارا، درگاهون، تفريحي گاهون ۽ شادي هال ته بند ڪرايا آهن پر عام ماڻهو کي صفائي سان رهڻ جي آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هڪڙي ماسڪ کي ٻوٿ تي چاڙهي ڪري ڪو به ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ واري غلط فهمي نه ڪري ته بهتر، ڇو ته جيڪڏهن انساني جسم ۾ قوت مدافيت جو مقدار گهٽ هوندو ته اُن کي ننڍي کان ننڍي بيماري به حملو ڪري سگهي ٿي ۽ انهي جي برعڪس جيڪڏهن سندس جسم ۾ قوت مدافيت جو مقدار سُٺو هوندو ته يقينن ڪا به بيماري کيس لاحق نه ٿي سگهندي. ان لاءِ اسان توهان کي عوام اناس تائين صفائي جي آگاهي وڌ ۾ وڌ ڏيڻ گهرجي ته جئين هن وبا جو اثر ماڻهو تي ٿي ئي نه سگهي ۽ اسان کي ڳڻتي جوڳي واري صورتحال سان منهن نه ڏيڻو پوي. هن وقت پاڻ وٽ اُنهاري جي موسم هلي رهي آهي ۽ هن موسم ۾ وري وري هٿ منهن ڌوئڻ يا وري ونهجڻ ۾ ڪو عيب ڪونه آهي. ان لاءِ ڪرڻ ائين کپي ته هر عام و خاص ماڻهو ڏينهن ۾َ ٽي دفعا وينجهي ۽ ڪنهن سُٺي صابڻ سان هٿ منهن پڻ ڌوئي ته يقينن سندس جسم هر قسم جي بيماري واري جيوڙن کان محفوظ رهندو ۽ کيس پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه پوندي. 


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو