جي خوش ته جهان خوش. اچو ته احتياط ڪريون

هن وقت اسان جي آس پاس جو جيڪو ماحول آهي اُنهي کان ته اسين سڀئي واقف آهيون. اسان جي بقا صرف جو صرف احتياط ۾ ئي آهي. صحت توڙي صفائي سميت ٿوري به لاپرواهي اسان کي وڏي پريشاني ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي. اسان توهان کي هن ڏکئي وقت ۾ گهڻي کان گهڻو محتاط رهڻ کپندو. وڏا چوندا هيا ته جيءَ خوش ته جهان خوش. واقعي ائين ئي آهي ماڻهو تدرست ۽ چاڱ چڱو ڀلو آهي ته سندس لاءَ سڀئي حُسناڪيون آهن ۽ جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن سبب جي ڪري ناچاڪي کي منهن ڏئي ٿو ته سندس من اندران ئي اندران مونجهو ٿي پوندو آهي.

ڪورونا وائرس جنهن هن وقت دنيا جي هڪ سئو ستانوي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن سبب گهڻا ئي ترقي يافته ملڪ به هن وائرس سبب پنهنجو کوڙ سارو نقصان ڪرائي ويٺا آهن. سائنس اڃا تائين ايتري ترقي ڪونه ڪئي آهي جو هنگامي بنيادن تي برپا ٿيندڙ ڪنهن وبا يا مرض جو ترت علاج ڳولهي سگهي. هن وبا جي لاحق ٿيڻ کان پوءِ جن ملڪن جهڙوڪ چين. هن وبا سان جنگ فتح ڪئي آهي سو احتياط وسيلي ئي ڪيو آهي.

بيماريون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪ وائرل ۽ ٻيو بيڪٽريل. وائرل بيماريون يعنيٰ جيڪي وائرس جي صورت ۾ هڪ کان ٻي ۾ منتقل ٿين. جهڙوڪ پوليو، زڪام وغيره. اوهان ڏٺو هوندو ته هن وقت تائين پوليو جي به ڪا خاص دوا وغيره ايجاد ڪونه ٿي سگهي آهي. پوليو کان بچاءُ لاءِ جيڪا ويڪيسن ڪئي ويندي آهي اهو ان لاءِ ته جئين ڪنهن کي پوليو نه ٿئي. ڪجھ ملڪن پنهنجي ڌرتي تان پوليو جهڙي موذي مرض کي ڌڪي ڪري ٻاهر ڪڍيو آهي ۽ ساڳي جاءَ تي وري ڪجھ اسان جي ملڪ جهڙا غريب ملڪ هن وبا سان به اڃا تائين جهيڙي رهيا آهن.

هي وبا ڪورونا وائرس به پوليو وانگر هڪ وائرل بيماري آهي. جنهن جي گهڻي عرصي تائين ڪا به دوا وغيره ايجاد ٿيڻ جي توقع نه ٿي ڪري سگهجي. هن وبا کي هڪ ئي طريقي سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي ۽ اُهو طريقو آهي احتياط. احتياط سان ماڻهو وڏن وڏن موذي مرضن کان پاڻ کي بچائي وٺندو آهي. احتياط نه ڪرڻ جي صورت ۾ هي وبا هڪ وڏي تباهي آڻي سگهي ٿي. هڪ اهڙي تباهي جيڪا اسان توهان ڪڏهن سوچي به نه هجي.

جيڪڏهن پاڻ چائينا جو مثال وٺون ته چين وارن به هن وبا کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي پنهنجي قوم کي بچايو. اچ وڃ جا سڀئي رستا بند ڪري، انهن متاثر ماڻهن کي گهيري نگهداش ۾ رکي ڪري انهن جي سار سنڀال ڪئي ۽ سگهوئي انهن هن وبا کان پنهنجي جان آجي ڪئي. انهي جي برعڪس اٽلي ملڪ جي باشندن هن وائرس کي معلومي وائرس سمجهي ڪري نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن کي هاڻ هڪ وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ان لاءِ تهذيت يافته قوم هجڻ جو ثبوت ڏيندي وڌ ۾ وڌ احتياط ڪريو ۽ پنهنجي توڙي پنهنجي گهرڀاتين سميت هن ملڪ، هن ڌرتي ۽ هتان جي عوام جي آئيندي کي محفوظ ڪيو.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو