هي آهي اسان جو پنهنجو احمد شاڪر


آئون ڪي گهڙيون انهي ويچار ۾ هيس ته ڳالهه کي ڪٿان کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي اجازت طلب ڪجي، انهي سوچ ويچار ۾ ڪجهه ساعتون مون وڃائي ڇڏيون، جنهن جو مون کي بي حد افسوس آهي. مون سان ائين گهٽ ٿيندو آهي ته آئون ڪو ڪنهن ڪتاب کي بار بار ورائي پڙهان، هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ ساڳي ئي ڪتاب کي وري پڙهڻ لاءِ دل تمام تر گهٽ چوندي آهي. انهي جي باوجود به ڪجهه اهڙا ڪتاب منهنجي مطالعي ۾ آيا آهن. جن کي مون ورائي ورائي ڪري پڙهيو آهي. اهڙن ئي ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب ” هڪ نظر هيڏانهن به“ آهي. هي ڪتاب نوجوان ليکڪ ۽ شاعر احمد شاڪر جي مضمونن جو ڪتاب آهي، هن ڪتاب کان پهريان ليکڪ جا ٻه ترجما ڪيل ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتا آهن ۽ هي سندس ٽيون ڪتاب آهي. احمد شاڪر ادب سان جهڙي نموني نڀائي رهيو آهي انهي عيوض کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
هن ڪتاب ۾ موجود سڀني مضمونن جي مطالعي کان پوءِ آئون انهي راءِ تي پهتو آهيان ته آئون احمد شاڪر کي جديد دور ۾ نوجوان طبقي ۾، جينيئس تخليقڪار جو لقب ڏيان. هو حقيقت ۾ واقعي به جينيئس ليکڪ آهي. منهنجي ساڻس جڏهن به ملاقات ٿي آهي، تڏهن مون کيس هڪ سنجيده نوجوان طور ڄاتو ۽ سڃاتو آهي. احمد شاڪر جو هي ڪتاب جيتوڻيڪ مضمونن تي مشتمل آهي، تڏهن به هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا مضمون آهن جيڪي ظاهري طور تي تبصرا آهن. انهن تبصرن ۾ احمد شاڪر جو اسلوب انتهائي وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. پنهنجي پاران ۾ احمد شاڪر لکي ٿو ته ” مون جڏهن به ڪتاب پڙهيو آهي ۽ پڙهڻ بعد ان جي آخري اڇي پني تي پنهنجي راءِ ضرور لکي ڇڏي آهي. ان عمل مون کي پهريان شاعر ۽ پوءِ هڪ نثر نويس بڻائي ڇڏيو ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪو به ڪتاب پڙهندو آهيان ته اهو ڪم ازخود عمل ۾ اچي ويندو آهي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن لکت ۾ راءِ ملي ٿي ته ان ۾ ليکڪ جي ڪم جي ساراهه سان گڏ اتساهه ۽ آٿت جو احرام به اڻجي ٿو. مون پنهنجي مطالعي کي ڪڏهن به وڃائڻ ناهي ڏنو ۽ پنهنجي راءِ عام پڙهندڙن تائين پهچائي آهي ۽ ان جو ثمر هي ڪتاب اوهان اڳيان آهي.“ احمد شاڪر جو هي اعتراف هڪ عمده اعتراف آهي، جنهن جو پنهنجو هڪ الڳ مزو آهي. ڪتاب جو بهترين شائق ۽ پڙهندڙ به اهو ئي هوندو آهي جيڪو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ انهي تي پنهنجي ڪا راءِ قائم ڪري. جئين ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کان باقي ماڻهو به آگاهه ٿي سگهن. مون جڏهن هن ڪتاب جو مطالعو ڪيو ته سچ پڇو ته مون کي احمد شاڪر جي ادب ۾ محنت، ڪتابن سان سندس لڳاءُ ۽ تخليقڪارن سان سندس ورتاءُ جي پروڙ پئي. مون ڄاتو آهي ته احمد شاڪر وٽ هر هڪ ماڻهو لاءِ احترام ۽ عزت واري نگاهه آهي، تڏهن به سندس نگاهه ۾ اهي ماڻهو کيس وڌيڪ عزيز آهن جيڪي تخليقڪار آهن ۽ نثر يا نظم وسيلي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن ڪتاب ۾ احمد شاڪر جڏهن شاعري تي ڳالهايو آهي تڏهن ائين معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ مضبوط شاعر آهي ۽ سندس راءِ ڪيتري نه مضبوط راءِ آهي. اهڙي ريت جڏهن هو نثر جي ڪنهن قسم جهڙوڪ ڪهاڻي يا ناول تي ڳالهائي ٿو ته ائين معلوم ٿئي ٿو جهڙوڪ احمد شاڪر شاعر نه بلڪ ڪو ٺاهوڪو ناولنگار يا ڪهاڻيڪار هجي. ائين ئي سندس ڪتاب ۾ صفحن جو سفر شروع ٿئي ٿو.
آئون سندس شخصيت ۽ ڏات کان هميشه متاثر رهيو آهيان. مون کي احمد شاڪر جي قلم مان کوڙ ساريون اميدون آهن ته سندس قلم هن ڌرتي جي دانهن بڻجي ڪري وقت جي قابص قوتن لاءِ للڪار ثابت ٿيندي ۽ سندس ڏات هن ڌرتي جي ڏکايل روحن جي ترجماني ڪندي رهندي. سندس لاءِ کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو