لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو




توهان ننڍي هوندي کان نوراني نور هر بلا دور جو تذڪرو يا نعرو ته ضرور ٻڌو هوندو. جيڪڏهن نه ٻڌو آهي ته ڀلا پنهنجي زندگي ۾ ڪجھ ڪي لاهوتي ماڻهو ضرور ڏٺا هوندا يا انهن سان اوهان ضرور مليا هوندا. هاڻ اِهو نوراني نور، لاهوت ۽ لاهوتي وارا اصطلاح ڪٿان شروع ٿيو. ڪنهن لاءِ استعمال ٿيو. اصل حقيقت ڇا آهي انهي بابت پاڻ هتي تفصيلي گفتگو ڪنداسين. لاهوت جي لغوي معني آهي:

” اُها جڳھ جتي فنافي الله وارن جو آستانو هجي“.

مطلب اهڙي جڳھ/اهڙو سفر جنهن ۾ اوليائن جي احترام سان گڏوگڏ مرشد جي رهبري سان خدا جي خشنودي حاصل ڪرڻ جو ارادو به شامل هجي. هن سفر تي وڃڻ مهل سڀني لاهوتين کي تلقين ڪئي ويندي آهي ته هُو موسم جي حساب سان ضروري هنڌ بسترا توڙي ڪپڙا پاڻ سان گڏ کڻي هلن. ڇو ته هي ياترا مڪمل هڪ هفتي تي مشتمل آهي. ڪٿي ڪنهن دڳ پنڌ ۾ رات پوڻ تي اُتي ئي رهڻو پوي ٿو اِنهي لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو ضروري سامان هجي نه ته کيس تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. 

ڪجھ لاهوتي ته پاڻ سان گڏ هڪ ننڍڙو پاڻي جو ڪولر، گلاس، آرسي، ڦڻي توڙي پنڊي ۽ پليٽ به کڻن ٿا. ته جئين کين سنورڻ ۽ سنبرڻ توڙي کائڻ پئيڻ جي معاملي ۾ ڪائي ڌڪت محسوس نه ٿي. لاهوت ڪراچي کان ڏاکڻي طرف تقريبن هڪ سئو پنجويھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بلوچستان جي ضلعي خصدار جي” سارونه“ علائقي ۾ هڪ ڊگهي ۽ اڙانگي جبل ۾ واقع هڪ غار جو نالو آهي. لاهوت اچڻ واري مرد توڙي عورت کي لاهوتي چيو ويندو آهي. ڇو ته هن سفر ۾ انيڪ قسم جون عبادتون ۽ رياضتون شامل آهن. جن سان روحاني تسڪين حاصل ٿيندو آهي. لاهوت وڃڻ وارن جي مطابق هي هڪ بلند پائي جو مقام آهي. لاهوت جي سفر تي وڃڻ کان پهريان پنهنجي ڪامل مرشد جي رهبري گهربل هوندي آهي.

لاهوت وڃڻ لاءِٻه مکيه رستا آهن:

هڪو ليمارڪيٽ کان شاھ نوراني تائين…
 (ڪراچي کان لاهوت)

 ٻيو سيهوڻ شريف کان پيادل محبت فقير تائين… (سيهوڻ کان لاهوت)

لاهوت دراصل هڪ گلاس جي شڪل جهڙو غار آهي. ان ۾ اندر گهرڻ هڪ وڏي جدوجهد تصور ڪيو ويندو آهي. لاهوت جي اِن غار ۾ جڏهن لاهوتي گهرڻ شروع ڪندو آهي تنهن مهل کيس پنهنجو جسم پاسيرو ڪرڻو پوندو آهي. پاسيرو ٿي ڪري وڏي چالاڪي سان ٻارن وانگر کيس آهستي آهستي کسڪڻو پوندو آهي. غار ۾ اندر مڪمل طرح سان اونداهي هوندي آهي. انهي اونداهي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجھ لاهوتي پهريان ئي هن وقت جا جديد ٽارچ هٿ ۾ پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهن. لاهوت جي هن غار ۾ داخل ٿيڻ جو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. لاهوتين جا بي باڪ نعرا ۽ هوڪرا ٻڌڻ وٽان هوندا آهن. هڪ عام رواجي فرد انهي غار ۾ داخل ٿيڻ واري مرحلي کي ڏسي ڪري ڪنهن قدر خوف توڙي حراس ۾ وٺجي ويندو ۽ ممڪن آهي ته غار ۾ گهرڻ کان ئي ناڪام رهجي وڃي. ليڪن لاهوتي فقيرن جي زبان تي:

” جئي شاھ – جبل ۾ شاھ “

جهڙا نعرا معمول هوندا آهن.
لاهوت جي حساب سان ڪافي روايتون ۽ ڏند ڪٿائون ملن ٿيون. جن بابت اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته هتي خدا جا نيڪ بندا ۽ اوليا ڳچ عرصو رهي ڪري چلا پچائي ويندا هئا. هاڻ اِن ڳالھ ۾ ڪيتري صداقت آهي اِهو تحقيق کان پوءِ ئي پتو پئجي سگهي ٿو. بر حال هڪ ڳالھ مڃڻ لائق آهي ته هن پوري علائقي ۾ بزرگن ۽ درويشن لاءِ رهڻ جو ٺاهوڪو ماحول فطري طور ئي موجود آهي. اسان به ڳچ عرصو لاهوت جا تذڪرا مٽن مائٽن وٽان ٻڌي ڪري لاهوت ياترا تي نڪري پياسين. مون سان گڏ منهنجو ماروٽ عبدالوحيد هو. اِن کان علاوه منهنجو هڪ چاچو ۽ هڪ سئوٽ به هن سفر ۾ شامل هيو.  اسان جي بس لاهوت جي هن روحاني سفر تي ڇھ رمضان تي لغاري چوڪ کان رواني ٿي. هي سڄو سفر ڇهن راتين ۽ ستن ڏينهن تي مشتل هوندو آهي. 

اسان جي گاڏي جو روٽ ڪجھ هن طرح هو ته سڀ کان پهريان اسان پنهنجي پاڙي جي پير مطلب ته سچل تي حاضري ڀريسين ۽ اُن کان پوءِ اڳتي روانا ٿياسين. سچل تي پهچندي ئي من ۾ سچل جو هي خيال ياد اچي ويو ته ” مين تا ايک خيال ها. لڀسا نال خيال دي“. سچل جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ اسان جو پورو قافلو لاڙڪاڻي روانو ٿيو. لاڙڪاڻي جي نئون آباد علائقي ۾ ڀُٽن جو هڪ گهراڻو آهي. جيڪو هر سال لاهوتين جي پوري بس کي ماني ٽڪي توڙي چانھ وغيره پياريندا آهن. بلڪ انهن وٽ شايد انهن ڏينهن ۾ لاهوتين جون چار يا پنج بسون اينديون آهن. جن جي پوري خاطرداري هنن جي ذمي هوندي آهي. ڀلي ماڻهو ڪيترا به هجن اِنهي ڳالھ جي کين ڪا به پرواھ ناهي هوندي. سٺي نموني سان سڀني کي ماني وغيره کارائي ڪري پوءِ انهن کي اڳتي روانو ڪندا آهن.

هتان هنن ميزبانن وٽان ماني وغيره کائي ڪري اسين سڌو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتاسين. شهيدن جي مزار جو ديدار وٺي ڪري اسان جو قافلو سعيدي موساڻي جي درگاھ ڏانهن روانو ٿيو. سعيدي موساڻي پهچڻ کان پوءِ اُتي به ماڻهن جي وڏي پيھ نظر آئي. درگاھ تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ سڀني اهو اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ته هاڻ سڌو سيهوڻ شريف لال شهباز قلندر جي درگاھ تي هلجي. اُتي حاضري ڀرڻ کان پوءِ وري رات به اتي ئي گذارجي. صبح ٿيندي ئي باقي سفر تي اُتان کان روانو ٿينداسين. پر ڳالھ نه مڃي ته اسان جي بس جي ڊرائيور نه مڃي. اسان جي پوري بس ۾ موجود سڀني متوقع لاهوتين جي سخت منت ايلازن باوجود به اسان کي قلندر لال شهباز جي درگاھ تي وٺي نه هليو. سڌو ڄاموشوري جي پٿرالي علائقي ۾ وٺي هلي آهوت جي لاءِ رات قيام ڪرايائين ۽ اِهو دلاسو ڏنائين ته سيهوڻ شريف جو درشن واپسي تي ڪبو. پهرين ڏينهن ئي نراسائي سان هم ڪلام ٿيڻ سبب ڪافي لاهوتي مونجهارن ۾ ورتل هيا.

جيڪي لاهوتي هر سال لاهوت ياترا تي مسلسل ويندا آهن. تن انهي نا انصافي تي وڏي واڪي پنهنجو آواز بلند ڪيو. ها باقي جيڪي اسان وانگر نوان هئا. تن کي مڙئي صبر جو پئمانو مٺو پي لڳو ۽ اُهي خاموشي سان رب جي رضا ۾ راضي رهندي خاموش لڳا پيا هئا. اسان کي پوري واٽ کير کنڊ ڪندڙ هڪڙو يگانو ڪردار پڻ هن سفر ۾ گڏ رهيو. هي لاهوت جو سفر سندس چوڏهون لاهوت جو سفر هيو. هن کان اڳم پورا تيهرا لاهوت ياترا ڪري چڪو هو. هر سال بس وارا کيس مفت ۾ انهي لاءِ کڻندا هئا ته هن جي هجڻ سان مڙئي محفل متل هوندي هئي. ماحول مانڊاڻ لڳو پيو هوندو هو. سندس اسم گرامي آهي بخش علي فقير لغاري، هي فقير ڪچهري دوران اهڙا ته گفتا هڻندو آهي. جو سفر جو سمورو ٿڪ لهي ويندو هو ۽ ماڻهو کلي ڪري کيرو ٿي پوندو آهي. اڄ جيتوڻيڪ هن سفر جو پهريون ڏينهن هو ۽ انهي حوالي سان ٿوري ٿڪاوٽ وغيره به محسوس ٿي. هتي رات جو دير سان پهچڻ سبب اکڙين کي ننڊ جي طلب ٿي سو اسان به ڏاڍو پرسڪون ٿي هلڪن ڦلڪن پٿرين تي رلي وڇائي ڪري سمهي رهياسين. 

آئون اِهو سوچيندي ننڍ پئجي ويس ته هي سڄو سير توڙي سفر منهنجي قسمت ۾ لکيل هو يا منهنجي پنهنجي چونڊ هئي؟ اهو ممڪن به ڪونه هو ته لاڳيتو سفر ڪرڻ کان پوءِ مڪمل ننڊ اچي سگهي. بر حال مڙئي ڪجھ گهڙي آرام نصيب ٿيو. اسان جو قيام سيوڻ شريف جي ويجهو هڪ جابلو علائقي ۾ هو. صبح ٿيندي ئي هتان سموري سنگت کي مولا علي جو باغ، بگا شير ۽ آهوت ڏسڻو هو. آئون پنهنجي ماروٽ عبدالوحيد سان گڏ آهوت جي ٽڪري تي چڙهڻ لڳس. هن ٽڪري تي جوان، باهمت ۽ ٿورا ٿڪا سنهڙا ڇوڪرا جلدي ۾ چڙهي پي ويا. باقي ڪجھ ڪُراڙا ۽ عمر رسيده ماڻهن کي چڙهڻ ۾ ٿوري ٿڪي تڪليف ڏسڻي پي پئي. چڙهي ته هر ڪو پي ويو. مُڙي ڪوئي ڪونه پيو. آخرڪار جبل جو پنڌ آهي. ٿڪ ته ٿيندي نه. آيا به سڀ انهن رازن ۽ نظارن کي ڏسڻ هئا. هاڻ جي بنا ڪجھ ڏسڻ وائسڻ جي موٽي وڃن ها ته پوءِ لاهوتي ڪيئن چورائن ها.

آئون پنهنجي چاچا مولوي عبدالخليل، سئوٽ احمد ۽ ماروٽ عبدالوحيد کي ساڻ ڪري ان جبل تي چڙهڻ لڳس. منهنجو چاچو ڪنهن قدر ٿڪجي پيو ۽ وچ وچ ۾ دم ڪري ساھي پٽي پيو. کن پل لاءِ ويهي پيو رهي.
ليڪن آئون اڳ ۾ ئي ڏٻرو مڙس سو ايڪڙ جي ڪاٺي وانگر بنا وزن وارو، وڃان پيو اسپيڊ سان جبل کي اُڪرندو. چاچي تلقين ڪندي چيو ته پُٽ خيال ڪجان ڪٿي ڪو پير نه کسڪي پوئي ۽ سڌو اچي منهن لڳئي پٿرن سان پوءِ وتي سُڳل منهن لاهوت ياترا ڪندو. بر حال جبل تي چوٽي تي چڙهي ڪري آهوت واري غار ۾ گهرياسين. صفا اونداھو غار. جنهن ۾ هڪ طرف کان گهري ڪري ٻي طرف وڃبو آهي. هن غار بابت هڪڙو ويچار اڪثر لاهوتين وٽان ٻڌو ويندو آهي ته ” جيڪو پنهنجي پيءَ ماءُ جو حلالي اولاد هوندو آهي اهو ان غار مان پار ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو نه هوندو اُهو ان غار ۾ ڦاسي پوندو آهي“.

هاڻ سوچڻ جي ڳالھ اِها آهي ته جبل منجھ قائم هڪ سرنگھ حلالي ۽ حرامي جو تعين ڪئين ٿو ڪري سگهي. لاهوتين جون ڳالهيون به گنيز بڪ آف ورڊ رڪاڊ ۾ لکرائڻ جهڙيون آهن. مون انهي غار مان سڀني کي وڏي آساني سان پار ٿيندي ڏٺو. ها هڪڙي ويچاري مائي هئي اُها الاءِ ڪهڙي بدبختي سبب ڦاسي پئي.
مائي ڇا ڦاٿي. وٺ وٺان ٿي وئي. هر ڪنهن کي اهو گمان ٿيڻ لڳو ته هي مائي پنهنجي پيءَ ماءُ جي حلالي ناهي. جيتري قدر مون انهي غار کي غور سان ڏٺو ۽ مون ڄاتو ته هن غار مان سنهڙا، هلڪي قد بت وارا مرد توڙي عورت وڏي آساني سان پي گذري ويا. باقي البته ڪا عورت يا ڪو مرد قد بد ۾ ڀريل هجي ته پوءِ انهي کي ٿوري ٿڪي اٽڪل ڪرڻي ٿي پوي. ڇو ته هن غار جي ساخت ئي ڪجھ اهڙي طرح جي آهي جو انهي ۾ ٿلها ماڻهو ويچارا ڦاسيو پون ۽ هيڏانهن وري لاهوتي فقير انهن تي چٿرو ڪرڻ شروع ڪن ٿا.
اُنهي کي ڦاسڻ مهل اِها تلقين ڪن ٿا ته ڪائي شئي باس ته جيئن هتان نڪري سگهين. پوءِ ڦاسڻ وارا ويچارا هڪ ديڳ چانورن جو يا وري وس آهر ڪا شئي باسي ڪري پاڻ کي تسڪين ڏيندا آهن. 

بقايا پوري سفر ۾ اُنهي لاهوتي کي جهڙي نظر سان باقي لاهوتي ڏسندا آهن. اِهو توهان سمجهي سگهو ٿا.
هتان آهوت کان ٿيندي اسان مولا علي جو باغ ڏسڻ وياسين. هن باغ جو چڪر هڻي ڪجھ گهڙيون اُتي سڪونيت ڪري اسان اُهو کوھ ڏسڻ وياسين جنهن بابت اهو مشهور آهي ته هن کوھ وٽ بيهي ڪري مولا علي جو نعرو ” نعري حيدري“ هڻبو ۽ موٽ ۾ لاهوتي 
” ياعلي “ جي سدا بلند ڪندا ته هن کوھ ۾ موجود پاڻي جوش ۾ اچڻ شروع ٿيندو ۽ مٿي اُڀرڻ لڳندو آهي. اسين به اهو منظر ڏسڻ لاءِ کوھ تي پهتاسين. لاهوتين جي وڏي پيھ نظر آئي ۽ نعرن جي وٺ وٺان لڳي پئي هئي. هڪڙا نعرا هڻن پيا ته وري ٻيا جواب ڏين پيا. آئون ماڻهن جو جذبو ڏسي ڪري کوھ جي پاڻي کي وڏي غور سان ڏسڻ لڳس. کوھ جو پاڻي جيئن جو تئين ائين هو جيئن ڪنهن کوھ ۾ پاڻي عام رواجي صورت ۾ موجود هوندو آهي. ڪنهن به قسم جو بدلاءُ يا جوش توڙي ولولو پاڻي منجھ نظر ڪونه آيو. ڪجھ ماڻهو عقيدتن طور کوھ ۾ پئسا اُڇلن پيا. ڪي ڏھ روپيا، ڪي ويھ روپيا، ته وري ڪي پنجاھ توڙي سئو به اُڇلين پيا ۽ وري ڪجھ ماڻهو سَڪا به اڇلين پيا.

پئيسن جو اِهو حال هو ته کوھ اندر ٿوري پاسي تي هڪ مٿاڇري تي هڪڙو کوھ جو مجاور بيٺو هو. جنهن جي هٿ ۾ تقريبن ڏهن فٽن جيترو ڊيگهو لڪڙ/لٺ هو.
 کوھ جو هي مجاور هن لٺ جي مدد سان کوھ ۾ ڪرندڙ پئسن کي ڪڍي ڪري پنهنجي قميص جي ٻنهي پاسن واري کيسن ۾ رکي پيو. کوھ جي مٿان بيٺل سڀئي ماڻهو انهي وارتا کي ڏسن پيا ليڪن ڌيان ڪوئي نه پيو ڏي ڇو ته هر ڪنهن جو ڌيان صرف نعرا هڻڻ ۽ ٻڌڻ ۾ هو. هن کوھ واري مجاور جا جڏهن پاسي وارن ٻئي کيسا پُر ٿيڻ لڳا ته هن دوست پنهنجي قميص جي اڳي جيب ۾ پئيسا اُتڻ شروع ڪيا. هن همراھ کي مڙئي ڪنهن بزرگ دعا ڪري ڇڏي هئي ته بنا ڪنهن تڪلف جي سندس جيب ۾ پئسا ايندا رهندا. مون ڏٺو ته ماڻهو عقيدن جي اڳيان ڪيڏو نه بي وس بڻجي ٿا پون. اصلي سوچڻ سمجهڻ واري ريت کي ٿُڌڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿا ڪن. هتان واندو ٿي ڪري اسين سيوڻ شريف روانا ٿياسين. قلندر جي درگاھ تي سنگت حاضري ڀري ۽ دعا گهري. هتي سيهوڻ ۾ ئي رات جي قيام جو سلسلو هو. انهي سلسلي مطابق گڏجي سڏجي مڙئي پنج اٺن دوستن هڪڙو ڪمرو ڀاڙي تي ورتو. هتي فضيلت ڀري ڪمري ۾ واري واري سان سڀئي وهنجي ڪري تر و تازا ٿياسين.

فريش ٿيڻ کان پوءِ هر ڪنهن جسماني سڪون محسوس ڪيو ۽ جسم هلڪو هلڪو محسوس ٿيڻ لڳو. ڇو ته ڪالھ کان وٺي ڪري هر ڪنهن کي ڪپڙن بدلائڻ توڙي وهنجڻ جو ڪو موقعو مليو ئي ڪونه هو. هر ڪو ڪالهوڪن ڪپڙن ۽ ڪالھ واري گهر کان فريش ٿي اچڻ واري صورتحال ۾ هو. هن سفر ۾ وڌ کان وڌ اڻاٺ پاڻي پئيڻ توڙي وهنجڻ جي پاڻي جي ملڻ جو هوندو آهي. سفر سبب سڄو جسم ٿڪجي پوندو آهي ۽ کيس تر و تازه ٿيڻ لاءِ تازي پاڻي جي گهرج هوندي آهي. اُتي وري وقت تي مناسب ماحول يا پاڻي جي نه ملڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن مڙئي هٿ منهن ڌوئي. ڦڻي وغيره ڏئي ڪپڙا بدلائي ڪري گذارو ڪيو ويندو آهي. ٻيو ته بس جا سالار وري اهڙا جيڪي آڌي رات جو ڪنهن بر پٽ ۾ هلي ڪري قيام ڪراين ٿا جنهن سبب نه اُتي پوري ننڊ اچي ۽ نه وري صبح جو اٿڻ سان گهربل پاڻي ملي سگهي جنهن سان ماڻهو پنهنجو ٻوٿ ڌوئي وغيره سگهي. ڪٿي ڪٿي ته اسان ڪولر مان هڪ ڪلاس پاڻي جو ڪڍي ڪري مڙئي پاڻ کي سڃاڻڻ جهڙا ڪندا هياسين ته جئين وري ڪٿي ڪنهن سٺي هوٽل يا قيام تي پهچي ڪري وهنجي وٺجي. قلندر جي نگري جو چڪر هڻي. اسين ٻاهر هوٽل تي ماني کائڻ آياسين. اُتي مون کان منهنجي ماروٽ پُڇا ڪئي ته:

” آئون ڪالھ کان وٺي ڏسان پيو ته تون ڪنهن به درگاه تي دعا لاءِ هٿ نه ٿو کڻي. حالانڪ ٻيا سڀ ماڻهو دعا گهرن ٿا. اِهو ڇو ؟
مون کيس مُشڪي چيو ته : ” منهنجا هٿ دعا لاءِ صرف ڪائنات جي مالڪ جي حضور ۾ مٿي اُٿندا آهن. وڌيڪ تون سمجهي سگهين ٿو“.
مرڪندي چيائين لڳي ٿو ته صفا وهابي آهين؟
مون کيس چيو:  ”جي ائين هجي ها ته پوءِ آئون هنن مولائين ۽ لاهوتين سان گڏ هن سير ۽ سفر تي ئي نه اچان ها. بر حال هاڻ اِهو تنهنجي عقل ۽ ڏاهپ تي ڇڏجي ٿو ته تون مون کي ڪهڙن ۾ ٿو شمار ڪري“.

اِهڙي ريت ماني کائيندي اسان جي وچم ڪافي دلچسپ گفتگو هلندي رهي. ماني کائي ڪري اسان سڌو پنهنجي ڪمري ۾ پهتاسين. آئون ڪي ئي گهڙيون اِن ڳالھ تي سوچيندو رهيس ته قلندر جي درگاھ ۾ اندر چندي جو پيتيون هر سال گهٽجڻ جي بجاءِ وڌن ڇو ٿيون؟ اوقاف کاتو ڪٿي آهي. اُهي درگاهن جي سار سنڀال توڙي خير سنگالي خاطر درگاھ جي گادي نشينن کي فنڊ ڇو نه ٿو جاري ڪري؟

هتان واپسي کان پوءِ ڄامشوري ۾ بس بريڪ ڏني جتي سڄي سنگت چانھ، ماني کاڌي. اسان به مڙئي ڪي ساعتون سڪون ورتو ۽ سڀني ماڻهن کي سندن چر پر ڪندي محسوس ڪيوسين. هتان واندو ٿيڻ کان پوءِ ڪلاڪ کن بس اڳتي هلي ۽ پوءِ بيھي رهي. هڪ پيٽرول پمپ هو شايد ڪراچي ۽ ڄامشوري جي وچ واري علائقي ۾. پوري قافلي کي هتي هن سُنسان پٽ ۾ رات گهارڻي پئي. اسان به سنگت سان گڏ پَٽ تي رلي وڇائي ڪري سمهي رهياسين. صبح ٿيندي ئي هتان قافلي کي لاهوت لاءِ روانو ٿيڻو هو. نيٺ خيرن سان صبح ٿي. لاهوت لامڪان ڏانهن قافلي جو اڄ حقيقي سفر روان هو. ڪراچي کان حب ندي کان ٿيندي سڌو لاهوت وڃڻو هو. قلندر جي نگري کان ٿيندي هاڻ اسان ڄامشوري کي لتاڙي ڪري ڪراچي جي رستن وسيلي لاهوت وڃي رهيا هئاسين. ڪجھ گهڙين کان پوءِ حُب ندي جي ڪناري وٽ بس بريڪ هنئي ۽ سڀئي لاهوتي بس کان هيٺ لٿا. هتي چانورن جا پورا ٻه ديڳ لاٿا ويا ۽ لاهوتين کائي ڪري ڊئو ڪيو. رات بيابان ۾ رهڻ سبب ڪو به دوست ونجهي نه سگهيو هو. اِن لاءِ هن ندي تي سڀئي فريش ٿيا ۽ ڪجھ لاهوتين پنهنجا ڪپڙا وغيره به ڌوتا. ان کان علاوه هتان هڪ اهم ڳالھ اِها پڻ آهي ته هن ندي جو پاڻي چڱو خاصو ٿڌو هجي ٿو جنهن سبب سڀني لاهوتين جا سفراڻا ٿڪ لهي ٿا وڃن. 
هتان ٿيندي اسان اچي ڪري سسئي پنھون جي علائقي ۾ پهتاسين جتي سسئي جي قبر آهي.

سڀني دوستن سان گڏ مون به اهو اسرار ڏيکاريو ته مائي سسئي جي قبر ڏسان. ڇو ته سندس ڪشٽ ۽ ڪشالا تاريخ جي بابن ۾ سنهرن لفظن سان درج ٿيل ملن ٿا. هتان اسان کي ٽريڪڙن تي چڙهڻو پيو. جنهن پوري اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اسان کي مائي سسئي جي قبر مبارڪ تي پهچايو. هن مختصر ترين سفر ۾ اسان جا منهن مهانڊا سڃاڻڻ کان گهڻو پري هلي ويا هئا. ڇو ته جبلن جي انهن هيٺ مٿاهين رستن تي رڳو ڌوڙ ۽ دز هئي جيڪا وڏي سڪون سان ٽريڪڙن منجھ سوار ٿيلن جي منهن ۾ پئجي رهي هئي. سسئي جي مزار تي پهچڻ شرط سڀني کان پهريان هر ڪنهن ڳڻتي هئي پنهنجي منهن صاف ڪرڻ جي. سو سڀني منهن ڌوئڻ ۾ لڳي ويا. هي هيڏا وڏا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل. جن جو نه کٽندڙ سلسلو ڏسي ڪري اسان جو بلڊ پريشر گهڙي گهٽ پيو ٿئي ته وري گهڙي وڌي پيو. مائي سسئي کي لکين آفرين جنهن هيڏا وڏا جبل جهاڳيا ۽ پنهنجي پنھون کي ڳولڻ لاءِ سڀني مصيبتن ۽ آفتن کي قبول ڪيو. سسئي جي مزرار تي پهچندي. مون کيس دل ئي دل ۾ چيو : ” اي عاشقن ۾ اولين خاتون. تنهنجي جرت ۽ همٿ کي آءُ تھ دل سان سلام پيش ڪريان ٿو“.

سسئي جي قبر مٿان ٺهيل درگاھ مهانڊي ڪمري جي چوگرد ڀٽائي جا اِهي سڀئي بيت لکيل هئا جيڪي ڀٽائي سسئي جي انهي پنڌ تي لکيا آهن. آئون ڪجھ ساعتون درگاھ منجھ لکيل ڀٽائي جي بيتن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويس جيڪي سسئي جي عشق تي لکيل هئا.
اسان جهڙوڪ سسئي جي مزار تائين ٽريڪڙي جو سهارو ورتو. ڪجھ لاهوتي وري پنڌ نڪري پيا. پنڌ جيتوڻيڪ ايترو ڪونه هو ليڪن وري به جبلن جو پنڌ آهي ماڻهو کي ٿڪائي ٿو وجهي. اسان ته سسئي جي مزار تي دعا گهري ڪري واپس وري ساڳي جاءِ تي سگهوئي وقت تي پهچي وياسين. پر جيڪي دوست پنڌ ويا هئا سي الاءِ ڪٿي گم سم لڳا پيا هئا. سڀني بس جي سوار لاهوتين کي انهن تي ڪنهن قدر ڪاوڙ هئي ته آخرڪار اهي پيري پنڌ ڇو ويا. نيٺ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ اُهي ساٿي به پهچي ويا. اُنهن جي پهچڻ کان پوءِ هي قافلو لاهوت ڏانهن روانو ٿيو. تقريبن ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان لاهوت کي ويجهو پهتاسين. لاهوت جي هنن رستن ۾ ڪجھ ور توڙي وڪڙ اِهڙا به آهن جن کي ڪراس ڪندي پوري بس کي خطري کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هڪڙي ته اِهڙي به چاڙهي آهي جتان پوري بس جا ساٿي هيٺ لهي بيهندا آهن. بس خالي ٿي ڪري انهي چاڙهي کي اُڪريندي آهي. انهي کان پوءِ وري سڀ لاهوتي بس تي سوار ٿيندا آهن. انهن لاهن چاڙهن دوران لاهوتين جا نعرا ٻڌڻ وٽان هوندا آهن. هڪڙا نعرا هڻي ڪري اڃا مس بس ڪندا آهن ته وري ڪو ٻيو ڪٿان شروع ٿي ويندو آهي. ان ريت بس ۾ سوار ماڻهن ۾ جوش، جذبو، همٿ ۽ ولولو پيدا ٿيندو آهي ۽ هُو خوف کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ ڪونه ڏيندا آهن. انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ اسان خيرن سان اچي ڪري لاهوت لامڪان جي نگري وٽ پهتاسين. محبت فقير جي درگاھ جي اولھاندي پاسي جبل جي هيٺائين آهي. انهي طرف اسان جا سنگتي پنهنجا هنڌ بستر کڻي هلڻ لڳا. 
آئون منهنجو چاچو، منهنجو سئوٽ ۽ منهنجو ماروٽ سڀ گڏ گڏ ٿي ڪري هلڻ لڳاسين.

واھ! ڇا ته نظارا آهن. هر طرف ماڻهن جا لڳل ٽينٽ، ڪٿي مايون ماني پيون ٿيون پچائن ته ڪٿي وري ڪو چانورن جو ديڳ پيو تيار ڪري. ڪٿي ڪو ستو پيو آهي. مطلب ته طرحين طرحين جا ماڻهو، طرحين طرحين طرحين جا نظارا. بس ويٺو ڏسجي سڀني کي.اسان به اچي هڪڙي ڪنڊ ورتي ۽ اُتي خيما کوڙيا.
هر ڪنهن پنهنجا هنڌ بسترا هلڪن پٿرن جي وچم وڇايان ۽ آرام جو ماحول جوڙيو. ماني لاءِ اهو طئي ڪيو ويو ته جتي اسان کي بس لاٿو انهي جڳھ تي ڪافي سارا هوٽل ۽ دڪان آهن اُتان ماني ۽ ڀاڄي وٺي اچون. حالانڪ عمومن قافلن وارا پنهنجي ماني ٽڪي جو بندوبست پاڻ ڪرڻ ۾ به ماهر هوندا آهن ليڪن هن مهل جيتوڻيڪ سڀئي ٿڪل هئا انهي لاءِ کفت کان بچڻ لاءِ اهو فيصلو ورتو ويو.

باقي صبح لاءِ اهو طئه ٿيل هو ته سڀاڻي سوير چانورن جو هڪ ديڳ ۽ هڪ ديڳ ڀاڄي جي تيار ڪئي ويندي. منهنجي چاچي پر سال نوراني جي درگاھ تي هڪ باس باسي هئي. انهي باس کي پورو ڪرڻ خاطر هڪڙو ٺاهڪو ٻڪر پاڻ سان گڏ آندو هيائين جيڪو هن کي هتي قربان ڪرڻو هو. سو سڀني سان صلاح مشاورت بعد اهو طئه ٿيو ته سڀاڻي انهي ٻڪر جا لاھ ڪڍبا ۽ کيس ڪبو پيٽ ڀيڙو. هن مهمان ٻڪر جي سار سنڀال ۽ خاطرداري جو ذمو مون پنهنجي حصي ورتو. 
سڄي رات سندس خيال ڪندو رهيس. ڇو ته مون کي سندس بي وس بڻيل حالت تي ڏاڍو ڪياس اچي رهيو هو. پر ڇا ڪجي هيو ته ويچارو قرباني جو ٻڪرو سو کيس بس هڪ رات جي وڌيڪ مھولت مليل هئي. سو آئون کيس رات جو ڪنهن مهمان وانگر ڏسندو رهيس.
مون کي هتي پهچڻ تائين هڪڙي ڳالھ انتهائي تڪليف پهچايو. رستي تي ڪجھ عورتون. ڪجھ ٻارڙا رستن جي پاسن سان بيهي ڪري ٻئي هٿ مٿي ڪندي خدا جي نالي سان خيرات گهري رهيا هئا. مون کي سندن انهي حالت تي ڏاڍو رحم آيو. منهنجي اکين ۾ ڳوڙا اچي ويا. مون سوچيو ته نيٺ بلوچستان جي ماڻهن تي اِهو وقت به اچي ويو جو اُهي راھ ويندڙن کان خيرات گهرن. ڇا بلوچ ايترا بي سهارا بڻجي چڪا آهن؟

رات ۾ ڪُل ٽه يا چار ڪلاڪ ڪا ننڍ آئي هوندي ته ٺيڪ نه ته مڙئي ڪلھ خير. هتان پر سال جي ڀيٽ ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. ڪافي سارا سُٺا ۽ عمده هوٽل به ٺهڪي چڪا آهن. ليڪن عام توڙي غريب لاهوتي هوٽلن جو رخ ڪونه ٿا ڪن ها باقي ڪجھ ماڻهو مڙئي سڙئي هوٽلن جو رخ ڪندا آهن. هنن هوٽلن کي ڏسي ڪري مون کي من ئي من ۾ اهو خيال آيو ته جيڪڏهن منهنجو چاچو ۽ منهنجو ماروٽ منهنجو ساٿ ڏين ته هوند اسين انهن پٽ پٿرين کان جان ڇڏائي ڪري هنن هوٽلن ۾ رهائش پذير ٿيون. پر مسئلو اِهو ته هتي هر شئي معول جي قيمت کان مهانگي ملي ٿي. نوي روپين وارين بوتل هڪ سئو ويھ روپيا. سٺ روپين ۾ ملندڙ ڀاڄي واري پليٽ هتي هڪ سئو ويھ روپين ۾ ملي ٿي. اهڙي ريت وري سخت گرمي هجڻ جي باوجود هتي هوٽلن تي پئيڻ جو ٿڌو پاڻي نه ٿو رکيو وڃي. انهي جا ٻه مکيه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته هتي ماڻهن جي پيھ هوندي آهي جنهن سبب هتي آيل مسافر ٿڌي پاڻي کي هوٽلن کان ڀرڻ شروع ڪندا. انهي ريت هوٽل تي آيل گهراڪن کي به پاڻي پئيڻ لاءِ ملي نه سگهندو. هوٽل وارا به ڪنهن کي پئيڻ جي پاڻي ڀرڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. جنهن سبب هو پاڻي کي مڙئي جهڙي تهڙي حالت ۾ رکي ڪري پوراءُ ڪندا رهن ٿا. جنهن کي ٿڌو پاڻي ڪرڻو هجي ٿو اُهو پاڻ ڏھ روپين جي برف وٺي ڪري پنهنجي ڪولر يا جڳ کي ٿڌو ڪري وٺي ٿو. هتي سڀئي انتظام مقامي ماڻهن طرفان پنهنجي ڪوششن تحت ڪيا وڃن ٿا. هتان جو سڄو ويو منڊل ڏسي ڪري اهو يقين پختو ٿئي ٿو ته حڪومت هتان جي سڀني معاملن کان ڪوھ ڏور پري آهي.

هتي هڪڙو ماڻهو ٻي ماڻهو لاءِ سهارو آهي. باقي ڪنهن خاص ايمرجنسي يا حادثي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست ڏسڻ لاءِ نه مليو.
هتي پهچڻ مهل عمومن سڀئي لاهوتي کائڻ پئيڻ توڙي رهائش جا سڀئي بندوبست پنهنجي وس آهر پاڻ ڪن ٿا. هتان جي مهانگائي کي ڏسندي اهو احساس ٿيو ته شين جي نه هجڻ يا ڏکيو ملڻ جو احساس ڪيترو نه تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. هتي وينجهڻ لاءِ به پاڻي جو هڪڙو ڪين پورن چاليهن روپين ۾ خريد ڪرڻو پيو. انهي هڪڙي پاڻي جي ڪين سان ڪهڙو فريش ٿي سگهجي ٿو اهو توهان پاڻ اندازو هڻي سگهو ٿا.
هتي جا ڪجھ دڪاندار ۽ پيش ورانه ماڻهو سنڌي ٻولي ڪنهن قدر ڄاڻن ٿا باقي عمومن ٻيا ٻروچ اردو ڳالهائن ۽ هتي جي دڪانن مٿان به اردو سان لکت هر جڳھ تي نظر آئي. بلوچي ٻولي کي پنهنجو رسم خط نه هجڻ سبب انهن کي پرائي ٻولي جو سهارو وٺڻو ٿي پيو. هتان جا ماڻهو جيتوڻيڪ جابلون آهن. سندن ظاهري ڏيک ويک به جابلو ۽ صاف سٿرو هجڻ کان مڙئي خالي هجي ٿو. عمومن سڀئي ٻروچ مٽي ۽ ڌوڙ سان ٽمٽار هجن ٿا. هاڻي اهو پاڻي جي گهٽ هجڻ سبب آهي يا وري سندن رهڻ جو انداز اهو آهي اهو ته اِهي ئي بهتر سمجهن. مون هڪڙي سان سنڌي ۾ سٺي ڪچهري ڪئي ۽ کيس مامو چئي ڪري مخاطب ٿيس. کيس به سنڌي زبان تي سٺي دسترد حاصل هئي مون سان خوش اخلاقي سان پيش آيو ۽ اسان جي وچم خيالن جي سٺي ڏي وٺ ٿي. هتي اڪثر لاهوتي نشا وغيره وڏي بي باقي سان ڪندا آهن. ڀنگ هجي. چرس هجي يا وري ڪو به ٻيو نشو. هتي ڪنهن کي به ڪو جهل پل ڪونهي.

ڇو ته حڪومت توڙي حڪومت جا ڪارنده هتان کان ڪوھ ڏور آهن. هتي اچن به ڳوٺاڻا. رهن توڙي گُهمن به اڪثر ڳوٺاڻا ۽ اِهي خفط ڪن به اڪثر ڳوٺاڻا. عام طور تي هتي پهچڻ کان پوءِ ڀنگ ۽ چرس گهڻو پيتو وڃي ٿو. توهان کي آس پاس مطلب ته هر جڳھ تي اهڙا کفتي ملندا جن جي هٿ ۾ ڀنگ جو وٽو هوندو يا وري اهڙا ملندا جن جي هٿن ۾ چرس سان ڀريل سگريٽ توهان کي نظر ايندا. لاهوتين جي هڪڙي ڳالھ بنھ الڳ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندن ٽولي کي جوائن ڪرڻ جو سوچي ۽ اچي ڪري ڀنگ يا چرس پيئڻ جي خواهش ڏيکاري ته اُن کي وڏي دل سان ڀليڪار ڪندا ۽ اُن کي وڏي پيار سان ڀنگ توڙي چرس پياريندا. هتي هن ڳالھ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته جيڪڏهن هتي ڪنهن جنگ جو خيال اچي ته هو پاڻي جي هڪڙي ششي هٿ ۾ کڻي ڪري ماڻهن جي پيھ کان ڪجھ پرڀرو ٿي ڪري ڪنهن وڻ يا ننڍي ٻوڙي جي اوٽ وٺي ڪري مڙئي پيٽ خالي ڪري ايندو آهي.

حالاڪ پاڻي جي اڻاٺ ته هتي به آهي ليڪن انهي جي باوجود به پاڻي جي ضرورت کي مد نظر رکندي ڪجھ نه ڪجھ پاڻي ته خرچ ڪرڻو ئي پوي ٿو. هتي توهان کي ماڻهن جي پيھ مان هر قسم جا ماڻهو نظر ايندا. ڪي ٿُولها، ڪي بندرا، ڪي سھڻا، ڪي سانورا تهڙي ئي ريت عورتون به مختلف قد و بت توڙي منهن مهانڊن سان ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. هتي اچڻ کان پوءِ مون اندر ئي اندر ۾ هڪڙو رايو جوڙيو ته جيڪڏهن هن نوراني جي ميلي تي عورتون اچڻ بند ٿي وڃن ته پوءِ شايد اسان جهڙا ڇڙا ۽ ڇڙواڳ مرد به نوراني جي ميلي تي اچڻ بند ٿي ويندا. بر حال هر ڪنهن جو پنهنجو منتق ۽ نقطئه نظر آهي. ڪو ڪهڙي نيت سان اچي ٿو. ڪو ڪهڙي نيت سان. آئون جنهن نيت سان آيو هيس. اِهو توهان کي ٻڌايان ٿو. منهنجو هن سفر ۾ شريڪ ٿيڻ جا مکيه ٻه سبب هئا. هڪڙو: سفرنامو لکڻ ۽ ٻيو ڪنهن الهڙ سان پيچ پائڻ آئون عقيدت جي بنياد تي شين کي ڏسڻ نه پيو چاهيان. هر هڪ شئي کي مشاهدي توڙي ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ ئي قبول پيو ڪريان. ڇو ته عقيدت جي اوٽ ۾ ڪافي اوڻايون لڪي وينديون آهن. آئون پوري سفر ۾ رات جو پوري ڏينهن جو حال احوال لکندو هيس ۽ ڏينهن جو هُن جي نظرن سان ڪي گهڙيون نظرون ملائي ڪري مڙئي پاڻ کي چارج ڪندو هيس. اڄ هتي لاهوت جي نگري ۾ گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ بلاول شاھ نوراني جي درگاھ تي وڃڻ جو موڊ ٿيو. سنگت کي ساڻ ڪري اسان بلاول شاھ نوراني جي درگاھ ڏانهن روانا ٿياسين. ڪافي ماڻهو پنڌ کان بچڻ خاطر ٽريڪڙن ۾ سوار ٿي رهيا هئا. پر اسان پنڌ کي ترجيع ڏني. اِهو اِن لاءِ ته هڪ صبوح جو وقت هو ٻيو ته اسين اڃا جوان هئاسين جبلن کي جهاڳڻ جي همٿ اسان ۾ به ڪافي هئي سو سوچيوسين ته اڃايا پئسا حرام نه ڪجن.

رستن جي لاهين توڙي چاڙهين تي هلندي هڪڙي سٽ ذهن تي تري آهي. خيال آيو ته ”دربدر توڙي ذليل ٿيڻ هو به پنهنجو هڪ الڳ مزو آهي. محلاتن ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته جبل جي سيني کي ڪيئن چيربو آهي؟ بقايا لاهوتين بلاول شاھ نوراني جي مزار جي ذيارت به ڪري ورتي هئي. سفر جا پورا چار ڏينهن هتي پورا ٿئا هئا ۽ اڄ پنجون ڏينهن شروع ٿيو هو.
سفر جي هن ڏينهن تي سڀني لاهوتين جون بسون پنهنجي ماڳن ڏانهن واپس ٿينديون آهن. واپسي ڪرڻ مهل ڪجھ زيارتون کين اڃا به ڪرڻيون هونديون آهن. انهي حساب سان اڄ اسان جي قافلي جي به روايتي نموني سان واپسي هئي. حسب معمول اسان به سوير سان ننڊ مان اٿياسين ۽ واپسي لاءِ تياري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وياسين. مون پنهنجي ماروٽ عبدالوحيد ۽ سئوٽ احمد کي ساڻ ڪري وڃي پئسن سان پاڻي خريد ڪيو جنهن سان فريش ٿياسين. جنهن همراھ کان پاڻي خريد ڪيو سين سو همراھ بلوچ هجڻ جي باوجود اسان سنڌين لاءِ انتهائي احترام وارو رويو رکي پيو. سندس موبائل جي ميمري ڪارڊ ۾ فوزيه سومرو، ممتاز لاشاري، شمن علي ميرالي ۽ عابده پروين جا ڳايل ڪافي ڪلام هئا جيڪي سنڌي ۾ هئا. هي همراھ انهن سنڌي گانن کي ٻڌي ڪري پنهنجو روح پيو وندرائيندو هو. مون کانس پڇيو ته توهان هنن گانن کي ٻڌڻ ۾ اوليت ڪهڙي سبب ڪري ڏئي رهيا آهيو. ته وراڻيو: ” مون کي سنڌ سان ۽ سنڌي ماڻهن سان انتهائي محبت آهي. جنهن سبب هر سال هتي ايندڙ سڀني سنڌين جو آئون احترام ڪندو آهيان“. برحال آئون کيس مامو چئي مخاطب ٿيو هيس. جنهن جي ڪري هُن مون سان ڪافي ساريون دل جون ڳالهيون ڪيون. اسان به سندس مثبت رويي ۽ اخلاق کان متاثر ٿياسين. هُو ٻين بلوچن کان الڳ ۽ سُريلو نظر پئي آيو سندس قول ۽ فعل ۾ هڪ سيڪنڊ جو به فرق نه هو. جهڙو مٺو ڳالهائي پيو تهڙو ئي سٺو سڀاءُ جو مالڪ هو. اسان هتان واندا ٿي ڪري واپس ورياسين ته خبر پئي سنگت پوري بس جي لاهوتين لاءِ هڪ ديڳ چاشني جي تيار ڪيون ويٺي آهي. اسان کي به چاشني چانور کائڻ لاءِ نصيب ٿيا ۽ اسان پيٽ ڀري خوب کاڌو ۽ واپسي لاءِ پنهنجو سامان وغيره ساري سنڀاري تيار ڪيو. هتان کان واپس ٿيندي اسان کي عبدالله شاھ غازي جي درگاھ تي حاضري ڀرڻي هئي. لاهوت کان نڪرڻ کان پوءِ سگهوئي اسان ڪجھ دير ۾ اچي ڪري عبدالله شاھ غازي جي درگاھ تي پهتاسين. هن درگاھ تي پهچڻ کان پوءِ اتي مون کي منهنجو پراڻو دوست صلاح الدين راڄپر به اتفاق سان ملي پيو. جيڪو پنهنجي ڪجھ دوستن سان گڏ لاهوت ياترا ڪرڻ آيل هو. هن بزرگ جي درگاھ تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ اسان سڌو سمنڊ گهمڻ وياسين. سمنڊ جيڪو ڪراچي جي سڃاڻپ جي علامت آهي. ڪراچي سمنڊ کان سواءِ اڌورو آهي ۽ سمنڊ ڪراچي کان سواءِ اڌورو آهي. هي ٻئي هڪ ٻي لاءِ لازم ۽ ملظوم آهن. سمنڊ تي پهچڻ کان پوءِ  به منهنجون نظرون انهي پراسرار نينگري کي تلاش ڪري رهيون هيون. جيڪا مون سان پوري سفر ۾ گڏ هئي. آئون سندس لوڏ کي ڏسي رهيو هيس. هَن پاسي سمنڊ جا هوڪرا هئا ته ٻئي پاسي منهنجي دل جي دلڙڪن جا آواز، جيڪي سمنڊ جي لهرن سان گڏ بلند ٿي رهيا هئا. هُو پنهنجي موج ۽ مستي ۾ ائين گم هئي جئين سمنڊ پنهنجي موج ۽ مستي ۾ گم هوندو آهي. اڄ ھُو ۽ سمنڊ ٻئي ساڳيا مزاج رکندڙ مليا هئا. آئون ٻنهي جي لهرن کي پسي رهيو هيس ۽ انهي گمنامي ۾ نه ڄاڻ خيالن ئي خيالن ۾ الائي ڪٿي وڃي پهتو هيس…!

(نوٽ: هي سفرنامو سُجاڳ سنڌ ويب سائيٽ تي سلسليوار  اپلوڊ ٿيل آهي. هتي سندس سڀني قسطن کي گڏائي ڪري اوهان جي مطالعي لاءَ پيش ڪيو آهي. اميد ته ڪنهن ڪوتاهي يا غلطي ٿيڻ جي صورت ۾ ضرور آگاھ ڪندا - سدائين گڏ)


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو