سلَيمانِي چانھِ




ڪجھ ڏينهن پهريان آئون پنهنجي ننڍپڻ جي دوست ڏانهن سندس اوطاق تي ملڻ ويس. تفريحي توڙي گهمڻ ڦرڻ جا سڀ ماڳ بند آهن. سوچيم ته مڙئي وقت کي به ٺيلو ڏئي اچان ۽ تازو توانو به ٿي اچان!

جئين ئي سندس اوطاق تي پهتس ته ماڳهين ملڻ کان ئي عاري ٿي بيٺو. نه هٿ ملايائين ۽ نه ئي ڀاڪر ۾ ڀريائين. پري کان هٿ مٿي ڪري کيڪاري، ويهڻ لاءَ چيائين:

مون کيس چيو: ”يار ائين به ٿيندو آهي ڇا؟ 
مهمان جو ڪجھ ته قدر ڪري ماڻهو“.

کلي وراڻائين: ”هاڻ تون اِهو ٻڌاءُ ته چانھ کير واري پيندئي يا سلَيمانِي؟“.

مون به ٽهڪ ڏيندو چيو: ”وڏو ڪو لاھ آهين يار، اجايو ٿو مون مسڪين تي ٽُوڪون ڪرين“.

مُرڪي چيائين: ” ٽُوڪ ناهي. اڄڪلھ سليماني چانھ جا چرچا عام آهن. پريشان نه ٿي. مان توکي سليماني چانھ ڪونه ٿو پياريان“.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو