هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي

وڇوڙا ڪهڙي در سلامي ناهن ٿيندا پرين. پر ائين ٿورئي ٿيندو آهي ته پاڻ وڇوڙن اڳيان ڳوڏا کوڙي ويهي رهون. پاڻ حالتن اڳيان ايترو جلدي شڪسته ٿي پئون. پنهنجا پيار ۾ ڪيل واعده ۽ وچن ته ڏونگر کي به ڏارڻ جيترو حوصلو رکندڙ هئا. پوءِ ڇو ايترو جلدي سڀئي قول ۽ قرار ميڻ بڻجي ڀُري پيا آهن.

هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي !

بنا موسمن جي بارشون به ڪنهن مهل ماڻهو کي ڀائه ڪونه پونديون آهن. ته پوءِ تنهنجو هي بي وقتو مون کان رُسڻ مون کي ڪيئن ويهڻ ڏيندو. تنهنجي هي بي وفائي منهنجي خوابن کي ڪيئن ڪَر مروڙڻ ڏيندي. منهنجي نيڻن ۾ پلجندڙ خزان جي موسم کي ڪيئن تڙي سگهندي. تون هڪ پل سوچ ته صحي پرين.

هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي !

آءُ نراسائي کي تڙي سگهان ٿو. تنهائي سان جنگ جهوٽي سگهان ٿو. زماني سان به بغاوت ڪرڻ جي سگھ پاڻ ۾ سمجهان ٿو. تو لاءِ سڀني اصولن ۽ ضابطن کان به منهن موڙي سگهان ٿو. پر پرين تو کي اهو يقين آءُ ڪيئن ڏياريان ته منهنجي دل ۾ ڌڙڪن جي آواز سان تنهنجو نالو نروار ٿيندو آهي. ڪجھ سوچ ته.

هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي !

تون جي ائين پنهنجي حساب سان بي رخي اختيار ڪري ٿي ۽ منهنجي خوابن، اُميدن، محبتن ۽ عقيدتن جو ائين جنازو تيار ڪرائڻ چاهي ٿي ته پوءِ ياد رکجان زمانو وري ڪنهن گهڙي پنهنجي هن قصي کي ورجائيندي. وري ڪنهن جو دل ٽٽندو. وري ڪو نفيس دل رکندڙ ماڻهو تباھ ٿيندو. ٿورو ويچار ته ڪر.

هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي !

ٿي سگهي ٿو آءُ متان تنهنجي جدائي جو غم برداشت ڪري به وڃان. هي زهر پي به وٺان. هي آپگهات ڪري به وٺان. هجر سان هم ڪلام ٿيڻ جو پاڻ کي عادي به ڪري ڇڏيان. پر اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته وري ڪنهن ڍنڍ ۾ ڪنول جي گُل جي ڦٽڻ جا امڪان گهٽ ٿي ويندا. اِن لاءِ ڏاهي ٿي ائين نه ڪر.

هي وڇڙڻ جي ته موسم ڪانه هئي !

آءُ هڪ دفعو وري سمورا ستارا، سج ڌرتي ۽ آڪاش کي تون وٽ ميڙ ڪري وٺي آيو آهيان. کن پل لاءِ ئي صحي ليڪن مون سان پرچي پئو. پنهنجي چهري تان بي رخي جي چادر هٽائي ته ڏس. هڪ گهڙي ڏس ته صحي ته تنهنجي مرڪ سان ڪيئن نه منهنجي مرجهايل من ۽ دل مهڪي ٿا پون.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو