ورهيه گذري ويا

زندگي ڄڻڪ هڪ خواب آهي، صرف مون لاءِ نه بلڪل هر ڪنهن لاءِ، توهان لاءِ، توهان جي ويجهن سڀني عزيزن توڙي قريبن لاءِ، دوستن لاءِ، دشمنن لاءَ
پکي پکڻ توڙي وڻن ٽڻن لاءِ، وقت گذري ٿو وڃي پوءِ ڪنهن جو ڀلو ته وري ڪنهن جو ڍِلو، مطلب ته ٿورن گهڻن تڪليفن سان سڀني کي منهن ڏڻيو پوندو آهي.

ڪجھ ورهيه اڳ قدرت وارو مون ناچيز تي مهربان ٿيو ۽ مون کي آزاد ڪشمير جي مکيه انجنيرنگ يونيورسٽي (ميرپور يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽڪينلاجي، ميرپور آزاد ڪشمير) ۾ سول انجنئير ٿيڻ لاءِ هتان (سنڌ سڳوري مان) هجرت ڪرايائين. آءُ به خير سنگالي سان اُتي وڃي پهتس. ٻه سال پڙهائي جاري رکيم. وڌيڪ ڳاڏو هلي نه سگهيو ۽ تُرت ئي ولايت کي ڇڏي ڪري پنهنجي ڏيھ ڏانهن واپس وريس.

ورڻ شرط ئي پنهنجي گهر ۾ ئي مطلب ته ضلعي ۾ ئي پڙهائي جاري رکڻ جو فيصلو ورتم، مٽن مائٽن طرفان انيڪ ٽوڪ، تنظ، غلائون توڙي مهڻا ٻڌڻ لاءِ مليا. هر ڪنهن جو اِهو رايو هو ته مون انجنئرينگ ڇڏي ڪري هڪ اعليٰ غلطي ڪئي آهي جنهن جو ڪو به ازالو يا تڌارڪ آءُ ڪري ڪئين نه سگهندس. توهان هڪ دفعي زندگي ۾ ڪنهن ناڪامي جو شڪار ته ٿيو پوءَ ڏسو ته ماڻهن توهان بابت ڪهڙا ڪهڙا نوا نظريا جوڙين ٿا.

قدرت وارو مون تي وري اڳ کان به وڌيڪ مهربان ٿيو.

خيرپور ۾ پورا چار سال هوا جي هڪڙي واءُ وانگر گذري ويا. انهن چار سالن ۾ وري اهڙو ته ڪمال ٿيو جو اصلي واھ واھ ٿي وئي. واڄٽ وڄي ويا. نيڻن جا سڀ خمار ۽ ٿڪ لهي ويا. صدين جي اُڃاڳيل اکين کي قرار ملي پيو. ڊگري ته ٿي وئي پر علمي توڙي صلاحيتي قابليتن جي حوالي سان مون ۾ لکڻ جي صلاحيت نروار ٿي پئي.

آءُ ادب سان جُڙي پيس. ادبي ماڻهن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪرڻ شروع ڪيم. مختلف اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ روز جو معمول ٿي پيون. ائين وقت جي وهڪري اڄ انهي حال ۾ اچي پهچايو آهي جو ماضي جا ڪي پل ياد پون ٿا ته ڏک سان گڏوگڏ سُرهائي به محسوس ٿئي ٿي ڇو ته اِهي تڪليفون، ازيتون ۽ ذهني پيڙاھُ ئي ته هو جنهن منهنجي دماغ کي ولوڙي ڪري فڪر واري واٽ ڏيکاري ۽ اُن کي فڪر ڪرڻ وارن منجهان ڪيو.

محنت ڪنهن جي به ضايع ناهي ٿيندي بشرط مستقل مجازي هجي. ارادو پڪو هجي. پاڻ تي توڙي پنهنجي صلاحيتن تي اعتبار هجي. خود اعتمادي کي ڪڏهن به گهٽ ٿيڻ نه ڏجي. پاڻ کي دنيا آڏو مڃائڻ جو پڪو پھ ٿيل هجي، پوءَ ڏسو ته توهان ڪيترا نه حيران ڪُن نتيجا ڏيو ٿا.

منهنجي هي مٿي تصوير انهي وقت جي آهي جڏهن آءُ آزاد ڪشمير ۾ سول انجنئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ ويو هيس ۽ انهي مهل آءُ پهرين سال جو شاگرد هيس. حالانڪ اُن وقت اُتان جي پڙهائي منهنجي پڙهائي واري سطح سان ملي ڪري مطمئن ڪندڙ نتيجا جيتوڻيڪ نه پئي ڏنا ليڪن اُن جي باوجود منهنجي چهري تي شڪست جي تاثرات جي آثاران بدران مستقبل جي هڪ فتح جا چٽا آثار نمودار توڙي واضح نظر اچي رهيا آهن.

ڇو ته زندگي هڪ وهندڙ لقاءُ جو نالو آهي جنهن سان مسلسل جيهڙڻ ۾ ئي انسان جو ڪمال لڪل آهي. مون کي اِهو يقين اندران ئي اندران مضبوظ ڪري رهيو هو ته آءُ ڪٿي نه ڪٿي ڪڏهن نه ڪڏهن پاڻ کي دنيا آڏو پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ضرور ويندس.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو