ڳوڙهن ڳاڙهو ويس(شاعري) ڪتاب تي تبصرو

اڳي کان وڌيڪ هن وقت شعر و شاعري وڏي اعليٰ پائي تي ڪئي وڃي ٿي. سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوءِ نوان شاعر نت نون رنگن توڙي روپن ۾ نمودار ٿين ٿا. انهن کان علاوه وري ڪي تمام ٿورا شاعر هن وقت سنڌ اندر موجود آهن جن جي شاعري کي وڏي پزيرائي ملي آهي انهن منجهان جعفر جاني جو نالو پڻ نمايا نظر اچي ٿو. سندس هي ڪتاب” ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ سندس شاعري جي مجموعي آهي جنهن ۾ وايون، غزل، نظم ۽ پنجڪڙا شامل آهن.

جعفر جاني کي جيتوڻيڪ ڪنهن هڪ صنف جو شاعر نہ ٿو چئي سگهجي، ائين چوڻ ساڻس سان زيادتي شمار ٿيندي ڇو تہ هن سڀني صنفن سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي ۽ انهن کي گهربل معيار ۽ مقدار مطابق سرجيو آهي. انسان مختلفن جي شڪار ٿيڻ مهل مختلف نثر توڙي نظم کي تحريري شڪل ۾ لکي ٿو وٺي. ڪڏهن اِها لکت دل جي ڳالهين جي ترجماني ڪندو آهي تہ وري ڪڏهن اندر جي پيڙاھ جو احوال پڻ هوندو آهي. جعفر جاني پڻ اندروني نراسائي سان نويڪلامي ۾ هم ڪلام ٿيندو هو. سندس هڪڙي وائي آهي تہ :

ڏاهپ ڏنا ڏنڀ
                          ڏڏ هئڻ جي ڏوھ ۾

آءُ اڏاما ڪيترو
کُسي پيا ٿم کنڀ
                          ڏاهپ ڏنا ڏنڀ

ٻوڙو ڏيھ ٻڌي نہ ٿو
رڙيون، ڪوڪون، رنڀ

                           ڏاهپ ڏنا ڏنڀ

سج نہ گهرندو آه ميان
ٽيڪون، ٿوڻيون، ٿنب

                           ڏاهپ ڏنا ڏنڀ

(صفحو نمبر 21)

جعفر جاني وٽ زندگي جي معنيٰ ۽ مفهوم عام طرح جي ماڻهن جي معنيٰ ۽ مفهوم کان الڳ ڌلڳ محسوس ٿي ٿو. سندس غزل، پنجڪڙا، نظم توڙي وائي پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ڪجي ٿو تہ ڄڻڪ سڀئي سندس زندگي جي تلخ ترين هجڻ جو چٽو ثبوت هجن. شعور پڻ سختين، تڪليفن ۽ آزمائشن کان پوءِ ئي ايندو آهي. ڏات جي ديوي ڏکويل ماڻهن تي ئي مهربان ٿيندي آهي. ڇڙواڳ ۽ آزاد فرد تخلقڪار نہ بلڪ تفريڪار هوندا آهن. زندگي جي مڪمل مقدار کي جعفر جاني هڪ جڳھ تي سندس وائي ۾ ڪجھ هن طرح لکي ٿو:

آئي اسٽيشن تي بيٺي
پوءِ هلي وئي ريل

                           حياتي اهڙي ٿيندي آ

(صفحو نمبر 26)


اسٽيشن تي بيهڻ ۽ پوءِ وري سگهو ئي وڃڻ جي وقت جو مقدار ڪيترو ٿي سگهي ٿو. ڪجھ گهڙيون، ڪجھ ساعتون يا وري ڪجھ پهر، مطلب ته ڪا بہ ريل پورو ڏينهن، پورو پهر يا پورو ساعت بيهي نٿي سگهي. زندگي به ائين جو تئين پنهنجي سفر کي جاري و ساري رکندي ڪا به گهڙي ڪنهن جو انتظار نه ٿي ڪري. وقت جي پوري ٿيڻ شرط اڳتي هلي پوي ٿي. انهي وچم نفيس دليون الڙن جوان جسمن جي ڪشش ۾ ڇڪجي پوي ٿيون ۽ پوءِ وري چنڊ سان هم ڪلاميون ڪرڻ شروع ڪن ٿيون. ائين ئي جعفر جاني پنهنجي پنجڪڙي ۾ لکي ٿو:

چنڊ ! تنهنجي چاندني ميري نه هئي
تون ڪڪر جي ٻک ۾ مسرور هئين
خوش ٿيس مونکان ته هونئن به ڏور هئين
ساڙ تي مون دل ڪڏهن هيري نه هئي
چنڊ ! تنهنجي چاندني ميري نه هئي


(صفحو نمبر 33)

اُهي اديب، دانشور ۽ فرد جيڪي پاڻ کي قوم جا هڏ ڏوکي سڏارائيندا آهن. يا داعويدار آهن. جڏهن ڪنهن وڏي قومي هاڃي يا مسئلي جي اپٽار مهل خاموش تماشائي بڻجي ڪري پنهنجي لبن کي تالا هڻي ويهندا آهن ته انهي مهل هر هڪ اهل دل ماڻهو جو روح روئڻ شروع ڪندو آهي. انهي ڪيفيتن جي مناسبت سان جعفر جي هڪڙي غزل جو بند آهي ته :

ديس جو درد هُن کي نظر ڪئين اچي
هُن جو پرڏيھ مان هن گهرايون اکيون

(صفحو نمبر 39)

دنيا هر روز جديد کان جديديت طرف وڌي رهي آهي ۽ اسان جي معاشري جا ماڻهو پڻ انهي جديديت سان گڏ جديد ٿيندي عشق جون نيون راهون تلاش ڪن ٿا. ۽ اُنهي راهن تي هلندي ڊجيٽل عشق جا متلاشي ٿين ٿا. انهي صورتحال کي جعفر جاني ڪجھ هن ريت لکي ٿو:

انٽرنيٽ جو عشق نہ مون کان ٿي سگهندو
هاڻ نہ ٿيندو چنڊ ٽپالي ڇا ڪريان

(صفحو نمبر 50)

ٻي هنڌ شاعر پنهنجي غزل جي هڪ بند ۾ لکي ٿو:

يار جاني آس ۽ احساس جا
سوجهرن سان واسطا رنگين ها

(صفحو نمبر 62)

پورو ڪتاب وشال جيڏي وسعت ۽ گهرائي ۾ لکيل خيالن تي مشتمل آهي. سندس هر هڪ خيال مضبوط توڙي شاعري جي سڀني اصلوبن ۽ اصول صابطن جي آڌار تي لکيل آهي. سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ ماندو ٿيل من نراسائي ۽ مايوسي واري حالت مان نڪري اچي ٿي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو