عورت آزادی مارچ

عورت آزادی مارچ …!

نئو ڊرامو

افسوس اِهو آهي جو سنڌ اندر عورتن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ صاحب اڄ عورت جي آزادي جون وڏيون ٻٽاڪون هڻندا، وڏا ڪانفرنس ڪندا، وڏا هام هڻندا ته اسان عورتن کي برابري جي بنيادن تي حقن وٺرائي ڏيڻ جا قائل آهيون.

اسان عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ تعليم، صحت توڙي ٻين معاملن ۾ هڪ جيترا حقوق وٺرائي ڏيڻ جا حامل آهيون. 

مطلب ته جتان ايندن اُتان پيان هوائي فائر ڪندا…!

آخرڪار هن ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

عورتون ڪهڙي آزادي جي گُهر ڪُن ٿيون. ڳالھ واضع ٿيڻ کپي ؟

جڏهن عورت هن بگهڙ نما مردن جي معاشري ۾ گهر کان اسڪول توڙي يونيورسٽي تائين وڃڻ مهل پاڻ کي محفوظ نه ٿي سمجهي سگهي ته ڇا هو اِهڙي معاشري ۾ آزادي کان پوءِ سڪون سان رهي سگهندي؟

 قطعي نه

هي نئو ڊرامو عورتن کي گهمراه ڪرڻ توڙي سندن دل و دماغ ۾ ڇڙواڳي جي نئي لهر پيدا ڪرڻ برابر آهي.

عورت کي جيتري قدر آزاد هجڻ گهرجي اُوتري آزادي کيس هن وقت پنهنجي گهرن ۾ مليل آهي.

باقي جيڪڏهن يورپ وارين ماين وانگر آزادي جي نالي تي ڇڙواڳي جي اندروني طور اميد اڄڪلھ جي عورت پنهنجي اندر ۾ رکي ٿي ۽ هن مارچ کي پنهنجي حق ۾ بهتر سمجهي ٿي ته پوءِ کيس ياد رکڻ گهرجي ته مستقبل ۾ انهن عورتن توڙي سندن نئي نسل کي انتهائي ڏکيا ڏينهن ڏسڻ لاءِ پلي پوندا.

ڇو ته هن معاشري جو فرد اڃا ذهني طور ايترو بالغ ڪونه ٿيو آهي جو ھُو عورت کي مڪمل طرح سان آزادي ڏي ۽ ها هڪ ٻئي اهم ڳالھ ته شايد کيس پنهنجو مذهب به ايتري آزادي ڏيڻ جي اجازت شايد نه ڏئي سگهي جيتري آزادي جي توقع هن نئي ڊرامي شروع ڪرڻ سان ڪئي وئي آهي.




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو