سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب ( ڪالم ) يوسف جميل لغاري

شل خواب سدائين کِلندا رھن


ھڪڙي باشعور ۽ ساڃاھ وند ماڻھو جي ھڪ اھم خاصيت ھيءَ آھي تہ ھو پنھنجي آسپاس جي ماحول، سماجي سياسي صورتحال ۽ ملڪي قومي حالتن تي تنقيدي نظر وجھي ٿو ۽ ڏاھپ ڀري اک سان انھن جو تجزيو ڪري ٿو. تنقيدي نظر انقلاب يا آزادي جي ابتدائي وک ھوندي آھي. ان ڪري ئي سڄي دنيا اندر تنقيدي شعور جي سگھ ۽ اھميت کي مڃيو وڃي ٿو.
اسان جو باشعور دوست، ساڃاھ وند ساٿي ۽ قومي قافلي جو ھمسفر يوسف جميل لغاري پڻ اھڙو انسان آھي، جيڪو شين، ماحول ۽ حالتن تي تنقيدي نگاھ رکي ٿو. سندس زير نظر ڪتاب "سانجھي ويل سڏڪندڙ خواب" انھي تنقيدي نگاھ جي ميڙيِ چونڊيِ آھي. رڳو ڄار پاتال منجھان موتي نہ ميڙيندا آھن، اکيون بہ ماڻڪ ميڙينديون آھن. حُسن، شعور، ساڃاھ، سڀيتا ۽ ادراڪ جا ماڻڪ موتي. ھن ڪتاب م پڙھندڙن کي آڇڻ لاءِ ھو اھي وڙ ۽ وٿون کڻي آيو آھي.

جيتوڻيڪ ھيءَ ھڪ ننڍو ڪتابڙو آھي، پر ان م عقل، ادراڪ، سچائي، انسان پروري، عوام دوستي ۽ سنڌ پرستي جون اتم، اعلاء وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون آھن.

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.

ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي. ھيءَ ھڪ بھتر سھيڙ آھي. جنھن سان پڙھندڙن کي ھيءَ سھولت حاصل ٿي آھي تہ اھي ھڪ ھنڌ تي ئي ھيءَ سڀ ليک مطالعي ھيٺ آڻي سگھندا. ھنن لکڻين کي پڙھندي ھو سماجيات، سياسيات ۽ علميات جھڙن موضوعن کان واقفيت ۽ آگاھي حاصل ڪري سگھندا. اسان جي ھن دوست ليکڪ جي ھيءَ وڏي خوبي آھي تہ ھو ھڪ پڙھيل ڪڙھيل، گھڻ پاسائون مطالعو رکندڙ ۽ دردِ دل سان آشنا انسان آھي. ان ڪري ھو عميق نگاھ سان مامرن جي تور تڪ ڪري ٿو. کيس سنڌ جي سماجي ۽ معاشرتي قدرن جو وڏو اونو آھي. سندس اھا اون اجائي نہ آھي. سڌريل قومون پنھنجن سماجي، معاشرتي ۽ قومي قدرن سنڀالينديون آھن. ھو سنڌ جي تعليم جي باري م پڻ ڳڻتي ۽ ڳاراڻي م ورتل آھي. 

ھو علم جي اھميت کان آگاھ آھي. تنھن ڪري علم جي واڌ ويجھ چاھي ٿو. جنھن لاءِ لازمي آھي تہ تعليمي سرشتو سڌريل، روشن خيال، عوام دوست ۽ قوم دوست ھجي. ھو سياسي مامرن بابت پڻ ھڪ سجاڳ ذھن سياسي ڪارڪن طور اظھار ڪري ٿو. ھو سنڌي قوم جي آزاد آئيندي ۽ سنڌ جي ملڪي حيثيت جو گھورو آھي. ھڪ تاريخي ملڪ ۽ جداگانا قوم کي گھڻو وقت ڀنڀلائي ۽ دٻائي مسلسل محڪوم نہ ٿو رکي سگھجي. ھڪ ڏينھن نيٺ اھا قوم محڪومي ۽ غلامي جا گسيل ۽ زنگيل چادر لاھي ڦِٽي ڪندي. سنڌ جي آڪاس تي ڪنھن سونھري سحر جي نمودار ٿيڻ جي آس سندس لفظن، تمنائن ۽ ارادن مان جھلڪندي رھندي آھي. اھڙيون آسون اوھان کي ھتي بہ ڏسڻ ۾ اچي وينديون. ھو نعريباز ليکڪ ناھي، پر ساڳيي وقت ھو فراريت پسند ليکڪ بہ ناھي. ھو ھڪ ارپيل ۽ وابستگي رکندڙ ليکڪ آھي. ڪنھن محڪوم قوم جي ليکڪ کي فراريت پسند ٿيڻ بہ نہ گھرجي. محڪوم قومن کي ڪميٽيڊ، آدرشي ۽ سياسي ليکڪن جي ضرورت ھوندي آھي.

يوسف جميل لغاري پڻ ھڪ آدرشي ۽ پنھنجي قوم کي ارپيل نوجوان آھي. سندس ھيءَ لکڻيون پڙھي آئون خوش ٿيو آھيان. مون کي اميد آھي تہ ھو پنھنجي قوم ۽ وطن لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رھندو.
سنڌ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز لکيو ھو تہ

جي گھر گھر نعرو گونجي
ڌرتي زندھ باد تہ ٻيو ڇا گھرجي
خواب ھجن آزاد تہ ٻيو ڇا گھرجي

آئون سانجھي ويلي سڏڪندڙ خوابن کي کلندو ڏسڻ گھران ٿو. شل خواب سدا آزاد ھجن، سدا کلندا رھن. سپني جي آزادي انسان جي آزادي آھي. انھيءَ ڪري ئي آمريتون ۽ بيٺڪي قوتون ماڻھن جي سپنن کي بہ قيدي ڪرڻ گھرنديون آھن. پر اسان ھر قيد جو انت آڻڻ ٿا گھرون. اسان آزادي جي سپنن جا ساکي ۽ آزادي جا متوالا آھيون. ھيءَ ڪتاب آزادي جي رستي تي ٻاريل شمع آھي.

نواز خان زئور
۳۰ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع
ميرپور بٺورو.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو