ڪتاب ” تنين کي تعليم جِي “ تي هڪ نظر

هن ڌرتي جي سموري آبادي مان مجموعي طور چار يا پنج فيصد اِهڙا ماڻهو هوندا جن کي علم حاصل ڪرڻ جو اونهو هوندو. جن کي تعليم جي اِهميت ۽ افاديت جي خبر هوندي ۽ اُهي ئي ماڻهو در اصل هن ڪائنات جا وارث آهن.

اِهڙن ئي پيارن منجهان اسان جو هڪڙو پيارو ڀائرن جهڙو دوست سرمد کوسو پڻ آهي. جنهن جي نئي آيل ڪتاب ” تنين کي تعليم جي“ پڙهي ڪري ائين محسوس ٿيو ته ڄڻڪ سرمد جي من ۾ تعليم جو اونهو ڪنهن وقت کان ٻريل ڏانڊي جيان دُکي رهيو آهي.

مون تعليم جي موضوع تي پهريان هڪڙو ڪتاب پڙهيو هو . جنهن جو نالو هو ” ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ“.

ڀاءُ سرمد کوسو به ساڳي ئي تعليمي موضوع تي لکي ٿو. جيڪو موضوع منهنجو بنيادي طرح سان اولين موضوع هجڻ کان علاوه پسنديده موضوع پڻ آهي.

ڪنهن به فرد، ڪتاب يا ماڳ توڙي مڪان تي بنا ڪنهن تحقيق جي ڪو رايو قائم ڪرڻ يقينن اُنهي سان نا انصافي ڪرڻ برابر آهي. ڀاءُ سرمد کوسو جيتوڻيڪ هڪ با ڪردار ۽ متحرڪ نوجوان هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليکڪ پڻ آهي.

اِنهي ڪري تعليم کاتي کي ويجهو کان ڏسڻ، انهي اندر موجود هاڪاري ۽ ناڪاري ريتن رسمن توڙي انهن جي اثر هيٺ رهندڙ اسان جي سماجي صورتحال جي اوسر تي سٺي نموني پنهنجا ويچار ونڊڻ جو قابل آهي.

سندس تازو آيل ڪتاب ” تنين کي تعليم جِي “ پڙهي ڪري اهو خيال دل ۾ آيو ته جيڪر هن ڪتاب ۾ موجود سڀني تحريرن جا جملا کڻي ڪري انهن جو حوالو پنهنجي تبصري ۾ ڏيان. هر هڪ تحرير عمده ۽ بامقصد نموني سان لکيل آهي.

سرمد کوسو جيتوڻيڪ پاڻ بنيادي طور هڪ استاد آهي. تنهن ڪري کيس تعليم کاتي جي اندر موجود فرسوده حڪمت عملين، فرسوده نصاب ۽ فرسوده رواجن جو علم جهجي مقدار ۾ آهي.

حڪومت کي تعليم جي بهتري لاءِ ڪجھ گذارشون پيش ڪندي سرمد کوسو لکي ٿو:

” پرائمري تعليم ٻار جو تعليمي بنياد هوندو آهي. جتان هو پنهنجي تعليمي سفر شروع ڪندو آهي. اهو سفر ٻارن لاءِ خوشگوار به ٿي سگهي ٿو ته ساڳي وقت خوفناڪ ۽ اڻوڻندڙ به ثابت ٿي سگهي ٿو.

ان جو سڄو دارومدار ان ڳالھ تي آهي ته اسان تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي ماحول ڪهڙو ٿا ڏيون؟

ڇا ٻار کي سڀ بنيادي سهولتون ملن ٿيون؟

(ڏسو صفحو 45 ۽ 46)

اِهڙي ريت پرائمري تعليم کان وٺي ڪري اعليٰ تعليم تائين درپيش ايندڙ ڏکائين تي تمام تر سهڻي انداز ۾ لکيو اٿائين. يونيورسٽين جو بي لاڀائتو هجڻ تي سرمد کوسو لکي ٿو:

” يونيورسٽيون هونديون ئي تحقيق لاءِ آهن سو اتي جڏهن تحقيق نٿي ٿئي. تنهنڪري ڊگري حاصل ڪيل شخص کي به ڪجھ ناهي ايندو. حڪومت کي گهرجي ته اِها يونيورسٽين کي پابند ڪري ته اهي داخلائون موجود وسيلن ۽ سهولتن موجب ڏين. تحقيق تي وڌيڪ زور ڏين. سفارش ڪلچر کي ختم ڪن.“

(ڏسو صفحو 48)

اِهڙي نموني تعليم کاتي سان لاڳاپيل هر هڪ پهلو سان سٺي نموني نڀاءُ ڪيو اٿائين. فني تعليم جي اهميت هجي، اسڪولن ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي کوٽ هجي، زراعت جي تباهي جا تعليمي عمل تي اثر هجن. مطلب ته تعليم کاتي جي اهم مسئلن جي اُپٽار سان گڏوگڏ انهن جي بهتري لاءِ ڪارگر ۽ مفيد تجويزون هن ڪتاب ۾ پڙهڻ پيش ڪيون اٿائين.

انهي ڳالھ جو قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان جو سمورو حڪومتي ڍانچو تعليم کاتي بابت سنجيده رويو نه ٿو رکي. بس مڙئي وقت کي ٺيلو پيا ڏين. مڙئي پيا ٿا گاڏو هلائين.

سنڌ جي اجتماعي شعور کي خاص طور تي تعليم کاتي سان منسلڪ فردن کي سرمد کوسي جهڙن فرض شناس استادن تي فخر آهي. جيڪي پنهنجي قوم، پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ڌرتي ڌڻين لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا.

پنهنجي آواز کي سگهارو ڪرڻ ۽ تعليم بابت پنهنجي اندر موجود اوني کي ڪتابي صورت ڏئي ڪري پنهنجي فڪر کي پوري سنڌ ۾ عام ڪن ٿا.

هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ سندس قيمت 200 روپيه رکي وئي آهي. پيڪاڪ پبلشرس پوري سنڌ کي انتهائي انمول ۽ ڪارائتا ڪتاب ڏيڻ جو پابند نظر اچي ٿي.

آءُ پيڪاڪ پبليڪيشن ڪراچي جي پوري سٿ سميت ڀاءُ سرمد کوسي جو تھ دل سان مشڪور آهيان جنهن هڪ اهم موضوع تي قلم کڻي ڪري اسان کي پڻ فڪر جي گس تي ٻيهر آڻي بيهاريو ۽ سندس هن محنت کي دلي طور داد ڏيان ٿو.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
خادم السنڌ
يوسف جميل لغاري


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو