پيـارا
نجـف علـي !

هي اُنهن ڏينهن جي ڳالھ آهي. جڏهن اڃا مون کي سنڌ  بابت توڙي مجموعي طور دنيا جي ڪم ڪارن بابت شعور نه هئو ۽ نه ئي اِها خبر هوندي هئي ته موسيقي جي دنيا ڇا ٿيندي آهي.

بس ٻالڪپڻ جا شروعاتي ڏينهن هئا. موسيقي سان منهنجي گهڻي چاھ هوندي هئي. واندڪائي ۾ ويٺي موسيقي سان دل وندرائيندو هيس ۽ محبوب سان پي تصور ۾ ملاقاتون ڪندو هيس.

هن تصورن ۾ محبوب کي ڪي ڏوراپا به ڏيندو هيس ته وري سندس سونهن جي تعريف به ڪري وٺندو هيس. منهنجا تصور خالي تصور ئي هوندا هئا. ليڪن جڏهن وري توهان جي ڳايل گانن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو ته اُنهي مهل سڄو تصوراتي دنيا ئي تبديل ٿيڻ لڳو.

توهان جي ڪلامن کي ٻڌئڻ کان پوءِ آءُ تصوراتي جهان ۾ رهڻ جي بجاءِ گاني جي هر هڪ بند توڙي مصري تي فڪر ڪرڻ لڳندو هيس. توهان طرفان ڳايل شاعري جو هڪ هڪ لفظ مون کي سوچن جي ساگر ۾ وٺي ويندا هئا.

تن ڏينهن ۾ ڪيسٽن جو جهان هو. مون جئين تئين ڪري توهان جا ٻه ٽي ڪيسٽ خريد ڪيا هئا. جن کي فرصت مهل ٻڌي وٺندو هيس ۽ هر دفعي ٻڌڻ کان پوءِ ڪي ئي ساعتون سوچن ۾ غم ٿي ويندو هيس.

وري اڳتي هلندي. اوهان جا گانا سنڌي چينل ڪشش تي ٻڌڻ لاءِ نصيب ٿيا. اصلي روح راضي ٿي پوندو هو. توهان جي گانن ۾ جهڙوڪ وڇوڙي جا المناڪ قصا بيان ٿيل هوندا هئا ليڪن جهڙي نموني اوهان لفظن ۾ درد کي سمائي ڪري پيش ڪندا هئا سو منهنجو من روئي پوندو هو.

آءُ ٻين گلوڪارن جي ڀيٽ ۾ توهان جي گانن کي ٻڌڻ وڌيڪ پسند ڪندو هيس ۽ ڪافي سال گذرڻ جي باوجود اڄ به آءُ توهان جي گانن کي ٻڌڻ جي حوالي سان اهميت ڏيندو آهيان. مون وٽ اوهان لاءِ اڄ به اهو ئي ساڳيو احترام ۽ عزت آهي جيڪو ورهين پڄاڻان اڳي هو.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو