شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ احتجاجن جي موسم

دنيا جا تعليمي ادارا هر روز نت نوان تجربا ڪري نوان نظريا ۽ خيال پيش ڪن ٿا۽ ترقي جا ڏاڪا چڙهن ٿا. انهن جي بنسبت اسان جون درسگاهون هر روز جديد ٿيڻ بجاءِ قديم ٿينديون وڃن ٿيون. 

هر سال هزارين شاگرد هتان پاس ٿي ڪري روزگار جي تلاش ۾لڳي وڃن ٿا. جڏهن ته هر سال مارڪيٽ جي وڌندڙ ڊمانڊ جي نتيجي ۾ داخلائن جي تعداد ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي.

ان ڪري اهو لازم آهي تہ نون ايندڙ شاگردن لاءِ محدود وسيلن جو دائرو وسيع ڪري. جڏهن شين کي انهي معيار تي پرکجي ٿو ته پوءِ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور تمام گهڻي پٺتي پيل نظر ايندي.

سنڌ جي عظيم شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي جي نالي سان منسوب ٿيل درسگاه هن وقت عجيب قسم جي مونجهارن ۽ تضادن جو ور چڙهيل نظر اچي ٿي. 

ڊگهي عرصي کان وٺي ڪري ڊپارٽمنٽ آف فارميسي جي شاگردن جي رجسٽيرشن جي مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ هر روز احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن.

جن جو ڪو بہ ازالو نہ ٿو ٿئي. جڏهن ته ڊپارٽمينٽ جي رجسٽريشن نه هئڻ سبب اتان پاس ٿيندڙ شاگردن جي ڊگرين جي ڪا قانوني حثيت ئي نه آهي. جنهن سبب هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي.

فارميسي ڊپارٽمنٽ کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي يونيورسٽي ۾ 2010 ۾ قائم ڪيو ويو هو، 09 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هتان سوين شاگرد پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري چڪا آهن. 

رجسٽريشن نه ٿيڻ باوجود جيتوڻيڪ شاگرد ڊگري ته حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن پر اهڙا شاگرد سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ نوڪرين لاءِ نا اهل بڻيل آهن. 

ان جو جو مکيه ڪارڻ ڊپارٽمنٽ آف فارميسي جو لاڳاپيل ڪائونسل وٽ رجسٽرڊ نہ هجڻ آهي. گذريل 09 سالن ۾ هر سال شاگرد پنهنجي ڊپارٽمنٽ کي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن.

ڌرڻا هڻي رهيا آهن پر يونيورسٽي انتظاميا مسئلي تي ڌيان ڏيڻ جي بجاءِهر دفعي  ڪن لاٽار ڪندي رهي آهي.

ڊپارٽمنٽ آف فارميسي جو رجسٽرڊ نہ ٿيڻ جو مکيه سبب فيڪلٽي جو مڪمل نه هجڻ آهي، جنهن ۾  تجرباتي ليبارٽين جو گهربل تعداد ۾ نہ هجڻ، ڪلاس جي ڪمرن جو مڪمل نہ هجڻ. ڊپارٽمنٽ ۾ پي ايڇ ڊي هولڊر چيئرمين جي غير موجودگي ۽ ان کان علاوه ٻيون به گهڻيون ضرورتون آهن. 

جيڪي هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونيورسٽي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏنيون ويون آهن. پر يونيورسٽي انتظاميا انهن تي عمل ڪرڻ کان قاصر رهي جنهن سبب هن ڊپارٽمنٽ جي رجسٽريشن سالن کان رولڙي جو شڪار رهندي آئي آهي.

هن وقت يونيورسٽي ۾ رڳو هي نه پر ٻيا به گهڻا مسئلا آهن: خيرپور ميرس ۽ ان جي آس پاس شاگردن کي پِڪ اينڊ ڊراپ لاءِ بسن جو تعداد پڻ گهٽ آهي. جنهن سبب شاگردن کي تمام گهڻي تڪليف اچي رهي آهي. 

شاگردن جي جهجي تعداد سبب لاڳاپيل سڀني شهرن ڏانهن انهن پوائنٽ بسن ۾ هر روز ايندڙ ويندڙ شاگرد انتهائي ٻوسٽ ۽ سوڙھ واري حالت ۾ يونيورسٽي پهچن ٿا. 

شاگردن جو تعداد گهڻو هئڻ جي ڪري ان ڳالھ جي شدت سان ضرورت آهي ته انهن روٽن تي ٻه ٻه پوائنٽ بسون هلايون وڃن يا وري ساڳي روٽ تي لاڳاپيل شهرن لاءِ گرلز پوائنٽن جو الڳ بندوبست هئڻ گهرجي. 

ڇو تہ ٻهراڙي جي اڪثر روٽن تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لا۽ مجموعي طور گڏيل هڪ ئي پوائنٽ هلائي وڃي ٿي جنهن سبب نون ايندڙ شاگردن کي ويهڻ لاءِ مناسب جڳھ بہ نہ ٿي ملي ۽ اُهي سڄو رستو پيرن ڀر بيهي يا وري بس جي ڏاڪڻين ۾ لڙڪي يونيورسٽي پهچن ٿا.

ان کان علاوه مختلف شعبن جي چئرمينن کي پنهنجن شعبن مان بدلي ڪري کين پنهنجي شعبي کان الڳ شعبن جي زميواري ڏني وڃي ٿي. جنهن سبب اُهي چئرمين ٻين ڊپارٽمينٽس ۾ اثرائتو ڪردار ادا نه ٿا ڪري سگهن. 

ساڳي ريت شاگردن جي ٻين بنيادي ضرورتن جي کوٽ پڻ يونيورسٽي ۾ وڏو مسئلو بڻيل آهي. سچل، جي ايم توڙي حامي هاسٽل جي هر هڪ ڪمري ۾ ٽن ڇوڪرن جي رهڻ جي جاءِ جي ابتڙ هر هڪ ڪمري ۾ چار ڇوڪرن جي الاٽمنٽ ڪئي وڃي ٿي. 

لطيف يونيورسٽي جي انتظاميہ جي حالت اها آهي ته شاگردن پاران هڙتال جي سڏ ڏيڻ شرط اڳين ڏينهن يونيورسٽي آفيشنل بند ٿي وڃي ٿي. بنا ان سوچ سمجھ جي ته سندن ان عمل جي ڪري شاگردن جي تعليم تي ڪيترو ناڪاري اثر پوي ٿو. 

هر ٻئين يا ٽئين ڏينهن يونيورسٽي کي بند رکڻ ۽ پوائنٽ بسون نه هلائڻ واري عمل جي هر شاگرد مذمت ڪري ٿو ۽ انهي عمل کي سخت ناپسند ڪري ٿو. جيتوڻيڪ گهڻي عرصي کان شيون بهتر نه ٿيڻ سبب شاگرد روايتي طور احتجاج ڪندا رهيا آهن پر هميشه يونيورسٽي انتظاميہ وٽان کين نا اميدي پلئہ پئي آهي. 

جڏهن ته هاڻي ڊي فارميسي شعبي جي شاگردن پاران احتجاج جي سڏ کي سڄي سنڌ ۾ پذرائي ملي آهي. جنهن سبب هن احتجاج جو دائرو هاڻي خيرپور ميرس کان وڌي ڪراچي تائين پهچي ويو آهي. 

جنهن يونيورسٽي انتظاميہ جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. سول سوسائٽي سميت سوسائٽي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ عام شهرين پاران شاگردن جي احتجاج جي پٺڀرائي ڪرڻ سبب شاگردن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. 

جنهن سبب سندن احتجاج ماٺو نه پيو ٿئي. سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل دوستن جي همٿ ۽ جذبي کي ڏسي سنڌ جي نامور صحافي مشاق سرڪي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي ڪرپٽ قرار ڏيندي کيس هٽائڻ لاءِ گذريل مهيني ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج جو سڏ ڏنو هو 

ته جيڪڏهن شاگردن جي هن اهم، سنجيده ۽ جائز مسئلي کي وقت سر حل نه ڪيو ويو ته اڳئين مرحلي واري احتجاج وائيس چانسلر پروين شاھ کي هٽائڻ لاءِ فيصلاتو احتجاج هوندو. 

(ياد رهي ته هي ليک مشتاق سرڪي جي ڪراچي ۾ گرفتار ٿيڻ کان گهڻو اڳ لکيو ويو هو جنهن وقت يونيورسٽي ۾ هن مسئلي ڪر کنيو هو. رسالي جي دير اشاعت سبب هاڻ اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو)

سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ متحرڪ بڻي اڳواڻ مشتاق سرڪي، پنهل ساريو سميت ڪيترن ئي ٻين اڳواڻن جي مدد سان گذريل مهيني پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي ۽ احتجاج ۾ شريڪ شاگردن چيف منسٽر هائوس ڏانهن وڃڻ لاءِ پيش قدمي پڻ ڪئي، جڏهن ته انتظاميہ ساڻن ڳالهيون ڪري مسئلي جي حل لاءِ وقت طلب ڪيو ۽ احتجاج ختم ڪرايو. 

جيتوڻيڪ هن ڀيري شاھ لطيف يونيورسٽي انتظاميہ مسئلي جي حل لاءِ سنجيده نظر اچي رهي آهي پر اصل ۾ فارميسي شعبي جي رجسٽريشن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جا شرط ڪافي مشڪل آهن.

جنهن سبب ان ڳالھ جا امڪان بنھ گهٽ آهن ته ڪو ڊي فارميسي جو شعبو جلد رجسٽرڊ ٿي ويندو. اِن ڪري لڳي ٿو ته شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ احتجاجن جي موسم اڃان گهڻا رنگ بدلائيندي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو