پنڻ فيشن آهي يا مجبوري ؟


پاڻ انهي ڳالھ کان قطعي طور انڪار نه ٿا ڪريون ته پاڻ وٽ روزگار جا وسيلا بنھ گهٽ آهن ۽ هڪ عام ماڻهو کي زندگي جي معاملاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو.

ليڪن هِن وقت جهڙي ريت شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ فقيرن جو تعداد جيتري مقدار ۾ وڌڻ شروع ٿيو آهي سو قابل فڪر پهلو آهي.

توهان کي شهر جي هر چوراھ توڙي چوڪ تي گداگر ملندا. مسجد، مندر توڙي تعليمي ادارن ۾ به فقير بنا ڪنهن رک رکان جي هليا اچن ٿا. 

ٻهراڙين ۾ ته هر ٽين يا چوٿين ڏينهن تي ڪو نه ڪو ماڻهو اچي ڪري لائوڊ اسپڪير آن ڪري اُن ۾ پنهنجي مجبوري جو داستان بيان ڪرَڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڳوٺ وارن کي مدد جي اپيل پڻ ڪري ٿو.

هاڻ سوچڻ جهڙي ڳالھ اِها آهي ته پنهنجي معاشري جا اُهي ماڻهو جيڪي روزگار جي ٻين وسيلن جي اڻاٺ سبب محنت ڪرڻ جي بجاءِ گداگري کي اوليت ڏيڻ کي ڇو مناسب سمجهن ٿا.

ڇا سڀئي فقير مجبوري تحت ٻين جي آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور آهن يا وري ڪو ٻيو سبب آهي ؟

ڪٿي ائين ته ناهي جو اُهي اِهو سوچي ڪري گداگري يا جنهن کي پنڻ چئجي اُن کي اوليت اِن ڪري ڏين ٿا ته اُن ۾ محنت گهٽ ۽ ڪمائي مڙئي ڪجھ سوائي ٿي وڃي ٿي.

اصل بنيادي سبب ڪهڙو آهي؟

مون ته پنهنجي مشاهدي ۾ ڪجھ اِهڙا ماڻهو به اکين سان ڏٺا آهن جن جي پويان محفوظ ڪيل ملڪيت چڱي خاصي هئي ليڪن اُهي اُنهي چڱي خاصي ملڪيت هجڻ جي باوجود به پنن پيا.

ان ڏس ۾ ڪجھ عرصو پهريان ڪراچي کان هڪ رپورٽ به شايع ٿي هئي جنهن جو عنوان ڪجھ هن ريت هئو:

Sindh becoming hub of ‘wealthy’ beggars: report

هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري توهان سڄي رپوٽ پڙهي سگهو ٿا.

https://www.google.com/amp/s/www.pakistantoday.com.pk/2018/01/17/sindh-becoming-hub-of-wealthy-beggars-report/amp/

هاڻ اِسين اِن ڳالھ جو تعين ڪهڙي نموني ڪريون ته اسان کان خيرات گهرندڙ فقير خيرات وٺڻ جو مستحق آهي به يا نه.

سندس ظاهري حالت کي ڏسي ڪري !
سندس بي وس بڻيل چهري کي ڏسي ڪري !
سندس التجائي اکين کي ڏسي ڪري يا وري
سندس نماڻي انداز کي ڏسي ڪري !

اسان جهڙن عام ماڻهن لاءِ ته هي هڪڙو ڳنڀير مسئلو بڻجي چڪو آهي. اسان جي هن شڪ جي بنياد تي ڪڏهن ڪو مستحق اسان جي خيرات ڏيڻ کان رهجي ٿو وڃي ته وري ڪڏهن ڪو غير مستحق گداگر اسان کان خيرات وٺيو ٿو وڃي.

اڄڪلھ ته ڪجھ نوجوان ۽ ٺاهوڪيون مايون به برقو پائي ڪري هڪ عجيب و غريب مفلسي جو داستان گهڙي هن فيلڊ ۾ سر بازار گهمڻ شروع ٿيون آهن.

هاڻ ڇا ٿا سمجهو. 

ماڻهو سندن مجبورن ڏي غور ڪرڻ پسند ڪندا يا سندس ڇڪ ڀري نوجوان جسم ڏي گهڻو غور ڪرڻ پسند ڪندا. فيصلو اوهان جي هٿ آهي. منهنجي هن نقطہ نظر سان انصاف ڪري پوءِ ئي ڪو رايو جوڙجو سائين محترم !

ڪٿي مون فقير کان ڪا غستاخي نه ٿي وڃي!

منهنجو ڀرم رکجو ۽ پوءِ وري منهنجي هن سوال تي هڪ دفعو ٻيهر غور ڪري ڏسجو ته :

” پنڻ ! فيشن آهي يا مجبوري؟ “

توهان کي جواب پنهنجي اندر جي جاڳيل انسان/ضمير وٽان ئي ملي ويندو.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو