اُستادن تي اُڀِيُون ٿيندڙ آڱريون

تعليم کاتي جي تباھ ڪارين تي هر روز ڪافي ماڻهو لکن ٿا، ڳالهائن ٿا ته وري ڪجھ دوست پنهنجي علم جي آڌار تي سُھڻيون تجويزون پڻ پيش ڪن ٿا.

هاڻ تعليم کاتي کي ڪهڙن بنيادن تي پرکيو وڃي ۽ تعليم ڇو نه ٿي سُڌري اچو ته ان تي جامع گفتگو ڪريون.

اسان کي بي ايڊ آنرس جي چوٿين سيمسٽر ۾ هڪڙو سبجيڪٽ پڙهايو ويو هو.

اسڪول، ڪميونٽي ائيڊ ٽيچر

مطلب ته تعليم کاتي جي سڄي سرشتي کي هلائڻ وارا مکيه ٽي عنصر اسڪول، معاشرو ۽ اُستاد آهن.

اچو ته هنن تي وڌيڪ روشني وجهون.

اسڪول:

تعليم جي هن سرشتي ۾ اسڪول جو قيام مکيه ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسڪول کان بنا تعليم جو حصول ممڪن ئي ڪونهي ڇو ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي عمل کي جاري رکڻ لاءِ هڪ ماحول گهربل هوندو آهي. جيڪو يقينن اسڪول جي قيام کان پوءِ ئي ممڪن ٿيندو آهي.

هاڻ اِها ذميداري تعليم کاتي حڪومت سنڌ جي مٿان عائد ٿئي ٿي ته هو ڪيتري قدر معياري اسڪول قائم ڪن ٿا. انهن کي گهربل سهولتون ڪيتري قدر مهيا ڪن ٿا.

انهن اسڪولن جي ڪيتري قدر پر گهور لهن ٿا. ڇو ته پاڻ وٽ سنڌ جي عمومن ڳوٺن ۾ اسڪولن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

اسڪولن جي بهتري لاءِ ملندڙ فنڊ SMC به تعليم کاتي جي اندر ويٺل ڪامورن جي رحم ۽ ڪرم سان هڙپ ڪئي وڃي ٿي ۽ اسڪول جهڙا جو تهڙا رهجي وڃن ٿا. 

ڪن اسڪولن ۾ گهربل ڪلاس جا ڪمرا ناهن ته وري ڪٿي باٿ روم توڙي پاڻي جو بندوبست ناهي ٿيل هوندو. ڪٿي وري اسڪول بائونڊري وال کان محروم آهن ته وري ڪٿي ماڳهي اسڪول جا بلڊنگ ئي ناهن. اُهي اسڪول ڪنهن جهوپڙي ۾ هلن ٿا.


هاڻ اِهڙي صورتحال مان ڪهڙي قسم جي بهتري جي اميد ڪجي…!

تعليم کاتي جو ٻيو مکيه بنيادي عنصر:

ڪميونٽي (جنهن کي سماج، معاشرو سڏبو آهي):

معاشرو يا سماج جو اسڪول ۽ اسڪول جي ڪار وهنوار سان بلڪل ائين لاڳاپو آهي جئين ساھ کڻڻ جي عمل سان ڦڦڙن جو. هاڻ جڏهن معاشري جا گهڻ گهريا ۽ سماجي فرد سڏرائيندڙ فرد اسڪول جي ڪارڪردگي کان ڪن لاٽار ڪندا.

 اسڪول ۾ موجود استاد سان رابطي توڙي اخلاقي بنيادن تي ڳنڍيل نه رهندا ته هڪڙو استاد بهترين نتيجا ڪيئن ڏئي سگهندو.

نجي اسڪول جي سربراهن توڙي استادن سان والدين رابطي ۾ رهن ٿا. انهن کان پنهنجي ٻارن جي ڪارڪردگي بابت پڇا ڳاڇا ڪن ٿا. انهن طرفان رٿيل پروگرامن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪن ٿا. 

باقي سرڪاري اسڪول جي استادن توڙي هيڊ ماسترن کان ائين لوائن ٿا ڄڻڪ اُهي اسڪول جا استاد نه بلڪ ڪنهن انتها  پَسند نام نهاد تنظيم جا ماڻهو هجن. 

اسڪول ۾ موجود فيڪلٽي کان ڪن لاٽار ڪرڻ جو هي سڄو ڏوھ معاشرتي لاتعلقي جي ذمري ۾ اچي ٿي. هن سڄي نقصان جو ذميوار معاشرتي منفي لاڙا آهن.

سماجي فرد سڏرائيندڙ توڙي معاشري جي شعور رکندڙ فردن کي سرڪاري اسڪولن جي استادن سان عليڪ سليڪ ڪرڻ گهرجي. 

انهن جي بهتر ڪارڪردگي توڙي انهن طرفان منقعد ڪيل گڏجاڻين ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بنائڻ گهرجي ته جيئن اُستاد پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي.

 ھُو اسڪول جي بهتري لاءِ دل و جان سان ڪم ڪري. پوءِ ڏسو ته ڪيترا نه حيران ڪُن نتيجا سامهون اچن ٿا.

 هن مرحلي جو ٽيون مکيه عنصر آهي:

استاد:

آئون 

اسڪول ۽ ڪميونٽي تي پاڻ مٿي ٿورو گهڻو روشني وجهي چُڪا آهيون. هاڻ اچون ٿا اُستاد طرف، جيڪڏهن استاد کي اسڪول پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ گهربل معيار تي پورو ملي ته يقينن اُهو استاد بهتر ۽ ڪارڳر نتيجا ڏيندو.

جيڪڏهن اُن جي برعڪس کيس هڪ ٽٽل ڦٽل ويراني ۾ ڪنهن جهوپڙي هيٺ آخري پساھ کڻندڙ اسڪول ڏنو وڃي ته اُتي اهو استاد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو مرحلو ڪهڙي ريت بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهندو.

اهو توهان پاڻ به سمجهو ٿا. اُهو استاد پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪئين ڪندو؟

اسڪول به زبون حال ملي، معاشري مان به ڪو سهڪار نه ٿي. ته پوءِ آخر ڪار هڪڙو استاد ڪري ته ڇا ڪري؟

نه اسڪول جي عمارت ٺيڪ
نه ئي ڪو بورڊ يا چاڪ دستياب
نه ئي ويهڻ لاءِ ڪرسي ميسر
بيهڻ لاءِ ڊائيس جي عدم موجودگي
نه رجيسٽر رکڻ لاءِ ٽيبل
نه پئيڻ لاءِ نلڪو يا ٽانڪي
نه پڙهائڻ لاءِ گهربل ماحول

ته پوءِ آخرڪار استاد ڪري ته ڇا ڪري؟

چُپ ڪري ويهي رکي يا وري هڪ گوسڙو اُستاد ٿي ڪري اسڪول کان غائب رهڻ شروع ڪري.

هي سڀ ڪجھ هڪڙو پرائمري اُستاد ويچارو پنهنجي پگهار مان ته ڪونه ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي سندس ايتري پگهار هوندي آهي جو هُو سڀ بندوبست پنهنجي سر پاڻ ڪري سگهي.

اسان توهان مان ڪافي فرد تعليم کاتي جي اندروني صورتحال کان اڻ واقف هوندي تعليم جي تباهي جو سڄو ڏوھ اُستادن تي ڏيندا آهن ۽ بنا ڪنهن رک رکان جي اُستادن کي ماستر جو لقب ڏئي ڇڏيندا آهن.

پنهنجي گريبان ڏانهن ڏسڻ بجاءِ اُستادن تي آڱريون کڻڻ شروع ڪندا آهن. ڪين گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن.

هاڻ جڏهن اسڪول، معاشري ۽ اُستاد جو پاڻ ۾ ڪو به ربط يا رابطو نه هوندو ته تعليم ڪٿان بهتر ٿيندي. ڪو ڪرشمو پاڻهي ڄاڻ ته ڪونه ٿيندو نه ؟

اچو ته معاشري جا بهترين فرد ٿيندي سرڪاري استادن سان هم ڪلامي ۾ رهون ۽ اسڪولن جي بهتري لاءِ انهن سان گڏجي ڪري ڪم ڪريون ته جيئن اسان جي سونهاري سنڌ جا ايندڙ نسل اسان توهان کي سُٺن لفظن ۾ ياد ڪن.

ملائي  هٿن  سان، هٿن  کي او ساٿي
تون ٻه قدم مون سان هل ته سهي…!



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو