ڏوراپو
جڏهن هوائون شاهدي ڏين ته تون آهين. جڏهن هي چنڊ ۽ تارا منهنجي هجڻ جو نياپو توکي ڏين. تڏهن پنهنجي دل جي دري مان هڪڙو دفعو ليئو ضرور پائي ڏسجان ته آءُ توکي ڪائنات جي هر هڪ نظاري ۾ نظر ايندس.
منهنجي هجڻ جو احساس تنهنجي اندر ۾ جاڳي پوندو. آءُ توکان پري نه هوندس. بس هڪ دفعو دل سان ساري ته ڏس ۽ پوءِ ڀلي صدين تائين وساري ڇڏجان. آءُ توکي ڪائي ميار ڪونه ڏيندس.
ڪوئي ڏوراپو ڪونه ڏيندس…!
Comments
Post a Comment