بابا سائين - املھ شخصيت

علم، ادب کان وٺي پيغمبري پيشي تائين جو سفر !

ڪجھ ماڻهو پنهنجي شخصيت جي نظر ايندڙ پهلو ۾ فرد واحد جي بجاءِ هڪ مڪمل ادارا ثابت ٿيندا آهن. اِھڙا هزارين انمول ڪردار اسان جي سونهاري سنڌ ۾ موجود آهن. 

جن جي پوري زندگي جي ڪٿا ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيندي آهي. سندن ڪوششون ۽ محنتون قابل تعريف هونديون آهن. سندن فڪري لاڙو انفراديت جي بجاءِ اجتماعي مفادن ڏانهن هوندو آهي.

منهنجو بابا سائين جميل احمد لغاري پڻ انهن ماڻهن منجهان آهي. جن پنهنجي سموري زندگي ٻين جي ڀلي لاءِ وقف ڪئي آهي. سندس ڪيل ڪوششن جو جائزو وٺبو ته هڪ ٿلهو متارو ڪتاب تيار ٿي ويندو.

اِن لاءِ هتي پاڻ مختصرن سندس علمي ۽ ادبي پهلوئن تي نظر وجهنداسين ۽ اُنهن تي ڳالهائينداسين.

بابا سائين جو جنم اڄ کان ٻاونجاھ سال پهريان محمد اسحاق لغاري جي گهر ۾ ٿيو. پنهنجي ڀائرن ۾ ڳڻپ جي حساب سان بابا سائين منهنجي ڏاڏي جو پنجون پٽ آهي. ڏاڏا سائين کي ڪُل ڇھ پٽ آهن. 

جن منجهان الحمدالله چار استاد جهڙي عظيم پيشي سان لاڳاپيل آهن ۽ اُنهن منجهان وري سڀني کان وڏو ايريگيشن کاتي ۾ ڪئنال ۽ سندس آخري پٽ ڊاڪٽر آهي. باقي چار بابا سميت استاد آهن.

بابا کان علاوه منهنجي ڏاڏي حاجي محمد اسحاق لغاري جا باقي جيڪي ٽه پٽ استاد آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ بابا سائين گهڻو متحرڪ ۽ سماجي ڪم ڪارن ۾ اڳڀرو رهندڙ آهي. جواني جي دور ۾ بابا سائين ادب سان ڪافي عرصو سلهاڙيل رهيو. 

منهنجي وڏي ڀاءُ منصور جميل جي نالي سان هڪڙي لائبريري به قائم ڪئي هيائين. جنهن ۾ پوري سنڌ کان علاوه ٻين شهرن جا مشهور ۽ معروف ڪتاب پڻ جمع ڪيائين.

منهنجو ادب طرف اچڻ ۽ ادبي پروگرامن ڏانهن وک وڌائڻ جو مکيه ڪارڻ به اِها ئي منصور لائبريري آهي. جيڪا بابا سائين گهڻو وقت اڳ قائم ڪئي هئي. 

هن منصور لائبريري مان کيس اِها اميد هئي ته هن لائبريري منجھ جمع ڪتاب ايندڙ نسل جي رهنمائي ڪندا ۽ انهن لاءِ علم ۽ ادب جي ميدان ۾ آسانيون پيدا ڪندا.

ائين هر گز به ناهي ته ڪو هن مهل بابا سائين پنهنجي سماجي ڪم ڪارن يا وري ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود وارن حڪمت عملين کان پاسيرو ٿي ويٺو آهي. 

هن وقت به بابا سائين ۾ اُهو ساڳو جذبو ڏسان ٿو جيڪو گهڻو وقت اڳم سندس رت ۾ شامل هو.

تعليم کاتي ۾ پنهنجي نوڪري فرض شناسي سان ڪندي کيس هن مهل ڳپل وقت گذري چڪو آهي ۽ تعليم کاتي ۾ رائج مفروضن ۽ فرصوده حڪمت عملين بابت مختلف تربيتي ورڪشاپن ۽ گڏجاڻين ۾ پڻ مفيد ۽ ڪارائتيون تجويزون پيش ڪندو رهندو آهي.

آغا خان فائونڊيشن طرفان منقعد ڪيل اُستادن جون تربيتي ورڪشاپ هجن يا وري سنڌ حڪومت طرفان استادن جي تربيتي پروگرام هجن مطلب ته بابا سائين تقريبن سڀني ۾ پنهنجو ڪردار سهڻي ۽ سُٺي نموني متحرڪانه انداز ۾ ادا ڪندو رهيو آهي. ڪافي عرصو اُستادن کي پڻ پڙهائڻ جا موثر ۽ ديرپا نتيجا ڏيندڙ گُر پڻ سيکاريندو رهيو آهي.

ليڪن هتي پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته تعليم کاتي کي مٿان کان ئي ڪا ضرب لڳل آهي. جنهن جو ڪو به دوا دارو ۽ تڌارڪ مڪمل طريقي سان نه ٿو ٿي. هَن کاتي ۾ پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائيندڙ استاد تمام ٿورا بلڪ آڱرن تي ڳڻڻ جيترا مس ملن ٿا.

منهنجو ڏاڏو حاجي محمد اسحاق لغاري پڻ پنهنجي دور جو هڪ بهترين استاد رهيو آهي. حالانڪ اُنهي دور جو فائنل پاس آهي. تنهن دور جا فائنل پاس مطلب ٽوٽل ست درجه پڙهي پاس ڪرڻ. انهي جي باوجود به منهنجي ڏاڏي پنهنجي نوڪري ۾ پنهنجو فرض شناس استاد هجڻ جو هڪ الڳ مثال قائم ڪيو آهي. 

جنهن جا ڪافي شاهد سندس اُهي شاگرد آهن. جيڪي هن مهل اعليٰ عهدن تي فائز آهن ۽ سندس بهترين استاد هجڻ جا گُڻ ڳائيندا آهن.

بابا سائين تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حثيت سان ڀرتي ٿيو هو. پنهنجي قابليت ۽ محنت سبب اڄ الحمدالله ويھ گريڊ جو انگريزي استاد آهي. سندس لاڳاپو تعليم کاتي سان ائين آهي جيئن ڪنهن عاشق جو پنهنجي محبوب سان لاڳاپو هوندو آهي. 

تعليم کاتي جي اهميت، افاديت ۽ اڄوڪي معاشرتي صورتحال بابت به ڳڻتي ۾ ورتل هوندو آهي. تعليم جي بهتري لاءِ مناسب تجويزون پڻ ڏيندو رهندو آهي.

بابا سائين جي تعليم کاتي سان منسلڪ ٿيڻ جو اِهو فائدو پيو جو اسان جي ڳوٺ ۾ پنهنجي محنت سان هڪڙو هاءِ اسڪول جوڙايو اٿائين. جيڪو منهنجي ڏاڏي حاجي محمد اسحاق لغاري جي نالي سان منسوب آهي. 

نسل در نسل علم جي هي ميراث نئي نسل لاءِ پڻ لاڀائيتا نتيجا ڏيندي ۽ گهڻن ئي ٻارن جو مستقبل سُڌري پوندو جيڪي يقنن کين تھ دل سان دعائون ڏيندا.

اسان جي ڳوٺ کي ڏاڏي سائين جي نالي سان منظور ڪرائڻ، ڳوٺ جي لاءِ هڪ الڳ وٽنري اسپتال منظور ڪرائڻ، ڳوٺ لاءِ پنهنجي الڳ هڪ ڊسپينسري منظور ڪرائڻ، الڳ سان پوسٽ آفيس منظور ڪرائڻ توڙي ڳوٺ وارن جي سهولت خاطر کين پنهنجو جُدا پولنگ اسٽيشن منظور ڪرائي ڏيڻ ته جيئن اليڪشن جي ڏينهن ۾ هتان جا مرد توڙي عورتون ڏوراهُن علائقن جي تڪليف کان بچي سگهن ۽ پنهنجو قومي ووٽ پنهنجي مرضي سان  شفاف نموني، پنهنجي پسنديده اميدوار کي ڏئي سگهن.

اِن کان علاوه زندگي جي هر هڪ شعبي ۾ پنهنجي مٽن مائٽن توڙي ڪهي آيل فردن کي سُٺيون ۽ ڪار آمد تجويزون ڏيڻ ته جيئن ڪنهن جو ڀلو ٿي سگهي ۽ اُنهن جي صدقي قدرت وارو اسان کي پنهنجي نظر خاص ۾ رکي ۽ اسان تي هميشه مهربان ۽ ٻاجهارو رهي جو نظريو رکڻ.

اِن کان علاوه سندس شخصيت جا ڪافي سارا مثبت پهلو آهن جن تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو.

آءُ نه ٿو سمجهان ته مون بابا سائين جي اڻ ٿڪ محنتن ۽ سندس ٻين لاءِ ڪيل خدمتن جو هتي تذڪرو انصاف جي تقاضائن کي مد نظر رکندي ڪيو هجي. 

ليڪن اُن جي باوجود هڪ ڳالھ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته تاريخ کيس هڪ متحرڪ سماجي ڪارڪن، فرض شناس اُستاد ۽ ڌرتي جو حقيقي پٽ تسليم ڪندي سندس تذڪرو حالاتن جي حساب سان ڇيڙيندو رهندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل بابا سائين کي پنهنجو مُحسن تسليم ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪندي.

دعا آهي ته الله پاڪ کيس خوش ۽ خرم رکي ۽ سندس دل ۾ موجود اجتماعي ڀلائي واري سوچ ۾ کيس اڳڀري کان اڳڀرو ڪري ۽ سندس شفت ڀريو هٿ اسان تي هميشه قائم ۽ دائم رهي.


توهان جو پُٽ
اُستاد ابن اُستاد
يوسف جميل لغاري


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو