وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس

حضرت انسان پاڻ سان گڏ زندگي جا هزارين روپ ۽ رنگ ڍنگ به کڻي هلندو آهي. ڪجھ ماڻهو دردن کان آشنا ٿيندي ئي انهن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀرڻ کان انڪاري ٿي پوندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي قدر ۽ قيمت بنھ ٿوري وڃي بچندي آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ وري شاعر دردن کي دل سان قبولي انهن جي آجيان ڪندا آهن.

دردن کي پنهنجو ساٿي سمجهي ڪري انهن سان ناتو جوڙي وٺندا آهن. هر هڪ تخلقڪار وٽ دردن جي هڪ وڏي کاڻ سندس من اندر موجود هوندو آهي. دردن کي پنهنجي ميراث سمجهندي انهن کي ڪنهن ٻي در ڦٽو نه ڪندو آهي. عام رواجي ماڻهو دردن کان پري ڀڄڻ جي ڪندا آهن ۽ هن ڪيفيت کي ازيت پسند سمجهندا آهن.

پيڙاھ واري ڪيفيت سان هم ڪلام ٿيڻ کان پوءِ انهي ساڳي پيڙاھ کي لفظن جو هڪ نئو روپ ڏئي ڪري دنيا آڏو پيش ڪندا آهن ته جئين ٻيا انهن مان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ زندگي جي اڍنگي رويي تي ناراض نه ٿين ڇو ته ڏک، سک، نراسائي توڙي مايوسي هر جڳھ تي ساڳي روپ ۽ انداز ۾ موجود هوندا آهن. انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ مطلب پنهنجي پاڻ کان پنهنجو پاڻ کي پري ڪرڻ برابر آهي.

غلام حيدر گهايل لغاري ۽ زين کوسو طرفان مرتب ڪيل شاعري جو مجموعو وڻ وڻ منهنجان واس گذريل سال جي آخري مهيني ۾ ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ اُهي صنوبر جا وڻ شامل آهن جن جي تخيل جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو آهي. پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي. هن وقت پوري سنڌ اندر گڏيل شاعرن جا مجموعا ڇپجي ڪري سامهون اچن پيا جيڪو پڻ سٺو ۽ ڪارائتو عمل آهي.

ڇو ته پڙهندڙن کي هڪ ئي وقت ڪافي شاعرن جي شاعري پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ۽ سندس مطالعي جو هر پاسو پورو ٿي ٿو. پڙهندڙ جنهن مزاج ۽ ماحول جي شاعري پڙهڻ گهرندو آهي کيس انهي مزاج توڙي ماحول تي ڪو نه ڪو شعر ڪنهن نه ڪنهن شاعر جو لکيل ملي پوي ٿو ۽ سندس مطالعي جي اُڃ جهڪي ٿئي ٿي. 

اسان جي هنن ٻنهي دوستن پنهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان هن ڪتاب کي سهيڙي ڪري جهڙي نموني سنڌي ادب ۾ هڪ نئي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي انهي حساب سان سندن ڪوششن کي هزارين دفعا داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هي مجموعو مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گهايل لغاري جي شاعري تي مشتمل آهي. هي پنج شاعر هن ڪتاب کي پنجن گُلن جيان سينگاريو ۽ سنواريو ويٺا آهن.

ڪتاب جي مرتب ڪندڙ ٻنهي مانوران تخليقڪارن پنهنجي حصي جي شرڪت کي ڪتاب ۾ آخر تي رکيو آهي. هنن ٻنهي موتي مالها گڏ ڪندڙ خوبصورت انسانن جي اِها بهترين وصف ڏسڻ لاءِ ملي ٿي ته هنن ٻين شاعرن کي ڪتاب ۾ پهريان جڳھ ڏني آهي ۽ پاڻ ٻئي ڄڻا پنهنجي تخليق سان گڏ ڪتاب جي آخري صفحن تي نظر اچن ٿا. هن عمل مان سندن بردباري ۽ فراخ دلي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

شاعر هر اصول ۽ ضابطي کي پري رکي ڪري هن ڪائنات کي پنهنجي اک جي ڪئميرا سان جداگانه طريقي سان ڏسندو آهي. هر شاعر جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سندس تخليق ٻين جي درد جي دوا ٿي پوي، ڪنهن لاءِ ڪو سڻائو ۽ سستو علاج ٿي پوي. ڪنهن مظلوم لاءِ ڀرجلو ثابت ٿي. هن ڪتاب منجھ سڪندر اداس لنڊ جا هي لفظ اِن ڪيفيت جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪن ٿا:

شاعري    اناج   ٿي   پوي
هي سکيو سماج ٿي پوي

شاعر پرواز ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. هو سماج جا طبيب ۽ مستقبل جا معمار هوندا آهن. هنن جي خيالي اڏام کي ڪو پکي يا مصنوعي سائنسي ايجاد به مات نه ٿو ڏئي سگهي. ساڳي جاءِ تي وري ڪي شاعر پنهنجي دردن، پنهنجي ماروئن جي لاچاري ۽ بي وسي کي خدا جي در اڳيان ڪجھ هِن ريت پيش ڪندا آهن جهڙي ريت مير محرم لغاري پنهنجي شعر جي هڪ بند ۾ لکيو آهي:

تنهنجا مظلوم پِيڙجي ويندا
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين

اِهڙي ئي نموني وري ڪجھ شاعر پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري واري حالتن سان پاڻ جهڙيندا آهن. ڪنهن کي به ڪا ميار، ڪو ڏوراپو ڪونه ڏيندا آهن. ڀلي سندن اندر رتوڇاڻ لڳو پيو هجي. اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙهن پر ان جي باوجود هُو سڀني کي پنهنجي سورن کان آجو سمجهندا آهن. هو سمجهندا آهن ته درد به اسان جا ته انهن سان منهن منها به اسان کي اڪيلي سر ئي ڪرڻو آهي. زين کوسو جون هي سٽون اِن ڳالھ جو پڪو ثبوت آهن.

دل جو هلَڪو بار، ڪرڻ لئہ،
زين،   ٻه  ڳوڙها   هاري  ڇڏ

هَن بي حس سماج جو هر هڪ فرد مفادن جي نه کٽڻ واري ڄار ۾ جڪڙيو پيو آهي. جنهن جي ڪري انفراديت واري خول مان نڪري اجتماعيت واري خول ۾ اچڻ کان قاصر آهي. حساس مزاج رکندڙ ماڻهو به اڪثر اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ انهي اڪيلائي منجھ پوءِ وري ڪنهن اڻ ڏٺئي قوت کي ٿوري ٿڪي ميار به ڏئي وٺندا آهن. جئين خادم حسين جسڪاڻي پنهنجي شعر جي هن بند ۾ انهن ڪٺور انسانن کي ميار ڏي ٿو:

زماني جي هر هڪ ڪهاڻي ڏٺئي،
اسان جي نه اکين جو پاڻي ڏٺئي!

انسان سان گڏ ئي درد جو جنم ٿيو هو. درد نه هجي ها ته زندگي بي معنيٰ ۽ ٻُسي لڳي ها. انهي درد ئي زندگي کي اهميت بخشي آهي کيس جلا بخشي آهي. درد جو ناتو انسان سان ازلي آهي. هاڻ اِهو اسان تي دارو مدار رکي ٿو ته اسان دردن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ٿا. ان کي ڪهڙي شڪل ۽ صورت ۾ قبول ڪريون ٿا. کيس پنهنجي دل جي آڳر تي ڀليڪار چئون ٿا يا کيس پنهنجو دشمن سمجهي پنهنجي در تان ڌڪاريون ٿا.

حساس دل رکندڙ ماڻهون دردن کي خوش دلي سان قبول ڪنديون آهن ۽ انهي مان لطف اندوز ٿيندي انهي مان تجربو حاصل ڪن ٿا. ڪجھ شاعر، ليکڪ ۽ دانشور درد واري ڪيفيت ۾ به اميد جو نئو ڪرڻو تلاش ڪندا آهن جئين غلام حيدر گهايل لغاري پنهنجي شعر جي هن بند ۾ درد ۾ اُتساھ جو هڪ پهلو اجاگر ڪري ٿو:

درياھ  درد  جو هي  سيلاب  آڻيندو،
هِن ساھ کي ٻڏڻ جا امڪان ڪيترا!

هن ڪتاب منجھ هر هڪ شاعر پنهنجي شاعري کي سماج سان ڳنڍي اهو ثبوت ڏنو آهي ته واقعيٰ شاعر سماج جا سوشل سائنٽيسٽ هوندا آهن. سماج کان الڳ ٿي ڪري نه ئي تخليق جي ڪا اهميت رهندي آهي ۽ نه ئي وري تخليقڪار جي ڪا اهميت رهندي آهي. تاريخ انهن ئي فردن کي ياد ڪندي آهي جن جا سڀ سک ۽ آرائشون پنهنجي ئي وطن، ماڻهن ۽ انهي سان لاڳاپيل هر هڪ پهلو سان وابسطه هونديون آهن.

گڏيل شاعري جو هي مجموعو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپيو ويو آهي ۽ قيمت ٻه سئو چاليھ روپيا رکي وئي آهي. هي ڪتاب ڪاڇي جي ادبي ذوق رکندڙ سڀني فردن سميت پوري سنڌ جي شاعرن کي اِھڙي ته واس ڏيندو جو هن جي پڙهڻ کان پوءِ نئي ٽهي مان ڪافي شاعر پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي تخليق سان مرجهايل وجودن کي تازگي بخشيندا.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

سرڪاري نوڪري جي اهميت هاڻ گهٽجي رهي آهي