نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي



ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسين ڪنهن نوڪري جي حاصلات لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ ويندا آهيون ته اڪثر ڪري اسين ڪنهن قدر گهٻرائجي ويندا آهيون!

بس هڪڙي ئي ڳڻتي هوندي آهي ته سوال اَلائي ڪهڙي نوعيت جا هوندا؟

سوال اَلائي ڪٿان ۽ ڪهڙا ايندا؟

انهي مونجهاري واري حالت ۾ اسان جو ذهن منتشر ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اسين اڻ ڄاتل توڙي اڻ ڏٺل خوف ۾ مبتلا ٿي ڪري سڄي ساري ٽيسٽ جو خانو خراب ڪري ايندا آهيون!

سڀ ڪجھ پڙهيل هجڻ جي باوجود به امتحان حال ۾ اسان جي کوپڙي خالي ٿي ويندي آهي ۽ اسان ٽيسٽ غلط ڪري ايندا آهيون جنهن سبب بي روزگاري اسان جو مقدر بڻجي ويندي آهي!

اچو ته اِهو سکون ته نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي ۽ ڪهڙن اصولن تي پيرا عمل ٿي ڪري پاڻ هر قسم جي ٽيسٽ کي پاس ڪري سگهون ٿا!

• سڀ کان پهريان ته توهان ائين ڪندا ڪريو ته ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن ڪوئي تفصيلي مضمون انگريزي ۾ ڏنل آهي ته اُنهي مضمون کي پڙهڻ يا اُنهي جا جواب تلاش ڪرڻ بجاءِ اُنهي کي فلحال ڇڏي ڏيو!

ڇو ته ٿيندو ائين آهي جو ڪافي اميدوار انهي مضمون کي پڙهڻ، سمجهڻ توڙي انهي مان جواب تلاش ڪرڻ جي چڪر ۾ سوالنامي ۾ مليل باقي سوالن جي جواب ڳولڻ ۾ ناڪامياب ويندا آهن! 

ڇو ته اُنهي مضمون جي نوعيت ئي ڪجھ اهڙي هوندي آهي جنهن سان وقت جو ڳپل حصو اتي ئي کپي وڃي ٿو!

• پيراگراف کي ڇڏڻ کان پوءِ پوري پيپر کي ٽن (Rounds) ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو!

• پهرين رائونڊ ۾ اُنهن سوالن جا جواب ٽَڪ ڪريو جن جي جوابن تي توهان کي مڪمل طرح سان اعتماد هجي ۽ اُهي توهان جا باقاعده سان پڙهيل هجن!

اڃا به ائين کڻي چئجي ته جن تي توهان قسم کڻي سگهو ته هن فلاڻي سوال جو هي فلاڻو جواب آهي.

• ائين ئي وري سيڪنڊ رائونڊ ۾ اُنهن سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪريو جن سوالن جي جوابن تي توهان کي ٿورو ٿڪو مونجهارو آهي. مطلب ته جن جي جوابن تي توهان ڪو حتمي فيصلو نه ٿا جوڙي سگهو!

اِهڙن سوالن جي جوابن تي ٿورو غور فڪر ڪري، گهڻو وقت وڃائڻ جي بجاءِ، سگهو ئي اُنهن جا گهربل جواب ڏئي اڳتي وڌڻ شروع ڪريو!

• آخري رائونڊ ۾ اُنهن سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪريو جن جي جوابن جي توهان کي قطعي به ڪا معلومات ڪونه آهي يا توهان جي علم ۾ ڪونه آهن!

هڪ اهم ڳالھ اِها به ياد رکو ته توهان کي هنن ٽنهي رائونڊن ۾ مليل سوال نامي جي صفحن کي شروع کان آخر تائين اُٿلائڻو ڀٿلائڻو آهي!

انهن مرحلن کان واندو ٿي ڪري پوءِ پيراگراف کي پڙهو ۽ اُن جا جواب ڏيڻ شروع ڪريو. هن طريقي سان توهان جو کوڙ سارو ٽائيم بچي پوندو ۽ توهان ذهني طور به ڪنهن مونجهاري جو شڪار ڪونه ٿيندا.

پهرين رائونڊ ۾ انهن سوالن جا جواب جن تي مڪمل اعتماد آهي! (سوال نمبر پهرين کان آخري سوال تائين).

ٻي رائونڊ ۾ اُهي سوال، جن جي جوابن ۾ مونجهارو آهي! (سوال نمبر پهرين کان آخري سوال تائين).

آخري رائونڊ ۾ اُهي سوال، جن جي جوابن جي اصلي خبر ئي ڪونه آهي! (سوال نمبر پهرين کان آخري سوال تائين).

هن طريقي سان توهان ڪا هڪ ٽيسٽ ڏئي ڏسو، آئون اِنهي ڳالھ جي دعواه ٿو ڪريان ته توهان جي ڪاميابي يقيني آهي!

هي تجويزون صرف خالي کوکليون تجويزون ڪونه آهن بلڪ منهنجي پنهنجي طرفان ذاتي بنيادن تي آزمايل آهن!


Comments

  1. Way cool! Some very valid points! I appreciate you writing this write-up and also the rest of the site is very good. Thanks sharing for this awesome site.

    CINEMA 4D CRACK

    ReplyDelete
  2. First time in my life, I am visit the very awesome site. Your site is full of interesting information. Your site change my day. Keep it up!
    fontlab studio crack

    ReplyDelete
  3. Some really fantastic posts on this internet site, appreciate it for contribution.I am glad that I found this website.
    CCleaner Crack
    KeyShot Pro Crack
    VueScan Crack
    Avast Antivirus Crack
    Smadav Pro Crack
    Minecraft Crack
    ESET Internet Security Crack

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو