اداس اکڙيون

وڇوڙي جا وهشتناڪ حملا ۽ من اندر لڳل برھ جي باھ هڪ پل بہ سانت سان ويهڻ نٿي ڏي، پر ان جي باوجود بہ آءُ هماليا جيڏا هونسلا رکي تون سان پنهنجي نينھ کي نڀائيندي پئي اچان، تون سمجهي سگهي ٿو تہ هي پورو سماج مرداڻو سماج آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ عورت ذات کي ڪڇڻ ۽ لڇڻ جي ايتري آزادي هر گز ناهي جو اُها عورت پنهنجي پيار جي تڪميل يا حاصلات لاءَ پاڻ پتوڙي سگهي
هي سارو سماج عورت دشمني جي روايت کي بخوبي وڏي ايمانداري سان نڀائيندو ٿو اچي، ڪجھ ڏينهن ٿيا آهن جو مون ادب پڙهڻ شروع ڪيو آهي، تون مون کي عالمي ادب جا جيڪي ڪجھ ڪتاب ڏئي ويو آهي آءُ انهن منجهان ڪجھ ڪتاب پڙهي چڪي آهيان ۽ ڪجھ ڪتابن جو مطالعو اڃا جاري آهي، آءُ جڏهن ڪتابن کي هٿن ۾ کڻندي آهيان تہ ائين محسوس ڪندي آهيان ڄڻڪ سڀ ڪتاب عورت جي بي وسي ۽ لاچاري جي داستانن سان ڀريل هجن

ڪي پل تہ ائين ڀائيندي آهيان ڄڻڪ سڀئي ڪتاب منهنجا سور بيان ڪندڙ آهن، سڀني ڪهاڻين جا ڪردار منهنجي دردن جا حوالا هجن، الاءَ ڇو ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اهو يقين ٿي ويو اٿم تہ ڪائنات جي ڪمزور کان ڪمزور تر وجود عورت ذات ئي آهي، حالانڪ عورت جي مطعلق تنهنجو نقطہ نظر ٻيو آهي ۽ تون هميشه اهو ئي چوندو رهندو آهين تہ ” هن ڪائنات ۾ قدرت واري جي خوبصورت کان خوبصورت تخليق عورت ذات ئي آهي“، اگر ائين آهي تہ پوءَ تنهنجي ۽ منهنجي نقطہ نظر ۾ ايڏو فرق ڇو آهي…؟

يوسف جميل لغاري



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو