جناب ايڊيٽر صاحب



حق موجود،
جئي لطيف،
جئي لطيف جي نگري

جئين تہ مون کي اڄ اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو هڪ نادر موقعو هٿ آيو آهي جنهن جو مکيہ سبب آهي اوهان سان هڪ ويچار ونڊڻ آهي

قابل احترام سائين

ڪجھ ڏينهن کان وٺي ڪري آءُ هڪ عمل کي ڏسي رهيو آهيان جيڪو بار بار ورجائجي رهيو آهي، عمل اِهو آهي تہ اسان جا ڪجھ دوست جيڪي ڪالم لکڻ واري ڪِرت سان وابسطہ آهن، انهن دوستن مان ڪجھ دوستن جا ڪالم هڪ ئي عنوان سان مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي رهيا آهن، جيڪا ڳالھ قابل فخر هجڻ بجاءَ قابل فڪر آهي

ٿي سگهي ٿو متان اوهان منهنجي راءَ سان اتفاق نہ ڪيو پر ان جي باوجود آءُ اوهان کي هتي هڪ ڳالھ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس تہ ان عمل سان اوهان جي اخبار جي بہ ساک متاثر ٿي رهي آهي، ساک ڪئين ٿي متاثر ٿي اچو تہ اوهان کي ان ڳالھ جي وضاحت ڪري تفصيل سان ٻڌايان

سائين منهنجا

اگر ڪو مطالعي جو شوقين فرد هر روز ڪالمن کي وڏي شوق سان پڙهندڙ شهر مان 50 روپيہ خرچ ڪري پنج مختلف اخبارون وٺي ٿو فرض ڪريو انهن اخبارن ۾ اوهان واري اخبار بہ شامل آهي، ڇو تہ اڄڪلھ هر هڪ اخبار جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 10 روپيہ ضرور آهي، انهن پنجن اخبارن جي خريد ڪرڻ پٺيان سندس اِها سوچ ڪار فرما آهي تہ کيس پنجن اخبارن ۾ کوڙ سارا مختلف عنوانن تي لکيل ڪالم پڙهڻ لاءَ ملندا، پر جڏهن اُهو دوست انهن اخبارن جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪري ٿو تہ کيس هڪ ئي عنوان سان ڪجھ ڪالم جئين جو تئين سڀني اخبارن ۾ شايع ٿيل نظر اچن ٿا

هاڻ ان دوست جي خواهش جو پورائو پنجاھ روپيہ خرچ ڪرڻ جي باوجود بہ نٿو ٿي، لحاظہ آئينده لاءَ اهو دوست انهن اخبارن جي خريد ڪرڻ کان گُريز ڪندو جيڪي ساڳيا ڪالم ڇاپين ٿا، جيڪي هڪ ئي وقت ٻين اخبارن ۾ شامل هجن، ان لاءَ هاڻ اوهان کي ڪرڻو اِهو آهي تہ اوهان کي پنهنجي اخبار منجھ ڪالم لکندڙ ڪالم نگارن کي ان ڳالھ جو پابند بڻائڻو پوندو تہ جيڪڏهن انهن هڪ ئي وقت اُهو ڪالم اوهان ڏي اماڻيو جيڪو ڪنهن ٻي اخبار ڏي بہ موڪليو آهي تہ اهڙي ڳالھ جي ثابت ٿيڻ شرط کيس بليڪ لسٽ ڪيو ويندو ۽ آئينده لاءَ سندس ڪالم پبلش نہ ڪيا ويندا

ان ريت اوهان جي اخبار ۾ شايع ٿيل ڪالمن ۾ هڪ نواڻ اچڻ شروع ٿيندي اخبار وٺڻ واري کي بہ فائدو رسندو جنهن سان اوهان جي اخبار جي خريداري ۾ بہ
اضافو ٿيندو ۽ اوهان جي اخبار جي مفرد هجڻ جو بہ معيار قائم ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ اوهان جي اخبار جي مطالعي ڪرڻ وارن جو انگ هر ڏينهن وڌڻ شروع ٿيندا

وڌيڪ لاءَ راض جا راڻا آهيو سائين

اوهان جو خير مقدم
يوسف جميل لغاري
ٺري ميرواھ




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو