تعليم جو ڏينهن



ڏينهن ملهائڻ واري روايت ڪا نئي ڪانهي جو ان تي حيران ٿجي يا وري خوش ٿجي، اسان وٽ عمومن اُهي ڏينهن ملهايا ويندا آهن جيڪي اسان کي روايتي طور مغرب طرفان خيراتي طور ملهائڻ لاءِ ملندا آهن، اَٺَ جنوري کي تعليم جو ڏينهن ملهائڻ کان پهريان اچو تہ پاڻ وٽ اڳ ۾ ئي ملهائجندڙ ڪجھ ڏينهن جو مشاهدو ڪريون جن جو سنئون سڌو واسطو تعليم جي ڏينهن جي ملهائجڻ سان آهي

پوري سال ۾ تہ الاءِ ڪيترا ڏينهن الاءِ ڪيترن ئي عنوانن سان ملهايا ٿا وڃن، پر پاڻ مختصرن ڪجھ مخصوص ۽ اهم ڏينهن تي ڳالهائينداسين

اٺ مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن
ٻاره آگسٽ نوجوانن جو عالمي ڏينهن
ٽہ ڊسمبر معذورن جو عالمي ڏينهن

عورتن جو عالمي ڏينهن
ننڍي هوندي کان ئي اسڪولن ۾ هڪ حديث پڙهڻ وٽان ملندي هئي تہ” علم حاصل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ حديث جي لفظن تي غور ڪندي اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ علم حاصل ڪرڻ جي ڪا بہ مخصوص عمر مقرر ٿيل نہ آهي، اگر جي وقت طئہ ٿيل هجي ها تہ پوءِ حديث ۾ لفظ مرد جي جاءِ تي ڇوڪرو ۽ لفظ عورت جي جاءِ تي ڇوڪري استعمال ٿي ها، جنهن مان عمر جو تعين سولائي سان ڪري سگهجي ها، ڇو تہ ڇوڪر يا ڇوڪري جي عمر عمومن پنجويھ سال تائين ليکي/سمجهي وڃي ٿي، غير شادي شده مرد کي ”ڇوڪرو“ ۽ غير شادي شده عورت کي ”ڇوڪري“ سڏيو ويندو آهي، شادي کان پوءِ ڇوڪرو، ”مرد“ واري فهرست ۾ اچي ويندو آهي ۽ شادي کان پوءِ ڇوڪري، ”عورت“ واري فهرست ۾ شمار ڪئي ويندي آهي، هاڻ هتي پاڻ کي ويچارڻو اِهو آهي تہ عورت لاءِ اسان جو هي جوڙيل سماج تعليم جا ڪيترا راه هموار ڪري ٿي، ڇا عورت پنهنجي مڪمل آزادي سان اعلي تعليم حاصل ڪري سگهي ٿي، نہ بلڪل بہ نہ، سندس تعليم جي مُدت/پيرڊ کي سندس والدين ڪڏهن بہ ڪنهن بہ ڏاڪي تي بنا جواز توڙي اعلي جواز شادي ٿيڻ يا شادي ڪرائڻ جي ڪري ختم ڪري سگهن ٿا ۽ ائين اڪثر ڪيو وڃي ٿو، اِها هڪڙي اڻ ٽر حقيقت آهي جنهن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي

ڇا اسان وٽ ڪا بالغ ڇوڪري تعليم پرائڻ لاءِ گهر کان وٺي ڪري پنهنجي اسڪول/ ڪاليج تائين اڪيلي سر وڃي سگهي ٿي، کيس اِها اجازت ميسر آهي؟
اڪثريت نہ، ڇو تہ اسان جو فرصوده تعليمي مواد يعني نصاب اسان وٽ هڪ صحت مند معاشري جي اڏڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، اگر هتان جي تعليم هتان جي هر فرد جي ذهني توڙي شخصي تربيت سٺي ۽ پاڪيزه ڪري ها تہ يقينن منهنجي مٿين سوال جو جواب ها ۾ اچي ها

ڇا عورت کي ملازمت توڙي ملڪي جوڙجڪ يا عُهدي سازي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ هڪ جيترا موقعا ميسر ٿين ٿا

سوال جي لفظن تي غور ڪجو، پوءِ جواب کي پڙهڻ جي ڪجو، يقينن هتي بہ جواب نفي ۾ هوندو، اوهان مون کي ڪنهن هڪ اهڙي اداري جو نالو ٻڌايو جنهن ۾ عورت ملازمن جو تعداد مرد ملازمن جيترو هجي، پوءِ ڀلي اهو ادارو سرڪاري يا نيم سرڪاري ڇو نہ هجي، يعني جنهن ۾ مرد توڙي عورت ملازمن جا هڪ جيترا انگ انکر هجن، ڪو بہ ادارو اهڙو نہ ٿو ملي، هر هنڌ عورت منارٽي ونگ وانگر نظر ٿي اچي ۽ اُن جي اِن منارٽي ونگ هجڻ جي ڪري کيس انيڪ قسمن جون ذهني توڙي جسماني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، مٿان وري بليڪ مئلنگ جهڙا ڏچا، جنسي هيراسمينٽ وغيره جهڙا عنصر، مطلب تہ هڪ عورت لاءِ هڪ کان هڪ ڏچو، هر روز هر گهڙي، هر پل هن معاشري ۾ پلجي ٿو جنهن جي ڪري عمومن عورتون گهريلو عورت بڻجي ڪري پنهنجي زندگي بسر ڪن ٿيون ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ور جي پناه ۾ محفوظ سمجهن ٿيون

ٻيو مکيہ ڏينهن
نوجوانن جو عالمي ڏينهن
چوندا آهن تہ نوجوان قوم جا آئنده هوندا آهن، جن ملڪن ۾ نوجوانن جي آبادي پوڙهن فردن ۽ ٻارن جي شرع کان وڌيڪ هجي ٿي يقينن اُهي ملڪ ترقي ڪرڻ جون اڻ کٽ راهون تلاش ڪري وٺن ٿا، تحقيق مطابق پاڪستان جي ٽوٽل آبادي جو سٺ سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، مطلب تہ پاڪستان جي قسمت ڀلي آهي پر هتان جي نوجوانن جي قسمت ۾ مڙئي ڪجھ ڳڙ ٻڙ آهي، هر اعلي عهدي تي ڪُراڙا ۽ ڊيٺ فرد چبڙيا ويٺا آهن، اُتان چرڻ پرڻ جي ئي نہ ٿا ڪن جيستائين اتفاقن کين موت اچي ابدي ننڊ نہ سمهاري، پاڪستان جا سڀ سياستدان ڪُراڙا، گنجا، متارا ۽ شگر جا مريض پر پوءِ بہ مجال اٿن جو نوجوانن کي ڪو موقعو ڏين، اڳتي اچڻ جو، پاڻ مڃاڻ جو، پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو، مطلب هر پاسي نوجوانن لاءِ صرف مايوسي ۽ رنجھ ئي مقدر بڻيل آهي، اوهان جنهن ڏينهن کي تعليم جو ڏينهن ڪري ملهائي رهيا آهيون، ڀلا ان تعليم نوجوانن لاءِ ڪهڙا راھ هموار ڪيا آهن، ڇا اُن تعليم نوجوان کي اِهو سبق ڏنو آهي تہ هُو پنهنجي قوم جي بهبود ۽ فلاح لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري، ڇا اِن تعليم نوجوان کي اُها قابليت بخشي آهي جو اُهو نوجوان ظالم ۽ جابر حڪمرانن اڳيان سچ جا ڪي ٻول ٻولي سگهي، ڇا اِن تعليم اُن نوجوان کي سيکاريو آهي تہ پڙهبو ڪئين آهي، شين کي سمجهبو ڪئين آهي، شين کي بيان ڪبو ڪئين آهي، نہ ڪڏهن بہ نہ، جنهن تعليم جو اوهان ڏينهن ملهائي رهيا آهيون اُها آهي ڪٿي، ڪاپي ڪندڙ شاگردن جي گائيڊن ۾، مارڪن ڏيندڙ بورڊ آفيسن ۾، يا وري نام نهاد اُستادن جي کيسي ۾ جيڪي چند ٽڪن جي عيوض اڄ جي نوجوانن کي ڪوڙيون ڊگريون ڪرائي ٿي ۽ کيس هميشه لاءِ ناڪاره کان ناڪاره تر بڻائي ڇڏي ٿي

ٽيون اهم ڏينهن
معذورن جو عالمي ڏينهن
پنهنجي اک تان اگر مطلب پرستي ۽ خود طلبي واري عينک لاهي ڪري هن معاشري جو مشاهدو ڪبو تہ اسان کي هر شهر، ڳوٺ، چوڪ ۽ روڊ رستن تي معذور فرد خيرات وٺندي نظر ايندا، ڇو آخر ائين ڇو آهي، معذور فردن جو ڏوھ ڪهڙو آهي جو انهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، آخرڪار هتان جو ماحول کين قبول ڇو نہ ٿو ڪري، اگر اتفاقن ڪنهن نياڻي ۾ پيدائشي طور ڪا معذوري هجي ٿي تہ هن معاشري جا مهذب فرد کيس قبول ڪرڻ کان انڪاري ٿي وڃن ٿا، عمر ڀر سندس شادي نہ ٿي ٿئي، ساڻس ڪو لانئو لهڻ وارو گهوٽ نہ ٿو ملي، اگر جي ملي ٿو تہ وري بہ ڪو معذور يا جڏو فرد مطلب تہ ٻئي پوري عمر لاءِ هڪ ٻي جا محتاج، ڪو صحت مند فرد کيس سهارو ڇو نہ ٿو ڏي، ڪهڙو تعليمي ادارو آهي جتان هر سال ڪو معذور فرد پوزيشن کڻي پاڻ مڃائيندو هجي، اُهو ڪهڙو تعليمي ادارو آهي جيڪو معذور فردن لاءِ مناسب تربيتي توڙي مهارتي حاصلات مهيا ڪندو هجي، ڪوئي ڪونهي، ڪٿي ڪونهي، هن معاشري ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪو طبقو احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندو آهي اهو طبقو آهي معذور طبقو، جنهن لا۽ تقريبن هر هنڌ سڀ رستا بند ٿيل آهن، تعليم جي آخري ڏاڪي تائين ڪيترن ڪتابن ۾ معذورن سان سٺي ورتاءُ توڙي انهن سان همدردي جا درس ڏنل آهن ٻڌايو، ان تعليم جي ڪتابن ۾ ڪيترا صفحا معذورن جي بنيادي حقن توڙي کين انسان سمجهڻ ۽ قبولڻ بابت لکيل آهين، پوري جو پورو نصاب انهي معاملي تي خاموش ۽ گونگو بڻيو ويٺو آهي

جيڪا تعليم نہ عورت کي تحفظ فراهم ڪري سگهي توڙي نہ ئي کيس اخلاقي آزادي ڏئي سگهي، ان جو ڏينهن ڪئين ملهايو، جيڪا تعليم نوجوانن لاءِ آئيندي جي اميد بڻجڻ بجاءِ کيس مستقل طور تي مزدور بڻائي، جيڪا تعليم معذور فردن کي پنڻ تي مجبور ڪري کين هر پل احساس ڪمتري جي ڪني کوه ۾ اڇلي ڦٽو ڪري، ان تعليم جو ڏينهن ڪهڙي حساب سان ملهايون، ڪهڙي ريت پنهنجو نڪ پڪو ڪري اسان ان تعليم جي هجڻ جي واکاڻ ڪريون، ڪهڙي نموني بي ضمير ٿي ڪري ان جا گيت ڳايون


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو