پيپر جي تياري ڪئين ڪجي





پرائمري سطح کان وٺي، يونيورسٽي سطح تائين گهڻا شاگرد اھڙا ھوندا آھن، جيڪي امتحاني هال ۾ مليل سوالنامي کي پڙھي، ھڪ عجيب قسم جي مونجھاري جو شڪار ٿي ويندا آھن. انھن لا۽ مسئلو اھو ناھي ھوندو ته کين لاڳاپيل سوالن جا جواب نٿا اچن، کين جوابن جي ته چڱي خاصي سُڌ ھوندي آھي، پر ساڻن ھتي مسئلو اھو ھوندو آھي ته کين لاڳاپيل سوال سمجھ ۾ ڪونه اچي سگھندا آھن ۽ ٿيندو وري ائين آھي ته سڀ ڪجھ ايندي به ڪي شاگرد صحيح جواب ڪونه لکي سگھندا آھن، جنھن ڪري سندن نتيجا مطمئن ڪندڙ ڪونه اچي سگھندا آھن. محنت توڙي سچيءَ دل سان پڙھڻ کان پوءِ به کين پنھنجي دوستن توڙي مٽن مائٽن اڳيان شرمندو ٿيڻو پوندو آھي ۽ کين پنھنجي محنت تان اعتبار گھٽ ٿيڻ لڳندو آھي. ھتي ڪجھ مھارتي طور طريقا اوھان جي نظر ڪجن ٿا، جن کي ذھن نشين ڪري، اوھان ڪنھن به امتحان ۾ يقيني مارڪون توڙي گريڊ حاصل ڪري سگھو ٿا

ڪلاسز جي شروعاتي ڏينھن کان وٺي، ائين کڻي سمجھجي ته پيپرن جي تياري شروع ٿيندي آھي، جڏهن ته پيپر وغيرہ ڪورس جي پُڄاڻيءَ تي ورتا ويندا آھن، پر شاگردن کي ان ڳالھ تي ڌيان ڏيڻو آھي ته استاد صاحبان ڪھڙي عنوان يا مضمون تي گھڻو ڌيان ڏي ٿو، ڇو تہ ڪورس ۾ موجودہ سڀ عنوان يا مضمون امتحان جو حصو ڪونه ھوندا آھن، ڪي عنوان صرف پڙھيا ويندا آھن ۽ وري انھن منجھان لاڳاپيل ڪي خاص مضمون امتحاني عمل جو حصو ٿيندا آھن. شاگرد کي پنھنجي ذھني معيار مطابق انھن اھم ۽ خاص مضمونن جو تعين ڪرڻو پوندو، جي سمجھ ۾ نه اچن ته ڪلاس مان دوستن کان مدد وٺي سگھجي ٿي يا وري لاڳاپيل مضمون جي استاد کان اھو پڇي سگھجي ٿو ته ڪھڙا موضوع اھم آھن، جن منجھان امتحان جي تياري ڪئي وڃي

پيپرن جي ويجھي اچڻ وقت عنوانن جي ھڪ فھرست ٺاھي وڃي، ھر ھڪ عنوان کي سمجھڻ لاءِ ان کي مناسب وقت ڏنو وڃي، ھڪ ئي وقت مختلف سبجيڪٽن کي پڙھڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو. ھڪ ئي وقت ڪنھن ھڪ مضمون کي وقت ڏيڻ سان اھو فائدو ٿيندو ته اوھان ان تي عبور حاصل ڪري سگھندا، هڪ ئي وقت ٻن يا ٻن کان وڌيڪ سبجيڪٽن کي پڙھڻ سان اھي ذھن ۾ وڌيڪ مونجھارا پيدا ڪري سگھن ٿا ۽ اوھان پريشاني جو شڪار ٿي سگھو ٿا

ڪوشش ڪندا ڪريو ته پڙھائي دوران اوھان ٻين ڪمن ڪارن کان پاڻ کي آجو رکي رڳو پڙھائيءَ تي ڌيان ڏيو، پنھنجي ذھن کي ھِتان ھُتان جي اجاين فڪرن توڙي خيالن کان آزاد رکي، پنھنجو مرڪز صرف ۽ صرف ان لاڳاپيل مواد کي بڻايو. جيڪڏھن اوھان جو ذھن ھڪ جڳھ گڏيل طور نٿو بيھي ته اوھان کي کپي ته چاھيندي يا نه چاھيندي به ڪي صفحا مسلسل پڙھندا رھو. ائين ڪرڻ سان اوھان جي ذھانت جي مشق ٿيندي ۽ اوھان جو مرڪزِ خيال ھڪ جڳھ تي مرڪوز ٿيڻ جو عادي بڻجي پوندو

ھيءَ سڄي ڪارگذاري، اسان جي دماغ سان واسطو رکي ٿي، اڪثر ٿيندو ائين آھي ته ڪي شاگرد پيپرن جي ويجھو ايندي ئي، ھڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن، جھڙوڪ فيل ٿيڻ جو فڪر، جوابن لکڻ جو فڪر، سٺيون مارڪون نه اچڻ جو فڪر وغيرہ وغيرہ اھو خوف کين اندر ئي اندر ۾ کوکلو پيو بڻائيندو آھي. ان خوف جي ڪارڻ سندن دماغ سڪون واري حالت ۾ ناھي رھندو. ھاڻ ڏسو نه جڏھن ھڪ دماغ سڪون، تازگي يا وري ڪجھ حاصل ڪرڻ جي قابل ئي نه ھجي ته پوءِ ان ۾ ڪنھن به شئي کي ڪئين ٿو محفوظ بڻائي سگھجي، سو ڪجي ائين ته پنھنجي ذھن کي اجاين فڪرن توڙي فڪراتن کان جيترو ٿي سگھي، سگھو ئي آزاد ڪجي ۽ پنھنجي مقرر ڪيل مقصد تي پوريءَ طاقت، توانائي ۽ سمجھ کان ڪم وٺندي جدوجھد ڪجي ته اميد آھي ڪا به شئي باقي ناممڪن نه رھندي

پڙھيل شيون وقت جي تقاضائن جي مطابق وسري وينديون آھن، ڪنھن به مضمون توڙي مواد کي ياد ڪرڻ جو ھڪ بھترين طريقو اھو به آھي ته ان کي پنھنجي ھٿ اکرن سان لکجي، صرف ھڪ دفعو نه، بلڪ بار بار لکجي، ايتري قدر جو ھو ھميشه لاءَ ذھن نشين ٿي وڃي، ائين ڪرڻ سان ھڪ ته اھو مواد ھميشه لاءِ اسان جي ذھن ۾ محفوط بڻجي ويندو، ٻيو اھو ته ان مشق ڪرڻ سان اوھان ڪنھن به شئي کي صحيح لکڻ جي مھارت حاصل ڪري وٺندا، جيڪو اوھان لاءِ انتھائي فائديمند ثابت ٿيندو ۽ امتحاني هال ۾ سوالن جي جوابن کي لکندي، اوھان کي ڪنھن به پريشاني يا مونجھاري جو شڪار ڪونه ٿيڻو پوندو اوھان ان قابل ٿي ويندا ته پڇيل سوال جي جواب کي ڪيترو مختصر يا ڪيترو طويل ڪري لکڻو آھي

مقرر وقت کان اڳ پيپر ڪري ڇڏڻ يا وري مقرر ٽائيم کان پوءِ پيپر جمع ڪرائڻ، ھي ھڪ قسم جي عادت آھي، جيڪا گهڻن شاگردن ۾ ھوندي آھي، پيپر ڪرڻ جون اھي ٻئي حالتون نقصانڪار آھن. وقت کان اڳ پيپر ڪرڻ جي چڪر ۾ گهڻا شاگرد پيپر ۾ گھڻو ڪجھ ۽ اھم معلومات لکڻ رهائي ويهندا آھن. اھي صرف ان فڪر ۾ مبتلا ھوندا آھن ته ڪنھن نه ڪنھن نموني بس پيپر کي پورو ڪري وٺجي ۽ انھيءَ تڪڙ جي ڪري هُو آيل سوالن جا صحيح يا مطمئن ڪندڙ جواب ڪونه لکي سگهندا آھن ۽ پوءِ سندن نتيجا سٺا ڪونهي ايندا ۽ وري اھي شاگرد جيڪي پيپر جي مقرر وقت کان پوءِ پيپر جمع ڪرائڻ جا عادي ھوندا آھن، اھي اصل ۾ ان خوشفھميءَ جو شڪار ھوندا آھن ته پيپر کي حل ڪرڻ لا۽ وٽن وقت گهڻو آھي، جنھن وقت ٻيا سڀ شاگرد پيپر ڪري رھيا ھوندا آھن، ان وقت اهي شاگرد پنھنجي امتحاني هال کي ڏسڻ، ڪنڌ کي اڳتي پوئتي ورائڻ، سوالنامي کي ھروڀرو وري وري پڙھڻ، جوابي ڪاپيءَ جي صفحن کي بار بار ڳڻڻ، توڙي ان قسم جي مختلف سرگرمين ۾ پنھنجو مليل وقت برباد ڪندا آھن. سندن اکيون تڏھن کلنديون آھن، جڏھن مقرر وقت ختم ٿيڻ تي ھوندو آھي. ان ڪري بھتر اھو آھي ته سوالن کي حل ڪرڻ لاءِ مليل مقرر وقت جي حساب سان سندن جواب لکـــڻ گھرجـــــن. ھر ھڪ سوال جي جواب کي لکندي، ھڪ اھم ۽ بنيادي نقطو ھميشه ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته اگر جواب طويل آھي ۽ ان جي اندر اڃا ڪجھ ڪي ٻيا نقطا به شامل آھن ۽ اھي به لکڻا آھن ته بھتر ۽ موثر جواب ان کي تڏھن چئبو، جڏھن ان جي ھر ھڪ نقطي کي واضح ۽ صاف ڪري لکجي
جيئن پيپر چيڪ ڪندڙ کي ڪنھن به قسم جي مونجھاري جو شڪار نه ٿيڻو پوي، ان کي ھر ھڪ پڇيل سوال جو جواب صاف، چٽو ۽ نمايان نظر اچي ۽ ھڪ اھم ڳالھ ته ھر نئون جواب، ھڪ الڳ ۽ نئين صفحي کان شروع ڪجي، ڪوشش ڪجي ته صفحي ۾ مليل لڪيرن جي وچ ۾ ڪو مفاصلو نه ڇڏجي. ھر ھڪ لڪير تي ڪي نه ڪي الفاظ تحرير ڪجن ان طريقي سان لڪيرن جي وچ ۾ ڪو چڱو خاصو مفاصلو نه ھجي، ڪي شاگرد لڪيرن جي وچ ۾ مفاصلو ڪندي پيپر ۾ اجايو وڌاءُ ڪندا آھن ۽ پيپر سان گڏ سپليمينٽري ھڻندا آھن جيڪا ڳالھ اڪثر طور استاد ناپسند ڪندا آھن، جوابي ڪاپي ۾ مليل صفحا ڪنھن به جواب کي لکڻ لاءِ ڪافي ھوندا آھن ھروڀرو سپليمنٽري جو وڌاءُ ڪري ھرگز اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي ته اسان کان پڇيل سوال جو جواب اسان کي گھڻو ٿو اچي، جيترو پڇيو ويو ھجي ان جو جواب اوترو ئي لکڻ ۾ بھتري آھـــي

پيپر جمع ڪرائڻ کان اڳ اھو يقيني طور اطمينان ڪرڻ گھرجي ته پيپر ۾ ڪنھن به قسم جي گنجائش باقي نه رھجي، پنھنجو نالو، رول نمبر، شعبو، سبجيڪٽ جو نالو، تاريخ ۽ لکيل جوابن کي ھڪ دفعو ٻيهر چيڪ ڪجي ته جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وئي ھجي ته ان کي درست ڪري پوءِ پيپر جمع ڪرائجي، ان طريقي سان اوھان پنھنجي ڪيل پيپر بابت مڪمل طرح سان پراميد رھي سگھندا ۽ اوھان کي اھو اندازو بخوبي ٿي ويندو ته اوھان ڪيتريون مارڪون حاصل ڪري سگھنـــدا

مٿي بيان ڪيل ڪي اھم نقطا اوھان کي پيپرن جي تياري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، اڪثر شاگردن جي فيل ٿيڻ جو ڪارڻ اھو ئي ھوندو آھي ته کين اھا سُڌ ناھي ھوندي ته کين پنھنجي توانائي پنھنجي پڙھائي تي ڪئين خرچ ڪرڻ کپي، سندن اھا بي خبري اڳتي ھلي کين شرمسار ڪرائيندي آھي ۽ ھن گوناگون زماني ۾ قابليت، ذھانت ۽ توانائي ھوندي به اُھي پوئتي رھجي ويندا آھن، اڳتي ھلي اھي شاگرد پنھنجي ناڪاميءَ جو الزام پنھنجي استادن، پنھنجي اداري ۽ پنھنجي ماحول تي ھڻندا آھـــــــن

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو