ڪــامــريـــڊ



اسان وٽ اڪثر پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد بہ عمومن لفظ ڪامريڊ جي غلط تشريح ڪندا آهن ۽ ڪامريڊن کي نفرت واري نگاه سان ڏسندا آهن، حالانڪ لفظ ڪامريڊ جي لغنوي معني آهي ” يار، ساٿي يا همراه“، يعني جنهن سان گهرائپ هجي ان کي ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو، جيڪو ڪنهن عمل يا حڪمت ۾ ساٿ ڏي ان کي بہ ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو يا وري جيڪو ڪنهن راھ، سفر يا منزل طرف هڪ ڪرو ٿي گڏ هلي يا گڏ هلندو رهي ان کي بہ ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو، يعني جي سوچجي ٿو تہ ڪامريڊ جي لغنوي معني هر طرف کان هڪ مثبت ۽ ميٺ محبت واري پيغام ڏي ٿو پو۽ بہ هن معاشري جا فرد اسان ڏانهن طنز ۽ ڌڪارت وارو رويو ڇو ٿا رکن، اصل ۾ ماڻهون ڪامريڊن کي سڃاڻي نہ سگهيان آهن، ڪامريڊن کي تہ پنهنجي ڌرتي جي هر هڪ عنصر سان بي انتها محبت هوندي آهي، اُهي پنهنجي ڌرتي جي هر هڪ گل، پن، ڊينگر، ڊانگر، وڻ، ٽڻ توڙي ڍور ڍڳن سميت هر شئي سان بي انتها پيار ڪندا آهن، انهن کي پنهنجي قوم جو اوُنو هر دم رهندو آهي، جهڙي ريت هر عاشق کي پنهنجي محبوب جي هر نسبت سان محبت ٿي ويندي آهي بلڪل اهڙي ئي ريت هر هڪ ڪامريڊ کي پنهنجي محبوب ڌرتي سنڌ ڌرتي جي هر هڪ وٿاڻ، وستي توڙي نگري سان بي انتها محبت هوندي آهي، سندن محبت کي بنا پرکندي هن قوم جا اٻوجھ ذهنن کين نفرت واري نگاه سان ڏسندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ انهن اٻوجھن کي اِهو بہ ياد رکڻ گهرجي تہ اوهان هن سنڌ ڌرتي جا مياري ٿيندئو، هي ڌرتي اوهان سان ناراض ٿيندي ڇو تہ اوهان سندس حلالي فرزندن تي شڪ ڪيو ۽ سندن ساٿ نہ ڏنئو ان لا۽ اي ڌرتي جا باشندئو پنهنجي پاڻ وٽ هن قوم جو اونو پالڻ شروع ڪريو، هن قوم کي اڳتي آڻڻ لا۽ حڪمت عمليون جوڙيون ۽ ان سان گڏوگڏ ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيڻ شروع ڪيو جئين هي ڌرتي جنت جي ڪنهن ٽڪري جو ڏيک ڏيڻ لڳي ۽ اڳتي هلي ڪري زندگي جي ڪنهن موڙ تي اوهان کي شرمندو نہ ٿيڻو پوي

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو