معاشرتي اصولن جي پاسداري
انسان جيتوڻيڪ پاڻ کي خوش رکڻ لاءَ روز ازل کان وٺي ڪري مختلف ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ انهن ڪوششن جي بدولت اڄ سندس نگاه فلڪ تي گهر اڏڻ لاءَ کتل آهي پر ان جي باوجود ڏسجي تہ آخر حضرت انسان کي ڌرتي تان هجرت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي جنهن سبب اُهو هن مھل خلا ۾ پاڻ کي آباد ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، اُتي رهائش پذير ٿيڻ لاءَ نت نوا تجربا ڪري رهيو آهي
معاشري جو قيام ٿيڻ انسان جي ئي دم سان آهي، جنهن معاشري ۾ انسان کان علاوه باقي هر هڪ مخلوق رهندي هجي ان ماحول کي معاشرو چوڻ بجاءَ جنگلات چوڻ صحي چورائبو، پوءَ ڀلي کڻي اتي هر هڪ سهولت ڇونہ ميسر هجي، مطلب حضرت انسان جي ئي وجود سان هن ڪائنات جي حسناڪين ۾ اضافو اچي ٿو ۽ حضرت انسان جي فنا ٿيڻ سان هي ڪائنات کوکلي ۽ بي رنگ ٿي وڃي ٿي
انسان جتي ڪٺ ڪري يا وري هڪ اجتماعي صورت سان گڏجي رهن ٿا ان حالت کي معاشرو سڏيو وڃي ٿو، معاشري ۾ رهڻ لاءَ ڪجھ قائدا ۽ قانون بہ جوڙيا وڃن ٿا تہ جئين ڪنهن بہ فرد کي ڪا تڪيلف نہ پهچي، هن ڌرتي تي هن مھل ڪافي سارا معاشرا موجود آهن، ڪجھ معاشرا سياسي، مذهبي، قومي توڙي رنگ ۽ نسل تي بہ ٻڌل آهن برحال آهن سڀ ئي مجموعي طور هڪ معاشري جا روپ، جن کي اسان با آساني معاشرو چئي سگهو ٿا
ڪنهن بہ معاشري جي بقا لاءَ هڪ پائدار اصول اهو بہ هوندو آهي تہ ان معاشري منجھ رهندڙ هر هڪ فردن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هجي، هر هڪ فردن جو پاڻ ۾ هڪ مضبوط رابطو ۽ ربط قائم هجي، سڀئي يڪجاءَ طور هڪ ٻي جي ڏکن سکن توڙي تڪليفن ۾ هڪ ٻي سان گڏ هجن، انهن اصولن جي بنيادن تي قائم ٿيل معاشرا مضبوط ۽ محفوظ هوندا آهن وري انهن جي برعڪس اُهي معاشرا جن جا فرد هڪ ٻي کان بي گانا ۽ بي زار ٿي ڪري زندگي بسر ڪندا آهن انهن جو گذر سفر انتهائي تڪليفن واري حالت ۾ ٿيندي آهي، هن قسم جي معاشرن جا ماڻهو سڀ ڪجھ هوندي بہ خالي ۽ کوکلا هوندا آهن
هن مھل اِها وقت جي تقاضا يا وري کڻي ائين چئجي تہ اسان توهان لاءَ اشھد ضرورت ٿي پئي آهي تہ اسان توهان معاشرن جي قائم ٿيل اخلاقي قدرن جي تقدس کي بحال ڪندي هڪ ٻي جو خاص خيال رکون، هڪ ٻي جي ڏکن توڙي سکن ۾ شريڪ ٿيون، هڪ ٻي کي تڪليفن کان ڪڍي ڪري هڪ صاف ۽ شفاف رستي تي آڻيون، جڏهن اسان جي قائم ٿيل هٿرادو معاشرن ۾ اخلاقي قدر بحال ٿي ويا تہ يقين مڃو هن سماج اندر ٿيل سڄي افرا تفري ختم ٿي ويندي
هر فرد سڪون واري زندگي بسر ڪرڻ جو اهل ٿي ويندو، هر فرد جي عزت نفس محفوظ رهڻ سان گڏ کيس مهذب نموني سان زندگي گذارڻ جو فلسفو پاڻهي ڄاڻ سمجھ ۾ اچي ويندو ۽ ان ريت هي ڌرتي دوزخ بڻجڻ بجاءَ جنت بڻجي پوندي، هر طرف پيار ۽ محبت واري فذا قائم ٿيندي، هر هڪ دل منجهان نفرتون ختم ٿيڻ شروع ٿينديون ۽ انهن جي جاءَ محبتن جا ميلا اچي وٺندا، هر هڪ دل ۾ ٻي لاءَ احترام پيدا ٿيڻ لڳندو
۽ پوءَ هي جهيڙا، فساد، وٺ وٺان، هڪ ٻي جا پير ڪڍڻ واري روايت دم ٽوڙڻ لڳندي، اهڙي ريت قدرت واري جو ڌيان ازخد اسان طرف مائل ٿيندو هن مھل قدرت واري اسان جي ڪرتوتون سبب شايد اسان کان مونهن موڙي ڇڏيو آهي تڏهن ئي تہ هر روز نوا ستم جنم وٺن پيا ۽ حضرت انسان محفل ۾ هوندي بہ پاڻ کي اڪيلو سمجهي ٿو، سڀ ڪجھ هوندي بہ حوس ۽ لالچ جي چنبي ۾ سُڪ هجي ٿو، وصال ۽ فراق جهڙي ڪيفيتن جو شڪار ٿي ٿو، پاڻ کي اڪيلائي جو مسافر بڻائي ڪري پنهنجي پاڻ سان دوکو ڪري ٿو
Comments
Post a Comment