ڪــــــــتـاب ڇــــــــو پـــڙهجـــــن


جڏهن ڪنهن بہ محفل ۾ ڳالھ نڪري ٿي ڪتاب پڙهڻ جي تہ يڪدم اسان جو سڄي جو سڄو سارو خيال، سڄو فڪر، سڄي سوچ ان ڳالھ ڪندڙ فرد ڏانهن مرڪوز ٿي وڃي ٿي جيڪو فرد ڪتاب پڙهڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ڪتابن سان لڳاءَ رکڻ بلڪل ائين آهي جئين ڪنهن شئي جو عادي ٿي وڃڻ، قدرت واري انسان ۾ بنيادي طور سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻئي مهارتون ترتيب ڏنيون آهن، هر هڪ انسان ۾ هر وقت ڪجھ نہ ڪجھ سکڻ جو جذبو موجود هوندو آهي وري ان سکيل ڪم کي ٻي کي سيکارڻ واري صلاحيت بہ موجود هوندي آهي

اوهان پوري دنيا جي اندر رهندڙ ماڻهن جو مشاهدو ڪري ڏسو، ڀلي پوءَ اُهي مرد هجن، چاهي عورت، ٻاهرين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي سوندي بہ اُتان جا ماڻهو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جا بي حد شوقين آهن، تقريبن هر هڪ فرد جي گهر ۾ ننڍڙي لائبريري قائم ٿيل هوندي آهي، جنهن ۾ اهو فرد واندڪائي واري وقت ۾ ڪجھ پڙهي وٺندو آهي، اهڙي طرح دنيا جي جديد ٿيڻ سان سندن ڪتابن پڙهڻ واري عادت ۾ گهٽتائي اچڻ بدران، واڌ ٿي آهي، جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي تمام ٿوري عرصي ۾ دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي چڪو آهي پر ان جي باوجود ڪتابن سان سينو سهائي نہ سگهيو آهي

ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ ڏاهپ ۾ واڌارو هميشه مطالعو ڪرڻ سان ايندو آهي، مطالعي ڪرڻ سان شين جي مختلف پهلوئن جي خبر پوندي آهي، ڪتابن وسيلي ڪار آمد حڪمت عمليون توڙي تجويزيون هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين سفر ڪنديون آهن، ڪتاب پاڻ خاموش هوندي، پنهنجي پڙهندڙ کي چڱي خاصي معلومات فراهم ڪندي آهي، ڪتابن جو عشق منهنجي نظر ۾ سڀني عشقن کان اعلي ۽ اتم عشق آهي، هي هڪ اهڙي قسم جو عشق آهي جنهن ۾ محبوب سان ملاقات ڪرڻ جو ڪو بہ خاص وقت مقرر ناهي ٿيل هوندو، جنهن مهل دل چيو ڪتاب کولي، اکرن کي پسجي، پنهنجي نيڻن کي ٺارجي ۽ ذهن کي فرحت جوڳو بڻائجي

ٻالڪپڻ واري دور ۾ جنهن وقت عقل توڙي سمجھ ذهن ۾ سلامي ڀرڻ لڳي تہ تنهن مهل ٻين ٻارن وانگر مون رواجي طور راند روند توڙي گهمڻ ڦرڻ کي اوليت نہ ڏني، واندڪائي واري وقت گهر ۾ موجود ڪتابن واري ڪٻٽ کي کولي ڪري انهي منجهان ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هيس، ائين هلي هلي ڪري وري ڪنهن دور ۾ ٻالڪ رسالن ۾ ڪهاڻيون لکي ڪري موڪليندو هيس، ائين ادب جي دنيا سان آءُ ڳچ عرصي کان وٺي ڪري ڳنڍيل رهيس، ادب جي دنيا سان منهنجو ائين جڙيو رهڻ جو جيڪو بنيادي ڪارڻ هو، اُهو هو ڪتابن جو لاڳيتو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن منجهان علم جا سُرڪ ڀرڻ

مطالعي ڪرڻ سان فڪر جا نوا گس ملندا آهن، سوچڻ لاءَ نوا عنوان ملندا آهن، ڪچهرين ۾ بحث ڪرڻ لاءَ نوا سبب ملندا آهن، ڪتاب اسان کي وقت جي انهن وهڪرن جو احول ڏيندا آهن، جيڪي وهڪرا اسان توهان ڪونہ ڏٺا هوندا آهن، انهن انمول گهڙيون بہ اسان سان حالي احوالي ٿيندا رهندا آهن جيڪي گهڙيون تاريخ کي جوڙيندي گذريون آهن، اسان ڪتابن وسيلي انهن امر، توڙي انقلابي ڪردارن جي جدوجهد بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون، جيڪي انقلابي اڳواڻ اسان توهان کان ڪي ئي ورهيہ اڳ موڪلائي ويا آهن، اسان انهن ماڳن ۽ وٿاڻن بابت پڻ ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون جن وٿاڻن ۽ وستين کي آباد هوندي اسان ناهي ڏٺو، جهڙوڪ موئن جو دوڙو، هڙاپا، ٽيڪسيلا وغيره

ڪتاب ڪنهن نہ ڪنهن نموني اسان جي زندگي سان جڙيل رهن ٿا، اسان جون سُوچون ڪتابن ۾ سڏڪنديون آهن، اسان جا ارمان ڪتابن ۾ لفظن جو روپ ڌاري ڪري گم ٿي ويندا آهن، اسان جا احساس زماني جي بي رخين جو تاب نہ سهندي ڪتابن جي ورقن ۾ اچي پناه حاصل ڪندا آهن، پيار جا انيڪ وچن، واعدا، قول توڙي قرار ڪتابن جي ذينت بڻجي ڪري دنيا آڏو پڙهڻ لاءَ ميسر ٿيندا آهن، ڪتاب خاموشين جا تاڪ ڀڄي ڇڏيندا آهن، ڪتاب اندر جي اولڙن کي پڌرو ڪري ڇڏيندا آهن، ڪتابن سان لڳاءُ شعور جي علامت آهي، ڪتاب پڙهندڙ فرد شعوري فردن جي فهرست ۾ ڳڻيو ويندو آهي

جيڪي فرد ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ هوندا آهن، انهن جو ذهن هميشه چست رهندو آهي، سندن دماغ ۾ هر روز انيڪ خيال پرواز ڪندا رهندا آهن، سندن ذهن ۾ نت نوا خيال توڙي تخليقي ڪم اُسرندا رهندا آهن، ڪتابن جو قدر هن مهل مغرب جي ملڪن ۾ ساڳي ريت برقرار آهي، ان جي بنسبت اسان جي سنڌ ۾ بہ هن مهل ڪتاب پڙهڻ جو رهجان بہ ڪنهن قدر موجود آهن، هر روز نت نوا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن پيا ۽ ان کان علاوه نئي ٽهي جا نوجوان بہ قومي، انقلابي توڙي پيار محبت جا ڪتاب بہ انيڪ تعداد ۾ پڙهن پيا، منهنجو ڪجھ عرصو پهريان سنڌ يونيورسٽي ۽ سکر آي بي يونيورسٽي وڃڻ ٿيو هيو اُتي بہ مون اُتان جي شاگردن طرفان ڪتاب پڙهڻ جو سٺو رهجان ڏٺو، جتي مون سان اُتان جي ڪافي دوستن مختلف ڪتابن بابت پنهنجا قيمتي رايا بحث ڪيا ۽ انهن منجهان پرايل سبق تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو