باشـعور ۽ لاشـعور فــردن ۾ فــرق




اسان جي معاشري ۾ عمومن طور تي علم، عقل توڙي ڏاهپ جي جاءَ تي لفظ باشعور ۽ لاشعور کي استعمال ڪيو ويندو آهي، پڙهيل لکيل فردن ڏانهن باشعور لفظ ۽ اڻ پڙهيل حضرات ڏانهن لفظ لاشعور کي منسوب ڪيو ويندو آهي، جنهن مان اهو تاثر چٽو پيدا ٿيندو آهي تہ اڻ پڙهيل فرد ڪڏهن بہ ڪنهن بہ صورت ۾ باشعور نہ ٿو ٿي سگهي ۽ وري پڙهيل لکيل فرد هر حالتن توڙي صورتن ۾ باشعور ئي آهي ۽ رهندو

حالانڪ، ائين قطعي ڪو نہ آهي، لفظ شعور کي اگر جي سولن ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪجي تہ پوءَ ائين کڻي چئي سگهجي ٿو تہ” هر هڪ بري ڀلي عمل جي تميز توڙي سڃاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي جائز حقن جي ڄاڻ توڙي پرک رکڻ کي شعور چئي سگهجي ٿو“، ان کان علاوه شعور جون ٻيون بہ ڪافي ساريون وصفون آهن

شعوري فرد بڻجڻ لاءَ تعليم هڪ بهترين توڙي بنيادي ڏاڪو آهي ڇو تہ تعليم سان فرد کي مخلتف جڳهن، ملڪن، شهرن توڙي قومن جي رهڻي ڪهڻي توڙي حالتن جي سُڌ پوي ٿي جنهن جي آڌار تي اهو فرد ان قوم، شهر يا ملڪ بابت ڪا بہ راءَ جوڙي سگهي ٿو

وري ان جي برعڪس ڪنهن فرد جي لاشعور هجڻ لاءَ اهي حدون مقرر ڪرڻ بہ ڪنهن حساب سان بهتر نہ آهن، شعور عمومن طور تي ماڻهو جي پنهنجي زندگي جي جاگوڙ واري حالتن مان پيدا ٿيندو آهي، ڪافي فرد بنا الف، ب، پڙهيل هوندي ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن بابت چڱي خاصي معلومات رکندا آهن، اهڙا عمل سندن مشغلا هوندا آهن

پڙهيل لکيل فردن مان وري اگر جي ڪو فرد حالات حاضره کان بخوبي واقف بہ هجي، سندس عملي ڪردار جي ڪنهن تائين هن معاشري کي گهرج بہ هجي پر ان جي برعڪس هو صرف پنهنجي ذاتي زندگي گذارڻ ۾ مصروف عمل هجي ۽ صرف جو صرف پنهنجي ذات تائين محدود هجي تہ ڇا ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڀلا لاشعور چئبو، اهڙي فرد کي ڪهڙن اصولن ۽ ضابطن تحت اسان توهان شعوري فردن جي ڳاڻاٽي ۾ ڳڻينداسين

اهڙا ڪافي سارا فرد اسان جي معاشري ۾ موجود آهن، هي پڙهيل لکيل فردن جو هڪ اهڙو گروھ آهي جيڪي هميشه پاڻ ڪجھ ڪرڻ بجاءَ ٻين جي ڪلهن تي بندوق رکي ڪري هلائڻ واري اميد تحت زندگي بصر ڪري رهيا آهن، ان مزاج جي اعلي صفت انسانن کي هر مفاد، هر سهوليت، هر وسيلو صرف جو صرف پنهنجي قطب آڻڻ جو فڪر هوندو آهي

سندن ان ذاتي خواهشن واري ڄار کين ايترو تہ سوگهو ڪري رکيو آهي جو کين پنهنجي قوم جي انهن مسڪين فردن جي هڪ پل بہ ياد نہ ٿي اچي جيڪي ويچارا قهر واري گرمي ۾ سڄو ڏينهن تتل اس هيٺيان مزدوري ڪن ٿا، کين هڪ پل لاءَ بہ انهن بي پهچ، غريب توڙي لاوارث فردن جا چهرا ياد نہ ٿا اچن جيڪي ويچارا پنهنجي مريض ماءُ، پي يا ڀيڻ کي اسپتالن جي درن تي ويهي ڪري علاج جو منتظر هجن ٿا

اهڙا شعوري فرد سڏجندڙ معزز مڪمل طرح سان ذاتي خواهشن جي خول ۾ بند ٿيل هوندا آهن، سندن ذاتي زندگي ڪنهن قدر عام ماڻهن جي زندگي گذارڻ کان بهتر هوندو آهي پر ان جي باوجود سندن مزاج ۾ اڃا وڌيڪ، اڃا وڌيڪ جو حرص سمايل هوندو آهي جيڪو سندن پچر مرڻ گهڙي تائين ڪونہ ڇڏيندي آهي

هي ڌرتي پيار، محبت توڙي ڀائي چاري جو چمن رهي آهي، هن ڌرتي جا انمول ۽ ڪارائتا فرد اڄ تائين اُهي ئي ليکيا ويا آهن جن پنهنجو هر وسيلو توڙي واهڻ هن ڌرتي جي ڀلي خاطر استعمال ڪيو آهي، هن ڌرتي سان نفسياتي طور ان شعوري ۽ لاشعوري جي جيڪا کيڏ کيڏي وئي آهي، اُها کيڏ تمام جلد ختم ٿيندي، شعور جي پوشاڪ پهريل ذهني طور لاشعور ۽ بيمار ذهنيت وارا مدلل تمام جلد چٽا ۽ واضع ٿيندا، تاريخ ۾ کين کين هڪ سٽ جيتري بہ جاءَ نصيب نہ ٿيندي

هن قوم جي هاڻوڪن حالتن کي مد نظر رکندي هر اهل علم، پڙهيل لکيل توڙي باشعور فرد کي گهرجي تہ هو هن ڌرتي جي ڀلي جي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سندس ڪردار جو هر هڪ پهلو اهو ثابت ڪري تہ هو واقعي ۾ ئي شعوري فرد آهي، سندس من ۾ هتان جي ماروئڙن جي لاءَ حب ۽ اڪير آهي، کيس ڀٽائي جي هن نگري سان بي انتها محبت آهي

باقي اگر اڃا بہ جي ڪو فرد شعور ۽ لاشعور هجڻ جو فيصلو، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل واري بنيادن تي ڪري تہ پوءَ پڪ سمجهو تہ ان فرد کي پاڻ شعور جي ضرورت آهي، اهو فرد پاڻ لاشعوري واري اونداهي جي گهيري ۾ آهي کيس اتان ڪڍڻ لاءَ ترت ڪار آمد فيصلا ورتا وڃن تہ جئين اسان جي معاشري جو اهو فرد بي سبب پوئتي نہ رهجي وڃي


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو