تبديلي جي مخالفت ڪرڻ غير فطري عمل آهي



جڏهن خدا تعالي هن ڪائنات کي جوڙيو تہ ان مهل خدا تعالي سندس ڪار وهنوار کي ازخد مستقل طور جاري رکڻ لاءِ ڪجھ اصول ۽ ضابطا بہ مقرر ڪيا، انهن اصولن جي پغتگي ان ڳالھ مان ئي لڳائي سگهجي ٿي تہ جڏهن بہ ڪو فرد فطرت کان هٽي ڪري ڪنهن غير فطري ڪم ڪري ٿو تہ اهو يڪدم نقصان کائي ٿو

اهڙي طرح فطرت جي قانونن ۽ اصولن ۾ هڪ اعلي توڙي ادنا ۽ ڪارڳر اصول قدرت طرفان اهو بہ رکيو ويو آهي تہ هر شئي وقت جي حساب سان تبديل ٿيندي رهندي يا وري تبديلي جي خواهش پنهنجي اندر ۾ ضرور پاليندي، مطلب تہ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جانور توڙي انسان وقت سان گڏجي پاڻ کي تبديلي طرف ڌڪيندا رهندا آهن

هاڻ جڏهن اسان ڪنهن سان تبديلي جي ڳالھ ڪريون ۽ اُهو فرد يڪدم تبديلي جي مخالفت شروع ڪري تہ پوءِ يقين ڄاڻو اهو فرد ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ڇو تہ ان جي پنهنجي فطرت ۾ تبديلي جو جذبو قدرتي طور سمائل آهي پوءِ اهو ڪهڙن بنيادن تي تبديلي ٿي ٿو اهو ان تي دارو مدار ڪري ٿو، يا وري اگر جي ڪو فرد تبديلي جي مخالفت ڪري ٿو يا وري تبديلي جي نظريي سان اختلاف رکي ٿو تہ کيس ياد ڏيارو تہ مٺا سائين اوهين پنهنجي ڪالھ ۽ پنهنجي اڄ کي هڪ ٻي سان ڀيٽي ڏسو اوهان کي تبديلي جي مفهوم سمجھ ۾ اچي ويندي

کيس ياد ڏياريو تہ اوهان ڄم کان وٺي ڪري اڄ تائين تبديلي جا مختلف مرحلا طئي ڪري هاڻوڪي شڪل ۽ شنبيھ تي اچي پهتا آهيو، اها تبديلي اوهان ۾ اڃا وڌيڪ رونما ٿيندي، ٻالڪپڻ مان جواني، جواني ۾ جنوني ۽ جنونيت کان پوءِ اوهان کي ڪراڙپ اچي سلام ڪندي اگر جي حالت حيات رهيئو تہ اوهان تبديلي جا سڀ رنگ پنهنجي پاڻ پسندئو

اهڙي ريت تبديلي هر هڪ عنصر جو بنيادي حصو رهيو آهي ۽ تاقيامت تائين تبديلي جو ڪردار اسان جي روزاني جي زندگي کان وٺي ڪري اسان جي سياست، معشيت، صحت، تعليم توڙي مختلف شعبن سان رهندي، اڃا کڻي ائين چئجي تہ هر هڪ سان رهندي، هاڻ اها ڳالھ واضع ٿي چڪي آهي تہ اسين جاندار ازل کان تبديلي جا متلاشي رهيا آهيون، تبديلي کان سواءِ اسان جي زندگي ۾ سواءِ بيزاري ۽ بيقراري جي ٻيو ڪجھ بہ نہ بچندو

ان لاءِ ڳالھ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، اجائي فطرت جي خلاف نہ وڃو، آءُ اڳم ئي ڳالھ ڪري چڪو آهيان تہ جيڪو فرد فطرت خلاف وڃي ٿو ان کي اڻ ڏٺي نقصان جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، ان لاءِ پنهنجي اڄوڪي زندگي کي سڀاڻ لاءِ بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ تبديلي جو حصو ٿيو

اسان انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي ڪري اسان جو اجتماعي شعور خصيص ٽڪي جي حيثيت رکندڙ ڀوتارن، پيرن، ميرن، ۽ جاگيردارن وٽ يرغمال بڻيل آهي، اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي سبب هڪ پڙهيل لکيل باشعور فرد ڪنهن انا خور وڏيري جي اڳيان پويان گهمڻ تي مجبور ٿئي ٿو، اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي سبب ڪنهن ٻي جڳھ جو اميدوار اچي ڪري اسان جي تڪ تي مسلسل ڪامياب ٿي ڪري اسان تي حڪمراني ڪري ٿو

اسان انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن جي سبب اسان جي شهر جو ڪو پڙهيل لکيل باشعور فرد پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات نہ ٿو ڪري سگهي، کيس هر دفعي ڌوڪا ڌولاب ڏئي ڪري ماٺ ڪري ويهاريو وڃي ٿو، اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن تحت اسان جو باشعور سنڌي فرد حق ۽ سچ ڳالهائڻ شرط ئي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ٿورئي ئي عرصي ۾ کيس اسان کان جدا ڪري ڪوه ڏور موڪليو وڃي ٿو هڪ اهڙي دنيا ڏانهن جتان وري سندس واپس ورڻ جي ڪا اميد بہ باقي نہ بچي ٿي

اسين انهن روايتن کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن تحت اسان سنڌين کي نا اهل سمجهندي اسان جي قدرتي وسيلن تي غيرن کي قابص ڪري سڄي جو سڄيون واڳون انهن جي حوالي ڪيون وڃن ٿيون اهڙي نموني اسان هر ان روايت کي تبديل ڪرڻ گهرون ٿا جن روايتن تحت اسان کي اڪيلو، لاوارث، نڌڻڪو سمجهيو ويندو آهي، اسان جي زندگين کي بي مقصد، نا اهل، خاموش تماشائي، سمجهي ڪري اسان تي پنهنجو هوڏ قائم ڪيو ويندو آهي

اسان جي جذبن کي ٺيس پهچائيندي اسان جي ونين کي ڪارو ڪاري واري روايت جي لپيٽ ۾ گهيري رکيو ويندو آهي، اسان جي نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ ذهني توڙي جسماني طرح هراسمنٽ جو نشانو بڻايو ويندو آهي، اهي سڀ ڪلور صرف ان جي ڪري ٿيندا رهيا آهن جو اسان اگهور ننڍ ستل رهياسين، اسان انهن کان سوال ڪرڻ واري سگھ پاڻ ۾ پيدا نہ ڪري سگهياسين

انهن ڪم ظرف ٽڪي وڪاڻا حڪمرانن کان ڪڏهن اسان حال نہ ورتو نہ ڏنو، سندس صحي طريقي سان احستاب نہ ڪيو، هو اسان کي جاهل سمجهندي پنهنجا کيڏ کيڏندا رهيا، ان لاءِ اچو تہ هاڻ سندس ان چالاڪين کي ٻنڊو ڏيئون ۽ کين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اصل طاقت ۽ سرچشمو عوام ئي آهي جن کي هميشه اوهان جتين جو ڪوڪو سمجهي لتاڙيندا رهيا آهيو هاڻ اهو ڪوڪو اوهان جي ڪنڌ ۾ لڳڻ وارو آهي ۽ اوهان جي سڄين مڪارين ۽ چالاڪين کي وائکو ڪرڻ وارو آهي


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو