خانگي اسڪول ۽ عطائي ماستر



ڪالھ ڪنهن ڪم سانگان پنهنجي شهر جي آس پاس ۾ قائم ٿيل خانگي اسڪولن ڏانهن ويس ۽ انهن ۾ چڪر هڻڻ جو موقعو مليو، انهي دوران مون جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو اُهو اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو

سڀ کان اهم ۽ اعلي پهلو آهي، فيڪلٽي، مطلب تہ ڪنهن بہ اسڪول کي هلائڻ وارا استاد، جيتري قدر اسڪول جا استاد تربيت يافتہ ۽ جديد دنيا جي نون لاڙن جي ڄاڻ رکندڙ هوندا، اُهي ايترو ئي سکڻ ۽ سيکارڻ واري مرحلي کي دلچسپ بڻائي ڪري ڪاميابي سان پنهنجي تڪميل تائين پهچائيندا ۽ انهن جي زير دست شاگرد پڻ گهڻو ڪجھ پرائي سگهندا

پر پاڻ وٽ اِهو الميو آهي جو ادارو قائم ڪري ان کي هلائڻ خاطر مڙئي ڪجھ درمياني سطع جا بي روزگار تاڙي ڪري انهن کي ڪجھ ڏوڪڙ ڏئي ڪري استاد بڻائي انهن جي مٿان 25 کان 30 ٻارن کي سڌارڻ جو ٺيڪو ڏنو ويندو آهي، صرف ايترو نہ پر انهي ساڳي استاد کان هڪ ئي ڏينهن ۾ پنج يا ڇھ پيرڊ پڙهايا وڃن ٿا تہ جئين کيس اهو احساس ٿئي تہ هو حق حلال جي روزي ڪمائي پيو

پوءَ ڀلي

ٻارن جو مستقبل تباھ ٿئي تہ ٿي، پرواھ ناهي

ٻار ڪجھ سمجهي سگهن يا نہ، پرواھ ناهي

سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل تڪميل تائين پهچي يا نہ

ٻارن منجھ تخليقي صلاحيتون اجاگر ٿين يا نہ

مطلب تہ ٻار جي پڙهائي جو ڪوئي حساب ڪتاب نہ ٿو رکيو وڃي، ها باقي ڪنهن ٻار ڏي ڪيترن مهينن جي فيس بقايا طور رهيل آهي اهو حساب ڪتاب وڏي هوش ۽ حواس سان رکيو ٿو وڃي، مڃون ٿا فيس کان علاوه اسڪول هلي ڪونہ سگهندو پر جناب، جيتري فيس ٻار کي پڙهائڻ ۽ سٺي تربيت ڏيڻ جي عيوض ورتي وڃي ٿي تہ گهٽ ۾ گهٽ ٻار تي اوترو ڌيان ڏئي ڪري سندس صلاحيتن کي اجاگر تہ ڪيو وڃي نہ

تعليم ڪنهن شئي کي صرف ياد ڪرڻ جو نالو ٿورئي آهي

تعليم جو مقصد آهي ٻار جي تخليقي صلاحيتن کي اُجاگر ڪري کيس ان قابل بڻائڻ تہ جئين هو معاشري ۾ پنهنجي تخليق عيوض پاڻ مڃائي سگهي ۽ سماج جي بهتر اڏاوت لاءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي

قدرت واري هر هڪ ٻار ۾ فطرتي طور ڪو نہ ڪو تخليقي نقطو رکيو آهي، اوهان سندس ان تخليقي پهلو کي ڳولي لهو ۽ پوءَ وري کيس ان مطابق تربيت تہ ڏيو ۽ پوءَ ڏسو تہ ڪيترا نہ ڪرشماتي ڪم ٿين ٿا

پر افسوس تہ

ٻارن لاءَ ايترو ڪجھ ڪري ڪير

بس مڙئي ڪم پيو هلي، نالو تعليم جو باقي ڪم نجي واپاري وارو، انگريزي ۾ چئجي تہ ايجوڪيشنل بزنس سيڪٽر قائم ڪري ورتو اٿن

جتي استاد پاڻ مئٽرڪ پاس هجن

جتي استاد ڪنهن سئلون تي وار ٺاهندڙ ڇوڪرو هجي

جتي استاد پاڻ اڃا استادن جي رهبري جو محتاج هجي

ڀلا اهڙي حالت ۾ ڪهڙي معاشرتي اصلاح ٿيندي

ڪهڙي نواڻ ايندي

ڪهڙا انقلابي ذهن پيدا ٿيندا

ڪهڙا انقلاب برپا ٿيندا

خدار اگر جي چاهيو ٿا تہ اوهان جي ٻارن جو آئيندو روشن رهي تہ پوءَ عطائي ماسترن کان پنهنجي جان آجي ڪرايو، ڪنهن بہ پرائويٽ اسڪول ۾ ٻارن کي داخل ڪرڻ کان پهريان اُتي پڙهائيندڙ استادن جو تعليمي لياقتون جاچي ڏسو ۽ اهو پڪ بہ ڪريو تہ ڇا اِهي استاد اسان جي ٻارن جي بهتر تربيت ڪري سگهندا


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو