سقراط فلسفي جو باني ڪئين ؟؟؟



بحثيت طالب علم آءُ اِها ڳالھ انتهائي غور و فڪر ۽ سوچ سمجھ سان ڇيڙڻ ٿو چاهيان تہ دنيا جنهن مفڪر کي فلسفي جو باني سڏي ٿي، دنيا جو عظيم فلاسافر جو خطاب ڏي ٿي، اُهو دنيا جو عظيم فلاسافر ناهي، روم جو رهاڪو سقراط، جنهن کي اڄ جي تاريخ فلاسافي جو ابو چوي ٿي، حالانڪ هو منهنجي نظر ۾ فلسفي جي باني چورائڻ جو حق نہ ٿو رکي، جئين تہ هن دنيا ۾ هر روز نت نوان تجربا ٿين ٿا، نوا نظريا اچن ٿا، نوا خيال متعارف ڪرايا وڃن ٿا، اهڙي ريت پراڻا يا فرسوده تصورات دم ٽوڙڻ لڳن ٿا، اهڙي ريت هاڻ سقراط وارو فلسفو بہ دم ٽوڙڻ لڳو آهي

منهنجي اڄوڪي عنوان جو تسلسل بہ ڪجھ ان ريت آهي، اچو تہ پهريان سقراط جي سوانح عمري جو جائزو وٺو ۽ اَهو جاچيو تہ سقراط جي ڪهڙين خدمتن جي عيوض کيس فلاسافي جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو

ﺳﻘﺮﺍﻁ ﺳﻨﮓ ﺗﺮﺍﺵ ﺳﻮﻓﺮﻭنڪﺲ ۽ ﺩﺍﺋﻲﺀَ
ﻓﻴﺘﻴﺮﻳﺘﻲ ﺟﻮ پٽ ﻫﻮ،
ﻫﻮ ﺍﭲ ﮐﺎﻥ ﭼﻮﻳﻬﻪ ﺳﻮ ﺳﺎﻝ ﺍڳ ﺟﻲ ﺍﻳﭥﻴﻨﺰ،
ﻳﻮﻧﺎﻥ ﺟﻮ ﺭﻫﻮﺍﺳﻲ ﻫﻮ

ﺳﻘﺮﺍﻁ ﺳﭵﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺳﻮﺍﻟﻦ ﺟﻲ ﮐﻮﺝ ۾
ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺗﻪ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟
ﺩﻧﻴﺎ ﮀﻮ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻲ؟
ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮ ڪﺎﺭﮠ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟
نيڪﻲ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟
ﺳﭻ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟
ﻭﻏﻴﺮﻩ وغيره،
سقراط سڄي ﻋﻤﺮ ﺭڳو ڳالهيون ڪﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ ۽ هڪ ﻟﻔﻆ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻧﻪ ئي ليڪچر ڏﻧﺎﺋﻴﻦ، هن ﺟﻮﻥ
ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ ﺭﻭﺍﻳﺘﻲ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ
ﻫﻴﻮﻥ، ڪڏﻫﻦ ﻭﺭﺯﺵ ﮔﺎﻫﻪ ۾، ڪڏﻫﻦ ﺑﺎﺯﺍﺭ ۾،
ڪڏﻫﻦ ڪنهن محفل يا دعوت۾، ڪڏهن ڪنهن دڪان تي، اهڙي طرح بس هن جو وقت گذرندو رهيو، سقراط زندگي جون ستر بهارون ڏٺيون، پنهنجي ستر سالن جي عمر ۾ ڏاهو هوندي اهو نہ سمجهي سگهيو تہ منهنجا قول يا ليڪچر محفوظ ڪرڻ جهڙا آهن جيڪي ايندڙ نسلن لا۽ رهبري جو ڪم ڏيندا

پوري دنيا وٽ هن مهل سقراط جي ڏاهپ ڀريا قول ۽ چوڻيون انيڪ تعداد ۾ موجود آهن، پر اهم ڳالھ اِها تہ اُهي قول ۽ چوڻيون سقراط جي رحلت ڪرڻ کان پو۽ سندس شاگرد افلاطون طرفان محفوظ ڪيون ويون، هاڻ اُهي ڏاهپ ڀريا قول يا چوڻيون ڪيتري قدر موثر نموني سان لکيون ويون آهن ان بابت ڪجھ بہ نہ ٿو چئي سگهي، ڇو تہ انهن ۾ گهث وڌائي جي گنجائش جو خدشو پڻ آهي، سقراط جي ڏاهپ کي مدنظر رکندي ڪجھ سوال ذهن ۾ اُڀرن ٿا جهڙوڪ

سقراط ڏاهو هوندي پنهنجي علمي محنت کي محفوظ ڪرڻ بابت ڇو خاموش رهيو ؟؟؟

سقراط گهڻي قدر سياست تي ڳالهيندو هو، هن معاشري توڙي زندگي جي ٻين معاملات تي ڳالهائڻ گوارا ڇو نہ ڪيو ؟؟؟

سقراط عام انسانن کي روحاني رمزن، ڏکڙن سکڙن، سماجي مسلئن بابت آگاهي کان نہ ڏني ؟؟؟

سقراط سياست کان علاوه زندگي جي ٻين رخن تي ڳالهائڻ کان آري هو، پو۽ کيس ڪهڙي بنياد تي ڏاهو قرار ڏنو ويو ؟؟؟

ڇا ڏاهو ٿيڻ ۽ فلاسافي جو ابو ٿيڻ لا۽ ڪنهن هڪ مخصوص شعبي تي عبور رکڻ ڪافي آهي ؟؟؟

منهنجي حساب سان ڪنهن بہ فرد کي ڏاهپ جي درجي تي پهچڻ لا۽ زندگي جي تقريبن سڀني شعبن تي عبور حاصل ڪرڻ گهرجي ؟؟؟

ڏاهپ تنقيد جي بهترين صلاحيت جي باوجود حاصل ٿيندو آهي، جنهن فرد ۾ تنقيد ڪرڻ جي صلاحيت ناهي اُهو ڏاهو نہ ٿو ٿي سگهي، سقراط جي پنهنجي مڪمل تاريخ خاموش آهي، سقراط پنهنجي دور ۾ تنقيد جي بنياد تي ڪو بہ ٽياڪڙو نہ مچايو هو، تہ پو۽ ڏاهو ڪئين ٿيو ؟؟؟


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو