واڄـــٽ ڪــن وڻجــار



مزاحمت ڪجي يا وري نئي حڪمت عملي جوڙجي، مسئلن تي ڳالهائجي يا ان جي برعڪس سندن حل تلاش ڪيا وڃن، توهان ڇا ٿا سمجهو، هن اڄڪلھ واري صورت حال تي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي يا وري تجويزون ۽ صلاحون پيش ڪجن، جن تي عمل پيرا ٿي ڪري من ڪا ڀلائي نصيب ٿي هن درد وندي ديس جي ماروئڙن کي

اسان وٽ هر ماڻهو اديب، هر ماڻهو ليکڪ، هر ماڻهو شاعر، هر ماڻهو شعوري فرد، پر پوءَ بہ مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءَ وڌندا ٿا وڃن، ڪڏهن سوچيو اٿئو، اصل سبب ڇا آهي، بنيادي ڪارڻ ڇا آهي، آخر ائين ڇو آهي، مسئلن جا نوا رڪاڊ هر روز ڇو قائم ٿيندا ٿا وڃن

ڪير سوچي، ڪير لوچي هن قوم لاءَ، هن قوم کان تہ سوچڻ واري سگھ بہ کسي وئي آهي، سندن ذهنن کي مفلوج بڻائي ڪري کين صدين تائين غلامي واري طوق ۾ بند ڪري رکيو ويو آهي، آخر کين سوچڻ بہ ڇو ڏنو وڃي، ڪهڙا ڪم يا منصوبا سندن منشا مطابق طئي ڪيا وڃن ٿا جو کين اهميت ڏني وڃي

بادشاهي برقرار رهي، ڏاڍ جبر توڙي هڪ هٽي پائده باد رهي، عوام جي لاءَ حد اِها مقرر ٿيل آهي جو کين وقت آهر استعمال ڪري اليڪشن مهل وڏا واڪا ڪرائبا، جلسا جلوس ڪرائبا، کين پولنگ اسٽيشنن ۾ هڪ ٻي سان گرما گرمي ڪرائي مڙئي ميلو متل رکبو، هنن کان وقت آهر ڪم وٺبو ۽ پوءَ بس فل اسٽاپ تي بريڪ هڻبي، وري نئي اليڪشن تائين کين منهن نہ ڏيکاربو

معاشري جي هر هڪ فرد کي زندگي گهارڻ لاءَ بنيادي طور تي ٽہ مکيہ سهولتون گهربل هونديون آهن، نمبر پهريو معياري تعليم، نمبر ٻيو سٺي صحت، نمبر ٽيون انصاف، هاڻ اگر جي پنهنجي جوڙيل هن سنسار طرف نظر ڪجي ٿو تہ اهي ٽئي بنيادي سهولتون اسان کي عام ماڻهو جي پهچ کان ڪوه ڏور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون

تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڪري اسان کي جهالت جي طرف ڌڪيو ٿو وڃي، نئي نسل کي محنت ڪرڻ بجاءَ ڪاپي ڪلچر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪري سندن مستقبل کي داءَ تي لڳايو ٿو وڃي، نوجوانن جي اندر ۾ پلجندڙ فني صلاحيتن کي اجاگر ٿيڻ کان پهريان ئي دفن ڪيو ٿو وڃي، سندن سنهري مستقبل جي خوابن کي تڪميل تائين پهچڻ کان پهريان ئي تباه و برباد ڪيو ٿو وڃي

ان کان علاوه هر هڪ فرد کي ڪنهن بيماري جي لاحق ٿيڻ مهل سندس نصيب ۾ خانگي اسپتالن جو رخ ڪرايو ٿو وڃي، ڀلا هر ڪنهن فرد جي وس ۾ اهو تہ ممڪن ناهي جو اهو خانگي اسپتالن جو رخ ڪري ۽ اتان ڪجھ ڏوڪڙن جي عيوض پنهنجي لاءَ صحت آبي خريد ڪري سگهي، اسان وٽ هر فرد سرندي وارو تہ ناهي نہ، اسان جي ارد گرد ڪجھ مسڪين ۽ اٻوجھ بہ تہ رهن ٿا

وري اگر جي قانون ۽ انصاف جي حاصلات تي غور ۽ فڪر ڪجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ انهن پنڌن ۽ چڪرن ۾ ڪي ئي خاندان حاضرويون کائي ڪري راھ رباني وٺي چڪا آهن، هتي ترت انصاف اڻ لڀ آهي، ننڍي ۾ ننڍي نوعيت جي ڪيس کي اڪلڻ ۾ ڪافي سارا ڏينهن لڳيو ٿا وڃن جنهن سبب انهن فردن جي ذاتي زندگي ڪنهن حد تائين تنگ دستي واري گذري ٿي، انصاف ملڻ جي اميد ۾ گهر جو الھ تلھ وڪڻي ڪري پٽ تي ايندڙ کوڙ سارا خاندان اسان توهان جي سامهون مثال طور موجود آهن

هر ادارو، هر شعبو ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آهي، مهارتن کي اجاگر ڪرڻ وارا ادارا بي مهارتا فردن جي هٿ وس آهن، جيڪي پنهنجا نوازي واري رسم جي پالنا ڪندي، نا اهل ۽ نا ڪاره فردن کي بہ ادارن جا واڳ ڌڻي بڻائي ڪري اسان توهان جي مستقبل سان هٿ چراند ڪن ٿا، هر ڪرپٽ ۽ مها چور فرد کي ٽڪي جو ڪو فڪر يا خوف نہ آهي، ڪنهن بہ ڪاموري وٽ هن ڌرتي جي واڳ ڌڻين جي روشن مستقبل جوڙڻ جي ڪا بہ حڪمت عملي موجود نہ آهي، هر ڪو بس صرف پاڻ چمڪائڻ جي چڪر ۾ آهي

هر تڪليف، هر ڀوڳنا، هر اهنج توڙي سهج صرف جو صرف هتان جي عوام جي نصيب ۾ لکيل آهي، چند ڏوڪڙن عيوض عزتون پائمال ٿين ٿيون، شريف ماڻهن جي عزت نفس کي ڇهيو رسايو وڃي ٿو، هر اهل ۽ قابل ماڻهو کي هيڏي هوڏي دربدر ڪري کيس نفسياتي طور انتهائي اذيت ۾ مبتلا ڪيو ٿو وڃي، نئي نسل کي اڳتي آڻڻ بجاءَ کين آواره ۽ ڇڙواڳ ڇڏي ڪري کين آوارگي جو درس ڏنو ٿو وڃي، پوءَ وري ٿيڻو ڇا آهي، نسلن جا نسل تباه، مستقبلن جا مستقبل تباه، شهر تباه، ڳوٺ تباه، هر وستي توڙي واهڻ تباه، پنهنجي ديس ۾ ويٺي هر فرد ويڳاڻو ۽ دربدر، هن هيڏي ساري حال جو ڪنهن سان حال اورجي، ڪنهن در دانھ ڏجي، ڪنهن کي پنهنجو همدرد سمجهي سور سلجن، بس خاموش لڙڪن سان هن ڌرتي جو هر فرد جهنگ جوٽيو ويٺو آهي

هن هيڏي ساري لاتعلقي جي هوندي بہ اگر جي هن دفعي اسان توهان ايندڙ اليڪشن ۾ ترت ۽ لائڀاتا فيصلا نہ ڪيا ۽ وري انهن ئي ساڳين چهرن کي ڪامياب ڪرائي ايوانن تائين پهچايو تہ پوءَ پڪ ڄاڻو سنڌ پوري هڪ صدي تائين دنيا جي ڀيٽ ۾ پوئتي هلي ويندي، هاڻي واري اليڪشن اسان توهان کي آخري موقعو آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي تقدير جو فيصلو پنهنجي مرضي مطابق ڪري سگهون ٿا، ڇو تہ تاريخ ڪڏهن بہ ڪنهن بہ قيمت تي ڪنهن کي بخش ناهي ڪندي، اگر جي هن دفعي بہ اسان سست روي توڙي ٿڌائپ کان ڪم ورتو تہ پوءَ اسين تاريخ جا گنهگار ٿي پونداسين، پنهنجي ايندڙ نسل جا گنهگار ٿي پونداسين، اسان کي پنهنجي صفائي ۾ ڪجھ بہ پيش ڪرڻ لاءَ باقي نہ بچندو، ان لاءَ اچو تہ وڻجار بڻجي ڪري واڄٽ ڪريون

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو