سُنسان راهون

پيار جا پيچرا ڏسڻ ۾ تہ وسيع نظر ايندا آهن ليڪن اِنهن پيچرن جي پنڌن کي اهو ئي سيلاني سمجهي سگهي ٿو جيڪو اِنهن پيچرن تي هليو هجي، جنهن پنهنجيون جُتيون پيار ۾ پنڌ ڪري گَسايون هجن

 ٻالڪپڻ ۾ جڏهن نئون نئون عشق لڳو هو تڏهن پرين جي هر هڪ مرڪ، نهار ۽ نظر من کي موهي ڇڏيندي هئي، دل جو گلشن باغ و بهار ٿي ويندو هو، پوري ڪائنات کان بي خبر ٿي ڪري سموريون سوچون بس هڪ ئي ماڻهو ڏانهن مرڪوز ٿي وينديون هيون

 وقت سان گڏوگڏ پيار کي ماپڻ جا پئيمانا بہ تبديل ٿي ويا، جن محبوبن جي تانگ هڪ پل بہ ويهڻ نہ ڏيندي هئي هاڻ انهن محبوبن کي ورهين تائين بہ نہ ڏسڻ جو اُلڪو نٿو ٿي، چاهتون جَهڪِيون ٿيڻ لڳيون آهن

 ڳوٺ جي رستن تي هلندي هاڻ جڏهن انهن تي نظر پوي ٿي تہ الاءَ ڇو نيڻ پاڻهي ڄاڻ شرم وچان جُهڪي ٿا پون ۽ اندر مان اِهو آواز اچڻ شروع ٿي ٿو تہ” بس هاڻ فاصلن ۾ ئي محبت جي بقا رکيل آهي اڪثر ويجهڙايون محبتن جو قاتل ثابت ٿيون آهن


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو