سنڌ اندر ميرٽ سان ٿيندڙ هٿ چراند

تعليم جو شرع جيتوڻيڪ سنڌ اندر تمام گهٽ آهي، ليڪن اُن جي باوجود ڪافي سارا شاگرد وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري ڊگريون حاصل ڪن ٿا، اُن جي باوجود وري جڏهن سنڌ حڪومت نوڪريون ڏيڻ جي ڪري ٿي تہ اُن مهل سندس اميدن تي پاڻي ڦيريو وڃي ٿو ۽ ميرٽ جا جنازا ڪڍيا وڃن ٿا، ڪجھ وقت پهريان وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ صاحب ٽيسٽ ۾ فيل ٿيندڙ اميدوارن کي بہ نوڪرين جا آڊر ڏنا ۽ اُهي آساني سان معاشري اندر ڊاڪٽر بڻجي ويا، ان کان علاوه وري هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل امتحانن ۾ بد عنوانين ۽ پنهنجا نوازي جا بہ چرچا عام ٿيڻ لڳا آهن جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ اندر ميرٽ جو ڪو بہ خاڪو موجود نہ آهي. سنڌ جا ماڻهو مجموعي طور تہ شديد تڪليفن، سورن ۽ صدمن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ سندس ضروريات زندگي جا مڙني وسيلا غاضبن وٽ يرغمال بڻيا پيا آهن ليڪن اُن جي باوجود بہ سنڌ اندر حڪومت طرفان ڪو بہ اهڙو ئي منصوبو يا حڪمت عملي موجود نہ آهي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي تہ سنڌ حڪومت جو هي قدم ساراھ جوڳو آهي يا سندس گڻ ڳايا وڃن، سنڌ جا ماڻهو هميشه جيان پنهنجي ووٽ جي عيوض تڪيلفون ۽ در بدريون موٽ ۾ موصول ڪن ٿا ۽ خدا جي رضا ۾ راضي رهڻ جا عادي ٿي ويا آهن. تعليم سان شعور ايندو آهي، شعور وسيلي چڱي ۽ بُري جي تميز پيدا ٿيندي آهي ۽ اِها تميز وري بهترين معاشري اڏڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، اسان جي معاشري قدرن جو هن مهل ڏيوالپڻو تہ توهان اسان جي سامهون آهي ليڪن اِن جي باوجود تعليم کي ڄڻڪ حڪومتي ايجنڊا ۾ شمار ئي نٿو ڪيو وڃي، هر ڏينهن تعليم جي شعبي ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ، ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر ۽ پنهنجا نوازي جو عنصر گهٽجڻ بجاءَ اڃا وڌيڪ سگهارو ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو سڄو سارو اثر ميرٽ تي پئجي رهيو آهي ۽ ميرٽ سان هٿ چراند هر دفعي ڪئي ٿي وڃي، لفظ ميرٽ کي ايترو تہ خوار ۽ خراب ڪيو ويو آهي جو ڄڻڪ هاڻ اسان وٽ اِهو لفظ ميرٽ مشڪوڪ ٿيڻ لڳو آهي. هڪ طرف 2012 ۾ ماستري جي ورتل ٽيسٽن ۾ بدعنوانين ۽ جڳاڙن جون خبرون عام ٿيڻ لڳيون آهن تہ وري ٻي طرف سنڌ اندر سنڌ کان علاوه ٻين صوبن جي ڊوميسائيل رکندڙ فردن کي بہ نوڪريون ڏيڻ جون افواهون بہ ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، سنڌ جي مجموعي طور پڙهيل لکيل گروھ کي ڪٿي بہ ڪنهن سرڪاري نوڪري ملڻ جو پڪو ۽ چٽو امڪان نظر نہ ٿو اچي تہ وري ٻي طرف تعليم جي طرف ماڻهن جو رهجان بہ گهٽجڻ لڳو آهي جنهن جو مکيہ سبب ئي اِهو آهي نوڪرين جو نہ ملڻ ۽ ميرٽ سان ٿيندڙ هٿ چراند ٿيڻ جا قضا، اهڙي ريت وري بہ نقصان جو منهن سنڌ جي ترقي ۽ واڌ ويجھ کي ڏسڻو ٿو پئي، سنڌ جديد ٿيڻ بجاءَ قديم ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي. هر سال يونيورسٽين مان انيڪ هوشيار ۽ قابل شاگرد پاس ٿي ڪري ڊگريون وٺي وڃن ٿا ليڪن حڪومت طرفان انهن جي بهتر مستقبل لاءَ ڪوبہ جوڳو انتظام يا بندوبست ناهي ٿيل جنهن سبب اڪثر قابل ۽ هوشيار شاگرد گهر ڀيڙو ٿي ڪري پنهنجي مستقبل کي تباھ ڪري ٿا ڇڏين ۽ سندن تخليقي صلاحيتون ڪار آمد ٿيڻ بجاءَ بي ڪار ٿي وڃن ٿيون، جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان ڪجھ اهڙا پروگرام يا حڪمت عمليون جوڙي جن جي وسيلي هر سال يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن کي پنهنجي قابليت جي آڌار تي جانچي ڪري کين سندن لاڳاپيل شعبي ۾ روزگار فراهم ڪيو وڃي تہ شايد سنڌ اندر تعليم جي اهميت جي گراف ۾ واڌارو ٿي ۽ ميرٽ جي تقدس پڻ بحال ٿي جنهن جي بنياد تي ماڻهن جو تعليم جي طرف لاڙو وڌي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا جو تناسب گهٽجڻ بجاءَ وڌي پوي، ليڪن افسوس تہ حڪومت سنڌ انهن مڙني سڀني پهلوئن کان مڪمل طرح سان ڪن لاٽار ڪيون ويٺي آهي. هن مهل سنڌ اندر پڙهيل لکيل نوجوانن جي اڪثريت مايوسي جو شڪار آهي ۽ اِن فڪر ۾ مبتلا آهي تہ سندس مستقبل ڇا هوندو، روشن يا اونداهو، ڇو تہ سنڌ حڪومت کين مستقل نموني سان روزگار جا وسيلا فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، ڪجھ عرصو پهريان روزگار ڊاٽ ڪام نالي ٺاهيل ويب گاھ بہ هن مهل سنڌ جي ڪنهن هڪ بہ نوجوان کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو سبب نہ ٿي سگهي آهي، مطلب تہ حڪومت جو اهو تجربو بہ ناڪام ثابت ٿيو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بہ هميشه جيان ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ ڪامورا شاهي جي اشارن تي هلندي نا اهل فردن کي ٽيسٽن ۾ پاس ڏيکاري نوڪرين سان نوازي پئي، آخرڪار انهن کان پڇي ڪير، انهن جو احتساب ڪري ڪير، سڀ جا سڀ حڪومتي ڪارندا اگهور ننڍ ستل آهي ۽ سنڌ اندر ميرٽ سان هٿ چراند ٿيندا رهن ٿا جيڪي تاريخ جي صفن ۾ نئي تاريخ رقم ٿيندي رهي ٿي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن وقت انهن نا انصافين ۽ نا جائزين جو حساب انهن ڪرپٽ ۽ بي ضمير ڪامورن توڙي سياستدانن کان طلب ڪندي 


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو