عورتن جون درد ڪهاڻيون

قسط ٻيون

پورو ڏيھ ڏکن، درد ۽ پيڙاهن جي قصن سان ڀريو پيو آهي ليڪن اُن جي باوجود قدرت واري طرفان پيدا ڪيل دنيا جي حسين ترين تخليق، جنهن کي عورت چئجي ٿو، سا تخليق هن مهل انيڪ تڪيلفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هي مرداڻو سماج عورت کي اڃا تائين اُهو مقام عطا ڪري نہ سگهيو آهي جيڪو مقام عورت حق لهي ٿي، اسان جي معاشري منجھ جهڙوڪ هر فرد ڪهاڻي آهي ليڪن اُن جي باوجود عورتن جي نصيب ۾ درد وري ڪجھ سوايو آهي، هتي هن تحرير وسيلي آءُ انهن عورتن جي درد ڪهاڻين کي اوهان آڏو پيش ڪندس جن جي دردن کان دنيا ڪن لاٽار ڪري کين احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪيو

حيدرآباد جي هڪ نجي اسڪول ۾ مون نوڪري لاءَ اپلاءَ ڪيو، انٽريو ڪال آئي آءُ تيار ٿي ڪري ٻي صبح جو اُن شاندار اسڪول جي صحن ۾ پهتس، انٽريو ٿيو، جيڪو يقينن منهنجي حساب سان بهترين ٿيو، انٽريو کان پوءَ آءُ اُن اسڪول جي ٻاهران ٺهيل لان ۾ پنهنجي خيالن ۾ گم سم ڪجھ گهڙيون ويهي رهيس تہ اچانڪ اُتي هڪڙي ڇوڪري بي ڌڙڪ منهنجي ڀرسان اچي ڪري ويهي رهي، ڪجھ گهڙين جي خاموشي کان پوءَ مون سان گفتگو جو آغاز ڪندي مون کان منهنجو نالو ۽ منهنجي شهر جو نالو پڇيائين، مون کيس ٻڌايو ۽ پوءَ وري پنهنجو نالو ۽ پنهنجي تعليمي قابليت وغيره بہ ٻڌايائين، مون کي حيرت اُن مهل ٿي جنهن مهل مون کي چيائين تہ منهنجا ابو ۽ امان هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، گهر ۾ ٻہ ڀائر آهن سي بہ معذور ۽ لاچار، آءُ انهي مفلسي کي منهن ڏيڻ لاءَ هن اسڪول ۾ آئي آهيان تہ جئين هتي نوڪري ملي سگهي ۽ اسان جو گذر سفر بهتر ٿي سگهي

ڪجھ ساعتون چپ رهي ڪري وري پنهنجي ڳالھ کي جاري رکندي وراڻي:” جيتوڻيڪ اسين هن مهل انتهائي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ليڪن اِن جي باوجود آءُ هاڻ هن اسڪول جي طرفان ملندڙ نوڪري کي ڪنهن بہ قيمت تي قبول ڪونہ ڪنديس“، سندس ڳالهيون ٻڌي ڪري مون کي ڪنهن قدر حيرانگي ٿي تہ آيا ڪا چري آهي صفا جو آئي بہ نوڪري ڪاڻ آهي ۽ هاڻ وري جڏهن کيس شايد نوڪري ملڻ تي آهي تہ وري چئي ٿي تہ آءُ نوڪري ڪانہ ڪنديس، مون کانس اِهو پڇيو تہ آخرڪار اوهان نوڪري جي آفر کي ڇو ٿا ٺُڪرايو، ڪهڙو سبب آهي جو اوهان پنهنجي ئي عمل جي نفي ڪري رهيا آهيو ۽ پنهنجي روزگار تي پاڻ ئي لت ڇو ٿا ڏيو

نماڻن نيڻن سان مونڏي نهاري ڪري چوڻ لڳي:” عورت کي دنيا جي هر بازار ۽ ميلي ۾ ويڪائو مال سمجهيو ٿو وڃي، هتي آءُ جنهن خوابن کي ساڻ کڻي ڪري آئي هيس هاڻ اُهي چڪنا چور ٿي چڪا آهن، هتي منهنجو انٽرو وٺندڙ صاحب مون کي اهو چيو تہ تون کي هڪ شرط تي هتي نوڪري پڪي ٿي ملندي جيڪڏهن تون مون سان دوستي رکي ۽ جئين اسان تو کي چونداسين تئين تو کي ڪرڻو پوندو ۽ اگر جي جيڪڏهن تنهنجو جواب نہ آهي تہ پوءَ مهل سان وڃي ڪري ٻيو ڪو در کڙڪائي هتي اسان وٽ تنهنجي لاءَ جڳھ ناهي
هاڻ توهان ئي ٻڌايو آءُ ڇا ڪريان

پنهنجي بي وسي جي دانهن ڪنهن کي ڏيان

پنهنجي گهر جي ڀاتين جي مفلسي جي ڳالھ ڪنهن فرشتي صفت انسان سان اوريان جيڪو منهنجو مدد بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪري يا پنهنجي عزت جو سودو هنن رهزن صفت انسانن سان ڪيا

اِها ڪٿا ٻڌائيندي سندس اکين مان بي دڙڪ لڙڪ جاري ٿيڻ لڳا، اکين مان وهندڙ لڪڙن سان منهنجي سامهون اُٿي ڪري هلي وئي ۽ آءُ خاموش تماشائي بڻجي ڪري سندس بي وسي تي سوچيندو رهيس

----- هلندڙ----




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو