عجيب اتفاق…!

ڪيڏو نہ عجيب اتفاق آهي جڏهن ڪو فرد قوميت جي مفهوم کي وساريندي پنهنجي برادري کي قوم سڏڻ شروع ڪري، اِهو لمحو انتهائي درجي جو اذيت ڏيندڙ هوندو آهي، آءُ دوستن سان هڪ هوٽل تي ويٺو هيس تہ اُتي ٻہ همراھ اچي ڀرسان ويٺا، ڪنهن سنجيده عنوان تي بحث ڪري رهيا هئا، سندن گفتگو مان ائين معلوم ٿي رهيو هو تہ شايد انهن جي برادري جي ڪجھ ماڻهن جو ٻي ڪنهن برادري جي ڪجھ ماڻهن سان ڪو تنازو هلي رهيو هو، هِي ٻئي صاحب انهي تنازي تي ٽيڪا ٽپڙي ڪري رهيا هئا

سندس گفتگو مان هڪ لفظ مون کي بار بار اندر منجھ ڇيهو رسائي پيو، ۽ آءُ انهن جي ناداني تي اندر ئي اندر ڳوڙها ڳاڙي رهيو هيس، هي ٻئي صاحب ڏسڻ وائيسڻ ۾ نج سنڌي لڳي رهيا هئا ۽ سندس گفتار توڙي ٻاهري ڏيک مان اِهو چٽو صاف نظر اچي رهيو هو تہ هُو ڪنهن بہ صورت ۾ پٺاڻ، پنجابي يا بنگالي توڙي برمي ڪونہ هئا، ليڪن اُن جي باوجود هي ٻئي صاحب پنهنجي گفتگو ۾ پنهنجي برادري جي ڳالھ ڪرڻ مهل اِهو جملو ورجائي رهيا هئا تہ” اسان جي قوم هي ڪم ناهي ڪيو، اسان جي قوم ۾ اهڙا فرد ڪونہ آهن، اسان جي قوم جا ماڻهو انتهائي شريف آهن

هتي هنن جي گفتگو ۾ لفظ قوم کي ذات ۽ برداري جي جڳھ تي قطب آندو پي ويو، حالانڪ حقيقتن هنن ٻنهن دوستن جي قوم بنيادي طور تي سنڌي قوم آهي، ليڪن الاءَ ڇو کين پنهنجي اِن غلطي جو احساس نہ پي ٿيو، انهي ساڳي لفظ کي بار بار ورجائيندي هُو منهنجي صبر جي پيماني کي اڀرڻ تي مجبور ڪري رهيا هئا

آخر مون سندن ڳالھ کي ڪٽيندي کين قوم جي مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پهريان ٿورو ڊپ ٿيو ڇو تہ اسان وٽ ماڻهو اصلاح کي تمام گهٽ صورتن ۾ قبول ڪندا آهن، ليڪن وري اهو خيال ذهن تي تري آيو تہ جيڪڏهن مون هنن جي هن وقت اصلاح نہ ڪئي تہ هي دوست هي غلطي نہ ڄاڻ اڃا الاءَ ڪيترو دفعو ورجائيندا ۽ هي غلطي سندن نسل در نسل فردن ۾ منتقل ٿيندي رهندي، سو ساڻن معذرت ڪري اهو چيم تہ” قبلا محترم اوهان ڪجھ دير کان وٺي ڪري جنهن مسئلي تي ڳالهائي رهيا آهيو مون کي ان سان ڪو غرض ڪونہ آهي ليڪن توهان پاران گفتگو ۾ هڪڙو لفظ ورائي ورائي ڪري غلط استعمال ڪيو ٿو وڃي جيڪو عمل مون کي ڏکائي ٿو

منهنجا اِهي لفظ ٻڌي ٿورا پريشان ٿيڻ لڳا، مون ڳالھ کي جاري ڪندي کين چيو” سائين اسين سنڌ اندر رهندڙ سڀئي فرد مجموعي طور سنڌي آهيون، اسين سڀ هڪ قوم آهيون، توهان پنهنجي ڳالھين ۾ پنهنجي برادري/ذات کي قوم چئي رهيا آهيو، قبلا توهان ٻئي مون کي تہ هڪ ئي قوم جا فرد ڏسڻ ۾ ٿا اچو ۽ يقينن اوهان ٻئي سنڌي آهيو، جنهن جي حساب سان اوهان ٻنهي جي قوميت هڪ ئي ٿي، مطلب سنڌي، پوءَ بہ اوهان الاءَ ڇو هڪ ٻي کي الڳ الڳ قوم ڪري پيش پيا ڪريو“، منهنجي ڳالھ انهن ٻنهي فردن مان هڪ کي مڪمل طور تي سمجھ ۾ آئي جنهن منهنجي ڳالھ سان اتفاق ڪندي چيو تہ” هائو سائين اسين واقعي پنهنجي گفتگو ۾ اِها غلطي ڪري رهيا هئاسين ليڪن هاڻ ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي، انشاءَ الله آئينده ائين نہ ٿيندو“

منهنجي سمجهاڻي ڏيڻ جو فائدو اِهو پيو تہ انهن دوستن مون طرفان پيتل چانھ جو بل پاڻ ادا ڪيو ۽ کلندي کيڪاريندي مون کان موڪلائيندي پنهنجي وٿاڻن طرف روانا ٿيا، آءُ سندن حال تي سوچيندي ڪي ئي ساعتون هوٽل تي ويٺو رهيس




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو