وزير تعليم ڏانهن کليل خط

جناب سيد سردار علي شاھ صاحب
اسلام عليڪيم - جئي سنڌ جناب اعلي اميد اٿم تہ اوهان خيرت سان هوندا، اڄ اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو منهنجو مقصد وقت جي حساب سان انتهائي سنجيده ۽ اهم آهي جناب اعليٰ جئين تہ ڪجھ مهينا پهريان جناب وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ صاحب ڪجھ ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا هئا، جنهن ۾ ڊاڪٽرن جي اڪثريت ٽيسٽ ۾ فيل ٿي هئي، ليڪن اِها سندن خوش قسمتي هئي يا وزير اعليٰ سنڌ جو معجزو هو جو سائين جن اِهو حڪم نامو جاري ڪيو تہ ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي شديد کوٽ آهي جنهن سبب ٽيسٽ ۾ فيل ٿيل ڊاڪٽرن کي بہ نوڪريون ڏنيون وڃن سائين منهنجا ائين توهان بذات خود ميرٽ جا جنازا تہ نہ کڻو، فيل ٿيلن کي بہ ڪڏهن تاريخ ۾ ڪنهن ملڪ يا حڪومت نوڪريون ڏنيون آهن جو اوهان جي حڪومت ڏي پئي ان کان علاوه وري ساڳي ئي وزير اعليٰ صاحب جي حڪم نامي تحت هاڻ وري ويجهڙائي ۾ نون ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن منجھ اِهو پراڻو خدشو پڻ موجود آهي تہ وري بہ ساڳيو طريقو اختيار ڪري فيل ۽ پاس ٿيندڙن کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڪري آڊر ڏنا ويندا، اگر اِهو ساڳيو ئي طريقو ۽ تماشو رهيو تہ پوءَ يقين مڃون تہ سنڌ مان لفظ تعليم باقي وڃي ڊڪشنرين ۾ بچندو توهان سان هن واقعي جو ذڪر ڪرڻ ان لاءَ مناسب سمجهيم جو توهان کي اصل وارتا هاڻ ٻڌائي رهيو آهيان ڪجھ ئي ڏينهن ۾ سکر آي بي اي پوري سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي ۽ خاص طور تي بي ايڊ پاس فردن کان جي اي ايس ٽي جي نوڪري واسطي ٽيسٽون وٺڻ واري آهي، اصل ڳالھ اِها تہ هڪ طرف توهان جو سخي وزير اعليٰ مراد علي شاھ صاحب فيل ٿيندڙ کي بہ نوڪريون ڏي پيو تہ وري ٻي طرف توهان جي ئي وزارت جي قلمدان ۾ اسان سان ناجائزي ٿئي پئي ناجائزي ڪئين اچو تہ ان جي وضاحت ٿو ڪريان نا جائزي ائين تہ سائين هن مهل جي ايس ٽي جي نوڪري خاطر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪافي سارن اهڙن اميدوارن اپلائي ڪيو آهي جن يونيورسٽين مان بي ايڊ آنرس ڊگري ڪئي آهي، اُن جي باوجود توهان جي حڪومت طرفان انهن شاگردن لاءَ اهڙو ڪو خاص رليف نہ رکيو ويو آهي جنهن مان اِهو تاثر ملي تہ آيا بي ايڊ آنرس جي ڊگري رکندڙ فردن کي خاص اوليت ڏني وئي آهي، هن مهل هڪ طرف هڪ سال جي بي ايڊ ڊگري رکندڙ فرد آهن تہ وري ٻي طرف بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ فرد، ان لاءَ هجڻ ائين کپي ها تہ اوهان جنهن مهل سکر آي بي اي کي نوڪرين خاطر ٽيسٽ وٺڻ جو ٺيڪو ڏنو اُن مهل توهان سکر آي بي وارن کي ان ڳالھ جو پابند بڻايو ها تہ اُهي بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ فردن ڪنهن خاص يا مخصوص حصي ۾ اوليت ڏين ها جنهن مان اهو تاثر پيدا ٿي ها تہ انهن کي اوليت ملي آهي جنهن سان وري بي ايڊ آنرس ڊگري جي اهميت بہ وڌي ها هڪ طرف اُهي شاگرد آهن جن پنهنجي زندگي جا چار اهم سال اِن ڊگري جي حاصلات لاءَ ڏنا ۽ وري ٻي طرف اُهي فرد آهن جن ڪجھ ڏوڪڙن جي عيوض بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، هاڻ الميو اِهو آهي تہ هَن مهل اَنهن ٻنهي ڊگري هولڊر فردن ۾ ذرو برابر بہ فرق نہ آهي ٻئي فرد ٽيسٽ ۾ ويهي سگهن ٿا ۽ ٽيسٽ ڏئي سگهن ٿا ڇا نرسنگ ۽ ايم بي بي ايس جي ڊگري هڪ جيتري اهميت جو حامل آهي ڇا ڊسپينسري ۽ نرسنگ ڀلا هڪ جيتري اهميت جو حامل آهي ڇا هيلٿ ٽيڪنيشن ۽ نرسنگ ڀلا هڪ جيتري اهميت جو حامل آهي ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي تہ هڪ ڊپلوما هولڊر فرد ۽ ڊگري هولڊر فرد هڪ ئي پوسٽ لاءَ هڪ جيترا اهل هجن لازمن نہ، ڇو تہ انهن ڊگرين ۽ ڊپلومائن ۾ وقت، ڪورس ۽ سبجيڪٽن جو وڏو فرق هوندو آهي، ڪٿي ڊپلوما ۽ ڪٿي ڊگري ڇو تہ ريگويلر ڊگري ۽ جڳاڙي ڊپلوما ۾ وڏو فرق هوندو آهي، پر پوءَ بہ الاءَ ڇو توهان جهڙي باشعور فرد کي اهو فرق نظر نہ آيو جو اوهان هڪ ڪاليج جي ڊپلوما مثل ڊگري ۽ يونيورسٽي جي مڪمل آنرس ڊگري کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي جناب اعليٰ توهان طرفان اهليت کي ماپڻ ۽ جاچڻ جي اِن معيار سنڌ اندر بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ ڪافي فردن ۾ عجيب قسم جو مونجهارو ۽ دل شڪستا رويو پيدا ڪيو آهي ۽ ان لحاظ سان بي ايڊ آنرس ڊگري جي ساک کي بہ ڇهيو رسيو آهي، هاڻ بہ وقت ويو ناهي بي ايڊ آنرس ڊگري رکندڙ فردن لاءَ ڪا آساني يا بهتري فراهم ڪري توهان انهن جي اندر ۾ پليل مونجهاري ۽ مايوسي کي ختم ڪري سگهو ٿا، اگر ائين ڪريو تہ اڃا بهتر، جي نہ ٿا ڪري سگهو تہ پوءَ يقينن اوهان کي بہ ٻين سياستدانن وانگر عام رواجي سياستدان تسليم ڪندي سنڌ جو نوجوان اوهان طرفان مايوس ٿي ويهي رهندو ۽ سنڌ جي عظمت تي لکيل اوهان جي نظمن ۽ شعرن کي ڏيکاءُ سمجهي پنهنجي پاڻ سان سمجهوتو ڪري وٺندو

 سنڌ سلامت - ساٿ سلامت
 دعاڳو يوسف جميل لغاري ٺري ميرواھ

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو