موت ۽ منهنجي اندر جو وهم

موت هڪ اهڙو تہ ڳوڙهو عنوان آهي جنهن بابت سوچيندي دماغ جا سڀئي در بند ٿيو وڃن، جڏهن موت بابت ڪِن ڪتابن جو اڀياس ڪجي ٿو تہ دماغ خشڪ ٿيو وڃي، ڇو تہ پڙهيو ويندڙ مواد هميشه ذهن تي پنهنجا اثر ڇڏيندو آهي، اِهڙي ريت هن عنوان کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻڪ ڏاهپ، عقل ۽ فهم وقت کان اڳئي ختم ٿيندا هجن موت بابت هر هڪ فرد، ڏاهي، فلاسافر ۽ دانشور جا پنهنجا پنهنجا الڳ رايا ۽ نقطا نظر آهن، ليڪن اُن جي باوجود اِهي سڀ فرد هِن ڪيفيت/حالت کان انروني طور خوفزده ٿيندا آهن ڀلا ڪير چاهيندو تہ اهو عيش عشرت واري زندگي کان محروم ٿي ڪير چاهيندو تہ هُو پنهنجي خوبصورت زال کي اڪيلو هن دنيا ۾ ڇڏي ڪري پاڻ وڃي قبر ۾ قابو ٿي ڀلا ڪير چاهيندو تہ هن دنيا جون سڀ رونڪون سندس اکين کان اوجهل رهن يقينن ڪير بہ نہ ليڪن موت هڪ حقيقت آهي جنهن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، ڪنهن بہ وقت آدم کي سڏ ٿي سگهي ٿو ۽ تنهن ئي گهڙي دم ٻاهر، همراھ پورو روزاني سوين، هزارين موت ٿين ٿا، ڪجھ حادثاتي طور، ڪجھ غفلتن جي عيوض، ڪجھ درد ۽ پيڙاهن کان پنهنجي جند آزاد ڪرائڻ لاءَ خودڪشي جي صورت ۾، ڪجھ وري ٻين هٿان قتل ٿيڻ جي روپ ۾ مطلب تہ هن درتي تي هر پل آدم جي خون جي هولي پئي هلندي آهي جيڪا رُڪجڻ جو تہ نالو ئي نٿي وٺي آءُ موت کان انتهائي درجي تائين خوفزده ٿيندو آهيان، مون کي اِهو گمان ٿيندو آهي تہ جيڪڏهن آءُ وقت کان اڳي مري پيس تہ پوءَ شايد منهنجو وجود، منهنجي شخصيت ۽ منهنجي ڏات فنا ٿي ويندي، آءُ پنهنجي ڏات کي بقا ڏيڻ جي لالچ ۾ موت واري فهم ۽ فڪر کان الاهي پري هليو ويو آهيان، مون موت کي ايتري قدر تہ وساري ڇڏيو آهي جو اگر جي ڪڏهن قسمت سان مون کي موت ياد پوندو آهي تہ آءُ صفا ڳاڙهو ٿي ويندو آهيان، منهنجي جسم ۾ رت جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي، منهنجي دل جي دڙڪن تيز ٿي ويندي آهي مون انيڪ ڏاهن، دانشورن ۽ عالمن کان ان بابت پڇيو آهي تہ آخرڪار مون سان ائين ڇو ٿو ٿي، آءُ موت کان ايترو خوفزده ڇو آهيان ليڪن ڪنهن بہ اڄ ڏينهن تائين مون کي ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ناهي ڏنو، بس سڀني مجموعي طور ائين ئي چيو آهي تہ” تون کي پنهنجي زندگي سان گهڻو پيار آهي جنهن سبب تون کي فنا ٿيڻ جو خوف جاڳي پيو آهي“، هڪڙي ڏاهي تہ صفا ڪمال جو جواب ڏنو ۽ چيائين” اِهو سڄو ڪجھ تنهنجو وهم آهي، تون کي موت کان خوف نہ پر تون کي هڪ وهم جو اثر آهي، وهم جو علاج تہ حڪيم لقمان وٽ بہ ڪو نہ هو اِن لاءَ اسان تنهنجي لاءَ ڪجھ بہ نہ ٿا ڪري سگهون دانشورن، ڏاهن ۽ اهل علم جي فردن جا اِهڙا رايا ٻڌي ڪري هاڻ آءُ هن ٽياس تي اچي ٽنگجي پيو آهيان تہ آيا اِهو سڀ ڪجھ منهنجو وهم آهي يا خوف

   

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو