جديد محبت

هُن کي جڏهن مون سان پهريون دفعو پيار ٿيو هو تنهن وقت دنيا اڃا ايتري گهڻي ترقي ڪونہ ڪئي هئي جيتري هاڻ ترقي ڪري چڪي آهي اسين هر روز منجهند جو هڪ ٻي سان ڳوٺ جي گهٽين ۾ ملاقاتون ڪري هڪ ٻي سان دل جون ڳالهيون اوريندا هئاسين دنيا ترقي ڪئي پوءَ آهستي آهستي وقت جي رفتار سان گڏ اسان جي محبت بہ جديد ٿيندي وئي، پهريان خط، وري موبائلن منجھ سڪ ڀريا سنهيا ۽ لبي بات آفر تي ڊگهيون ڪچهريون، هلندي هلندي فيس بڪ ۽ واٽس اپ تي فوٽو ۽ وائيس پيغامن سان قرب ڀريون ڪچهريون ۽ ائين دنيا سان گڏ اسان بہ جديد ٿيندا وياسين ۽ هاڻ هُو مون سان اي ميل (E Mail) تي ڪچهريون ڪندي آهي، سڀ ڳالهيون، ڏوراپا ۽ خط اي ميل وسيلي لکندي آهي، آءُ ان ڳالھ کي بخوبي سمجهي سگهان ٿو تہ واقعي اڄڪلھ جي محبت، جديد محبت آهي

  

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو