ثقافتي رنگ


هي ڏينهن جيڪو اسان سنڌين لاءَ عيد جو ڄڻ ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي سڀئي سهڻا سيبتا، سٻاجهڙا سنڌي، ٽوپي ۽ اجرڪ جي نرالي رنگن سان رنڱجي ڪري مهڪندا آهن، ٽهڪندا آهن، جهمريون هڻندا آهن، سنڌو دريا جي سلامي ڀريندا آهن ۽ اهڙي ريت پوري سماج اندر محبت جي هڪ نئي لهر پيدا ٿيندي آهي جيڪا صدين کان قائم ٿيل نفرت جي ڪوٽن کي ڪيري وجهندي آهي، اسان توهان سڀ هڪ ئي رنگ و نسل ۽ لباس جي هڪجهڙائي ڪري هڪ ٿي ويندا آهيون

در اصل اسان جي ثقافت جو اِهو جُز، اِهو پهلو دلالن کان برداشت نہ ٿو ٿي، هُو سمجهن ٿا تہ جنهن مهل اِن ايڪتا جي نالي سان سڀئي سنڌي حقيقي ايڪتا ۽ ٻڌي جي لڪير ۾ گڏ ٿي پيا تہ يقينن اُنهي گهڙي کين وڌيڪ لاءَ قابو نہ ڪري سگهبو، کين سُهڻا خواب ڏيکاري ڪري وڌيڪ برگلائي نہ سگهبو، اُنهي گهڙي هي ڌرتي پنهنجو پاسو بدلائيندي، ظالم طبقو مظلوم بڻجي پوندو ۽ مظلوم طبقو طاقتور ٿي ڪري آزاد فزا ۾ سُک جو ساھ کڻڻ لڳندو

اچو تہ ڌرتي سان وچن ورجايو ۽ ترقي بني آدم لاءَ هر ممڪن ڪوشش ڪريون، پنهنجي ڌرتي کي خوشحال بنائڻ لاءَ ڏينهن رات محنت ڪري، سنڌ ڌرتي مان جنت جي خوشبو پيدا ڪريون



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو