هي تنهنجا زلف سڄڻ

ڇا لکجي تنهنجي ادائن تي، تنهنجي نگاهن تي، تنهنجي مسڪراهٽ تي، تنهنجي ملڻ ۽ کلڻ تي، تنهنجون سڀئي ادائون هڪ ٻي کان اُتم ۽ اعليٰ درجي جون آهن، ليڪن اڄ دل چيو تہ تنهنجي اُنهن ڪاريهر نما زلفن تي طب آزمائي ڪجي، جن جي هر هڪ ور وڪڙ مون کي تو وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنجون سڀئي صفتون جيتوڻيڪ هڪ ٻي جي مقابل هڪ ٻي کان وڌيڪ ۽ پُرڪشش آهن ليڪن الاءَ ڇو پوءَ بہ تنهنجا هي ڪارا زلف منهنجو ڌيان تو ڏانهن پاڻهي ڇڪائي ٿا وجهن

آءُ دير سوير زماني جي ڪشمڪش کان جڏهن واندو ٿي ڪري تو کي سوچڻ لڳندو آهيان تہ تڏهن منهنجي من جا سڀئي مُرجهايل گل ٽڙي پوندا آهن، تنهنجي چاهت جو ايترو اثر ٿيو آهي جو آءُ خوش رهڻ لڳو آهيان، ائين کڻي سمجھ تہ مهڪي ۽ ٻهڪي پيو آهيان، دل جو نگر آباد ٿي پيو آهي ۽ دنيا جا سڀ بي رنگ خاڪا رنگين نظر اچڻ لڳا آهن، ويران ٿيل دل جون سڀئي راهون سر سبز ٿي ويون آهن، آءُ تنهنجي چاهت جو چريو عاشق ٿي پيو آهيان

منهنجي انهي انداز کي ڏسي ڪري هاڻ تہ مون تي زماني جي ماڻهن بہ ٽوڪڻ شروع ڪيو آهي، ماڻهو چون ٿا تہ آءُ هن زماني جو مجنو ٿي پيو آهيان، هاڻ ڪيڏي نہ ناداني آهي ماڻهن جي ان سوچ جي جيڪي مون ناچيز کي مجنو سان ڀيٽڻ شروع ڪيو اٿن، آءُ پاڻ ان ڳالھ جو اسرار ڪريان ٿو تہ آءُ مجنو تہ ڪونہ ٿو ٿي سگهان ها البتہ مجنو جي محبت جو هڪ جُز ٿي سگهان ٿو

منجنو جي ليلا جي زلفن جي چمڪ ۽ ور وڪڙن جي تہ مون کي ڀلي ڀت ڄاڻ ڪونہ آهي ليڪن آءُ تنهنجي انهن زلفن جي ڪاراڻ، چمڪ ۽ ڌمڪ تي مُوهجي ڪري ڪنهن قدر تنهنجي محبت ۾ گرفتار ٿي پيو آهيان


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو