صحرا جي ڀاڪر ۾


گهڻو عرصو گذري چُڪو هو مون ڪنهن بہ شاعر جي شاعري کي سنجيدگي سان نہ پڙهيو، ها البتہ ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، تاريخ، تنقيد ۽ مقالمن کي مون ڪجھ جهجو وقت ڏنو

هاڻ ڪجھ ڏينهن پهريان صاحب ڪتاب پنهنجو ڪتاب مون کي تحفي طور ڏنو، مون پڙهڻ شروع ڪيو، الاءِ ڇو زندگي ۾ پهريون دفعو شاعري ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي دلچسپي بہ ايتري جو آءُ بنا ڪنهن ڊگهي ساهي جي هڪ ئي دم پورو ڪتاب پڙهي ويس

ڪتاب کي جڏهن مون پڙهڻ شروع ڪيو تہ منهنجي من جي اداس پاڇن کي روشني ملڻ لڳي، جوڳي جي هر هڪ خيال، تصور ۽ لفظ لفظ ۾ ڪمال جي منظر نگاري رکيل آهي، رحيمداد جوڳي ڪتاب جي اُڻويھون صفحي تي لکي ٿو

هُن مون ڏي
ايئن نهاريو
جيئن چنڊ ڏي
ٻار نهاريندو آهي

چنڊ ڏي ٻار جو نهارڻ تجسس تي مشتمل هڪ عمل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻار چنڊ کي پسڻ جا خواب پنهنجي اکين ۾ رکي انهن جي ساڀيان لاءِ هڪ طويل انتظار جو عادي ٿي ويندو آهي، رحيمداد اُن ٻار جي انهي تهجب توڙي تجسس واري نهار کي نثري نظم جو خوبصورت ويس پارائي اسان توهان آڏو پيش ڪيو

سندس پوري ڪتاب ۾ انيڪ اهڙا نثري نظم آهن جن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ منٽن لاءِ مون کي ڪتاب بند ڪرڻو پيو، ڪتاب بند ان لاءِ تہ انهن نظمن ۾ فڪر جا تمام وڏا ۽ گهرا فلسفا سمايل هئا جن کي سمجهڻ لاءِ شايد اسان کي اڃا وڌيڪ ڪجھ وقت جي ضرورت آهي، جيئن مثال طور رحيمداد صفحي نمبر اُڻيتاليھ تي لکيو آهي

ماڻهوءَ
جو
ٿڪُ
مُئي
لهي!

ڏسو نہ ڪيڏو نہ سگهارو خيال جوڳي صاحب انتهائي آسان لفظن ۾ بيان ڪري ويو آهي، سندس اهڙا انيڪ ئي نثري نظم آهن جيڪي گهڙي کن لاءِ دماغ جي سڀني مفروضن کي رد ڪري ڇڏين ٿا، ڏاهپ جي راهن کي هموار ڪن ٿا ۽ هڪ عام انسان کي بہ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا

اِها حقيقتن شاعر جي ڪاميابي چئجي جو انهي جي شاعري منجھ اُهي سڀئي گُهرجون مڪمل هجن جيڪي هڪ عام ماڻهو ۽ هڪڙي عاشق جي دلين ۾ ساڳيون هونديون آهن

رحيمداد جوڳي جو هي نظم پڻ شاهڪار نظم آهي

روئڻ
خدا کي وڻندو آهي
۽ کلڻ
محبوبائن کي

هي مٿيون نثري نظم روئڻ جي ٻن متضاد ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جو شاهڪار نمونو آهي، فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿي ٿو تہ محبوبائن کي عاشقن جو هميشه کلڻ ئي وڻندو آهي، روئڻ واري حال ۾ تہ محبوبائون پنهنجن عاشقن کان ڪناره ڪشي ڪري وينديون آهن

ان جي ڀيٽ ۾ وري خدا هميشه نماڻن نيڻن، مايوس دلين ۽ روئندڙ حالت کي پسند ڪندو آهي، انسان جي روئڻ سان خدا کي پنهنجي بندي سان هڪ چاھ پيدا ٿيندو آهي ۽ اُنهي چاهت جو ڀرم رکندي خدا پنهنجي بندي جا سڀئي ڏوھ گناھ معاف ڪري ڇڏيندو آهي

رحيمداد جوڳي ميرواھ جو اُهو حقيقي جوڳي فقير آهي جنهن سماج مان دردن، تڪيلفن ۽ پِيڙائُن کي پنهنجي نفيس و نرم مزاج طبعيت سان محسوس ڪندي انهن کي نثري نظمن طور قلم بند ڪيو

سندس هن ڪتاب ۾ جيئري جاڳندي توڙي سڪونيت اختيار ڪيل هر هڪ ڪردار تي نثري نظم لکيل آهن سندس نظمن کي پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي ڄڻ جوڳي جو روح رولاڪ هجي ۽ هُو واقعي چنڊ تي رهندڙ ڪو سيلاني فقير هجي


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو